پاليسي ۽ استعمال جون شرطون

اخلاقي قدر:

ادارو (دي رائيز نيوز) يقين رکي ٿو ته حقيقيت، سچ ۽ غيرجانبدار رپورٽ ڪئي ويندي ۽ تجزيو به ڄاڻ ڏيندڙ هوندو. جيڪي اسان سان ڪم يا لکڻيون شيئر ڪن ٿا اداري جي اصولن کي ضرور پڙهن.

دي رائيز نيوز:

مواد ڏيندڙ حقيقت – غيرجانبدار ۽ وچٿرو هجڻ گهرجي.

جيڪي به مواد شايع ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو ان جي لاءِ ٽن لفظن کي ڌيان ۾ رکڻ انتهائي ضروري آهي ٻيهر جائزو – ٻيهر جائزو – ٻيهر جائزو وٺڻ ضروري آهي.

ڄاڻ ڏيندڙ کان ان جو ذريعو ضرور پڇو ته اهي ڄاڻ ڪنهن جي بنياد تي ڏين ٿا؟

رپورٽر ۽ موڪليندڙ مواد – پنهنجي مواد جا پاڻ ذميوار هوندا ته ان جو مواد سچ تي ٻڌل آهي.

ڪنهن به ڄاڻ ڏيندڙ يا اهم شخصيت کان گفٽ نه وٺو ڇو جو اها توهان ۽ اداري (ٽي آر اين) جي اهميت کي ڌڪ رسائيندي.

ثقافتي طورتي ڪير چانهه يا کاڌي جي آڇ ڪري ٿو ته ان کي قبول ان وقت ڪري سگهجي ٿو جيڪڏهن هو سڀ ڪلچر جي مد ۾ ڪيو وڃي ٿو.

ٻين جي مواد کي هميشه ڪريڊيٽ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڪڏهن به مواد جي چوري نه ڪيو. جيڪڏهن ڪنهن به ان جي خلافي ورزي ڪئي ۽ اداري کي خبر پئي ته توهان اصولن جي ابتڙ ويا آهيو ته پوءِ ادارو ان خلاف قدم کڻڻ جو حق رکي ٿو پڻ توهان پنهنجو اداري سان ساٿ ختم سمجهو.

ذاتي مفادن کي نظر انداز ڪيو.

توهان پنهنجو ذاتي نظريون واضح ڪندي اهو ٻڌائي ڇڏو ته توهان جو مواد غيرجانبدار آهي.

جيڪڏهن ڪير پنهنجي شناخت ظاهر ڪرڻ نه ٿو چاهي ان صورت ۾ ته ان جي زندگي محفوظ ناهي. مواد جي تصديق ڪريو پڻ تصديق ڪندڙ آن دي رڪارڊ ڏيڻ چاهي ان کان ضرور پڇا ڪيو.

ڪنهن به متاثر ڌر جي تصوير ۽ نالو ظاهر نه ڪريو جيستائين خاندان ان جي اجازت نه ٿو ڏي. جنسي زيادتي جو شڪار ٿيڻ فرد جو نالو ۽ تصوير بلڪل به شايع ناهي ڪرڻي.

اسپانسر ڪندڙ، اداري جي لکڻين تي اثرنداز نه ٿيندا.

توهان سوشل ميڊيا تي پنهنجي ذاتي راءِ ڏيڻ جو حق رکو ٿا پر ايترو ضرور خيال رکو ته توهان جي راءِ اداري کي ڪٿي متاثر نه ڪري.

پهرين توهان خبر ٽي آر اين سان شيئر ڪندوء پوءِ توهان ان کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري سگهو ٿا.

مواد لکڻ دوران ڪا چُڪَ ٿي وڃي ته ان غلطي کي تسليم ڪندي، درست ڪريو ۽ پنهنجن پڙهندڙن سان به شئير ڪريو ته توهان پنهنجي غلطي کي درست ڪري ڇڏيو آهي.

توهان کي ياد رکڻ گهرجي ته توهان جي مٿان هڪ اهم ذميواري آهي توهان هميشه سچ کي واکو ڪندوء ۽ بي آواز جو آواز ٿندوء.

هميشه ماڻهن جي ذاتي زندگي احترام ڪريو پڻ ماڻهن جي برابر حقن (Equal Rights) .جو به احترام ڪندو.

ٻيهر مواد کي شايع ڪرڻ جي حوالي سان پاليسي:

دي رائيز نيوز توهان کي حق ڏئي ٿي ته توهان اسان جو مواد شايع ڪري سگهو ٿا ان شرط تي ته توهان دي رائيز نيوز کي ڪريڊيٽ ۽ لنڪ به شيئر ڪندو. جيڪڏهن توهان مواد ڪنهن ٽيئن ڌر جو شامل ڪيو پيا ته لکندڙ ۽ اداري کان اجازت وٺو.

نيوزليٽر بابت:

دي رائيز نيوز جو نيوز ليٽر توهان کي ڇپندڙ خبرن ۽ ٻين مواد جي حوالي سان باخبر رکندو. ادارو ڪنهن به صورت ۾ توهان جي ايمل ايڊريس ٽيئن ڌر سان شيئر نه ڪندو. توهان جيڪڏهن نيوز ليٽر جي رڪنيت ختم ڪرڻ چاهيو ته توهان نيوز ليٽر جي لنڪ ۾ وڃي ڪري سگهو ٿا.

راءِ ڏيڻ بابت پاليسي:

اسان توهان جي راءِ جو احترام ڪنداسين پر جيڪڏهن توهان جي راءِ اداري جي پاليسي جي ابتڙ وئي ته پوءِ ادارو حق رکي ٿو ته توهان جي ڏينل راءِ کي حذف ڪيو ويندو.

توهان جي راءِ موضوع تي هجڻ گهرجي

نفرت واري تقرير/راءِ منع ٿيل آهي

ڪنهن به قوميت، مذهب، جنس، معذوري، جنسي شناخت يا عمر تي غلط راءِ ڏيڻ منع آهي

لکندڙن تي ذاتي حملو ۽ بدزباني نه ڪريو

توهان جي راءِ جيڪڏهن غلط ڄاڻ ۽ گهمراهه ڪندڙ هوندي ته اسان ان خارج ڪرڻ جو حق رکون ٿا

ذاتي يا ڪمرشل ڏکاءُ جي اجازت ناهي

اسان توهان جي راءِ شايع نه ٿا ڪريون ته توهان ان جي حوالي سان اداري کي ايمل ڪري سگهو ٿا ايمل ايڊريس comment@therisenews.com

مواد شايع ڪرڻ جي بابت پاليسي:

دي رائيز نيوز يقين رکي ٿي ته نوجوان قلمڪارن کي پليٽ فارم مهياء ڪري رهي آهي. توهان جون لکڻيون اداري جي اصولن ۽ قدرن تي پورو لٿيون ته ان کي شايع ڪيو ويندو. اسان اُميد رکون ٿا ته توهان ماڻهن جي ذاتي زندگي جو پورو خيال رکندوء.

توهان پنهنجي مواد جا پاڻ ذميوار هوندوء. اسان تعصب، جانبدار ۽ غير معياري مواد کي قبول نه ڪنداسين.

نوٽ: توهان جي ايمل ۽ فون نمبر ٽيئن ڌر سان شيئر نه ڪيو ويندو. اهي دي رائيز نيوز وٽ ئي رهندا. توهان ايمل ايڊريس مواد ۾ شايع ڪرڻ چاهيو ته ادارو ان کي شامل ڪندو.