About Us

دي رائيز نيوز

خواب (وزيئن)

دي رائيز نيوز شهرين کي حقيقت تي ٻڌل، معياري خبر ۽ دليلن تي ٻڌل  ڄاڻ ڏني ويندي. جيڪي شهرين کي سنجيده مسئلن، پاليسي کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيڻ سان گڏوگڏ  جمهوريت کي مضبوط ڪندي. اسان هڪ معياري ۽ ذميواري سان انساني حقن تي آواز اٿارڻ ۽ بي آوازن کي آواز ڏينداسين.

مقصد (مشن)

دي رائيز نيوز هڪ غيرسرڪاري ادارو (رجسٽرڊ سوسائٽي ايڪٽ XXI of 1860 ) آهي. اسان هڪ خودمختيار صحافتي اداري تي يقين رکون ٿا. اسان جي پاليسي آ ته حڪومت کان اشتهار نه ورتا وڃن پر پڙهندڙن جي مدد سان، هڪ بهتر صحافت جو بنياد وجهون. اسان جي لاءِ اهو آسان نه هو جو اشتهارن جي بغير ٽي آر اين (دي رائيز نيوز) کي کوليون پر اسان هڪ بهتر ۽ خودمختيار جي صحافت تي يقين رکون ٿا.

جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ميڊيا اُڀري پئي، پر سنڌ صوبي ۾ ان جي شديد ضرورت کي محسوس ڪيو ويو آهي ڪجهه اهم موضوع مثلن عورتن جي برابري جا حق، ٻارن ۽ غير مسلم جن جا آواز  پوري آزادي سان ميڊيا تي نه پيا اچن. هتي (سنڌ صوبي) انگريزي ميڊيا جي اڻهوند کي محسوس ٿي آهي ۽ ٻئي پاسي فيصلا ڪندڙن تي اثر انگريزي ميڊيا جو گهڻو ڏٺو پيو وڃي.

دي رائيز نيوز سنڌي ۽ انگريزي ۾ ان خال کي پُر ڪندي بي آوازن کي آواز ڏيڻ چاهي ٿي. ٽي آر اين انهن مسئلن تي روشني وجهندي جيڪي مسئلا قومي ميڊيا تي اڻٻڌو ڪيا پيا وڃن ڇو جو انهن مسئلن ڪري ئي عام ماڻهو گهڻو متاثر ٿئي ٿو.

اسان جو اهم موضوع انساني حقن سان گڏ ڪرپشن، تعليم ۽ اقتصادي پاليسيون آهن.

دي رائيز نيوز پنهنجي حقيقت تي ٻڌل ڪم ذريعي سچ کي واکو ڪندي ۽ حڪومت کي اڪائونٽيبل بڻايو ويندو.

دي رائيز نيوز يقين رکي ٿي ته ڊيجيٽل ميڊيا جي نئين ٽيڪنالاجي کي اپنائيندي عوام جي آوازن کي اُڀاريندي، انهي ٽيڪنالاجي ذريعي صحافتي قلم ذريعي مسئلن جي حل جي ڳولهاء ۾ پنهنجو ڪردار به ادا ڪندي.

صحافتي پليٽ فارم کي مضبوط ۽ سگهارو پليٽ فارم آهي جنهن ذريعي عوام کي انهن جي بنيادي حقن کان واقف ڪرڻ، ڇاڪاڻ جو ڪرپٽ نظام هميشه عوام کي بنيادي حقن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيستائين عوام کي پوري طرح سان ڄاڻ نه ٿي ملي، مثلن سرڪاري، جج، پوليس ۽ سڀئي جيڪي پاور ۾ آهن، انهن کي ذميواري نه ٿا بيهاري سگهن.

اسان يقين رکون ٿا ته دنيا کي لفظ (قلم) تبديل ڪري سگهن ٿا، ۽ اسان جو اهو ئي يقين هڪ بهتري آڻيندو. هڪ بهتر ڪم ذريعي سماج ۾ مثبت تبديلي آڻينداسين.

ڊونيشن ۽ اسپناسرشپ جي لاءِ حڪمت عملي:

دي رائيز نيوز پنهنجي پڙهندڙن کي بهتر ڄاڻ ڏيندي، جيڪا حقيقت جي بنياد ۽ غيرجانبدار هوندي. پر اسان کي ان جي لاءِ توهان جي مدد ۽ ساٿ جي ضرورت آهي ته جيئن هن مقصد کي اڳتي وڌائي سگهون.

دي رائيز نيوز پوري طرح سان يقين رکي ٿي ته ڊيجيٽل ميڊيا جي ذريعي خومختيار آواز ٻڌي سگهجن ٿا. جيڪڏهن اسان حڪومتي ۽ ڪمرشل ايڊورٽازمينٽ جا محتاج نه هجون.

دي رائيز نيوز جي پاليسي آهي ته حڪومت کان اشتهار نه ورتا وڃن.

اسان ڊونيشن ۽ اسپانسرشپ تي اُميد رکون ٿا.

دي رائيز نيوز شفافيت تي يقين رکندي ان لاءِ اسان پنهنجن پڙهندڙن کي آگاهه ڪنداسين ته ڪير ڊونيشن ڏئي رهيو آهي.

اسان هتي اهو واضح ڪندا هلون ته ڊونيشن ۽ اسپانسرشپ ڏيندڙ، اداري جي پاليسين تي اثر انداز نه ٿيندا. دي رائيز نيوز هڪ خودمختيار ادارو آهي ۽ ڪنهن به قسم جو بااثر ماڻهن/آرگنائيزيشن جو قبول نه ڪندي.

دي رائيز نيوز ڊونيشن ڏيندڙن کي گذارش ڪندي ته اسان کي اجازت ڏين ته اسان انهن جو نالو پنهنجي ويب سائيٽ تي پڙهندڙن سان شيئر ڪيون جيڪڏهن اهي ان ڳالهه تي راضي نه ٿا ٿين ته پوءِ ادارو سالاني رپورٽ ۾ نالو ظاهر ڪرڻو جو پابند هوندو.

دي رائيز نيوز ڪنهن به اسپانسرشپ يا ڊونيشن کي قبول نه ڪندي جيڪي fairness products يا اڻبرابري کي واڌارو ڏين. اسان يقين رکون ٿا ته سڀ ماڻهو برابر آهن پوءِ اهي ڪنهن به رنگ يا نسل سان واسطو رکندڙ هجن.  توهان جا نظريا ۽ سوچ وڌيڪ اهميت رکندڙ آهن.