آچر ڏهاڙي آڪٽوبر 27، 2024 تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ماحولياتي تحفظ مارچ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌو درياھ مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ کي سنڌ دشمن منصوبو قرار ڏنو ويو. هي مارچ ان وقت ٿي ڪيو ويو جڏهن پوري سنڌ ۾ سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال صوبو پنجاب ڪڍي رهيو آهي. جهن سان سنڌ جي سرسبز زمين بنجر ۽ پنجاب پنهنجي چولستان کي سرسبز ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ماحولياتي تحفظ مارچ سنڌو درياهه تي اڏيندڙ ڪئنالن جي سخت مذمت ڪئي.
ڪلائميٽ ايڪشن سينٽر، پاڪستان ماحوليات بچايو تحريڪ، فشر فوڪ فورم پاران ”زندگي“ عنوان هيٺ ڪراچي جي فيرئير هال ۾ ڪلائميٽ مارچ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سميت مختلف شاگرد تنظيمن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مارچ ۾ شريڪ ڪلائميٽ ايڪشن سينٽر جي اڳواڻ ياسر دريا جو چوڻ ھيو ته هن مارچ جو بنيادي مقصد ماحول دشمن منصوبن، سامونڊي ۽ هوائي گدلاڻ خلاف سگهارو آواز اٿارڻ آھي. سندس چوڻ ھيو ته ڪراچي جي آبهوا مسلسل تباھ ٿي رهي آھي، ماحولياتي تحفظ لاء حڪومت کي سنجيدگي سان اپاءُ وٺڻا پوندا.
ٽريڊ يونين جي اڳواڻ ناصر منصور جو چوڻ ھيو ته سنڌو درياھ مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ سنڌ دشمن منصوبو آھي، اهڙي منصوبي سان سنڌ جي زراعت ۽ ڊيلٽا تباھ ٿي ويندو. سندس چوڻ ھيو ته سرمائيداري نظام ۾ ماحول دشمن منصوبا جوڙيا وڃن پيا جنهن سان عام ماڻھو کي ڀوڳڻو پوندو.
مارچ ۾ شريڪ اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ڊي ايڇ اي اي بحريا ٽائون سميت مختلف منصوبا ماحولياتي تباھي جو بنياد آھن، حڪومت اهڙن منصوبن تي غور نه ڪري جيڪي انهن جي پنهنجي ماحولياتي پاليسي جي خلاف آهن.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو