ڪراچي: پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن 16 آڪٽوبر 2024 تي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي مان 9 بلوچ شاگردن کي کنڀيو هو. انهن شاگردن جي جبري گمشدگي کانپوءِ، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي اعلان ڪيو ته هو آچر 20 آڪٽوبر 2024 تي ڪراچي پريس ڪلب تي هڪ پرامن احتجاج منعقد ڪندا، جيئن بلوچ ماڻهن جي جبري گمشدگين خلاف پنهنجي آواز اٿاري سگهن.
بلوچن جي اغواه ۾ اضافو ٿيو آهي، ۽ ڪيترائي بلوچ شاگرد ڪراچي، لاهور، ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن مان کنڀيا ويا آهن، جن ۾ ڊيره بگٽي، نوشڪي، قلات، تربت، وندر، نال، ۽ پنجگور شامل آهن. مقامي رپورٽن موجب، رڳو هن مهيني 50 کان وڌيڪ بلوچن کي کنڀيو ويو آهي.
آچر 20 آڪٽوبر تي، ڪراچي پريس ڪلب جي چوڌاري وڏي انگ ۾ پوليس فورس موجود هئي، جيڪو گذريل آچر 13 آڪٽوبر وانگر هو، جڏهن سنڌين جي مذهبي انتهاپسندي خلاف پرامن احتجاج کي روڪڻ لاءِ پوليس مقرر ڪئي وئي هئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اڳ ۾ بيان ڏنو هو ته سندس حڪومت پرامن احتجاج جي حق جي پوري يقين ڪري ٿي. بهرحال، ساڳئي صوبائي حڪومت بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي پرامن احتجاج خلاف وري ساڳيو تشدد وارو عمل ڪيو.
انعام يافته انساني حقن جي ڪارڪن سمي دين بلوچ دي رائيز نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچن کي صرف بلوچ هجڻ جي سزا ملي رهي آهي. انهن کي اجازت ناهي ته هو جبري کنڀجڻ خلاف پنهنجو آواز اٿاري سگهن. “ جڏهن مان ڪراچي پريس ڪلب ڏانهن اچي رهي هوس، ته مون کي پوليس رستي تي روڪيو ۽ رڳو ان ڪري مون کان سوال پڇيا ويا، جو مان بلوچي لباس ۾ هويس.” هن تنقيد ڪندي چيو ته ٻين کي احتجاج ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته بلوچن کي احتجاج ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ ڳالهائيند چيو ته هوءَ ۽ سندس ساٿي احتجاج کي رڪارڊ ڪرائيندا، ڇو ته هي جبري کنڀيل بلوچ شاگردن لاءِ اهم آهي.
پوليس جو تشدد ۽ بلوچ ڪارڪنن جي گرفتاري
بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ۽ بلوچن ڪراچي پريس ڪلب جي ڀرسان احتجاج شروع ڪيو ڇاڪاڻ ته ٻين سماجي ڪارڪنن اڳ ۾ ئي اتي احتجاج ڪيو پئي. جڏهن بلوچن پنهنجا پلي ڪارڊ کوليا، ته پوليس وڏي تعداد ۾ آئي ۽ کين احتجاج ڪرڻ کان منع ڪيو. سمي ۽ لالا عبدالوهاب بلوچ، جيڪي احتجاج جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا، پوليس کان درخواست ڪئي ته کين پرامن مظاهرو ڪرڻ ڏنو وڃي جيئن ٻين کي به ڏنو ويو آهي. پر سندن درخواست ٻڌي نه وئي. پوليس مظاهرين کي پريشان ڪندي رهي ۽ انهن کي ايترو وقت به نه ڏنو جو هو ٽين منٽ جي تقرير به ڪري سگهن.
اهڙي دٻاءُ واري صورتحال جي باوجود، مظاهرين پنهنجو پرامن احتجاج ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. لالا وهاب ۽ سمي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انهن جو پوليس سان ٽڪرائڻ جو ڪو ارادو ناهي. انهن خدشو ظاهر ڪيو ته پوليس کين ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، جيئن هو سندن نوجوان ڇوڪرن کي گرفتار ڪري سگهن. ان کانپوءِ بي وائي سي جي اڳواڻن احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر پوليس کين منتشر ٿيڻ جو وقت نه ڏنو ۽ مظاهرين جو پيڇو ڪندي نوجوان بلوچ ڇوڪرن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
آخرڪار بي وائي سي جي مرڪزي ڊپٽي آرگنائيزر لالا وهاب بلوچ ۽ ٻين چئن ماڻهن: سيف بلوچ، عطا الله بلوچ، بابول بلوچ، ۽ آفتاب بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو، ۽ انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. هن وقت اهي آرٽلري ميدان ٿاڻي ۾ قيد آهن، پر سندن موجوده جاءِ بابت ڪا خبر ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي ڪنهن نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ان حوالي سان پوليس تي تنقيد ٿي، ته پوليس بعد ۾ انهن جي ٿاڻي تي موجودگي جي تصديق ڪئي.
سادي لباس ۾ موجود ماڻهن پوليس کي ٻڌايو ته ڪنهن کي گرفتار ڪرڻو آهي. هڪ موقعي تي، هڪ پوليس اهلڪار غصي ۾ اچي سادي لباس وارن ماڻهن کان پڇيو ته ڪنهن کي گرفتار ڪجي. ان کان پوءِ، انهن لالا وهاب ۽ ٻين چار بلوچ ماڻهن کي گرفتار ڪيو.
ساڳئي وقت، پوليس اهلڪارن ۽ سادي لباس وارن بلوچ عورت مظاهرين جي مٿان ٺٺول ڪئي، جيڪي جبري گمشدگين خلاف نعرا لڳائي رهيون هيون، ۽ انهن تي طنزيه انداز ۾ چيو، ”پڪڙو پڪڙو.“ جڏهن بلوچ عورتن جاچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، ۽ ڪير به نظر نه آيو، ته سادي ڪپڙن ۾ آفيسر ۽ پوليس اهلڪار انهن تي ٺٺول ڪندي ٽهڪ ڏنا. هي ڪا مذاق جي گهڙي نه هئي، پر اهو دردناڪ لمحو هو، جتي نوجوان بلوچ ڇوڪرين جا چهرا فڪرمندي ۽ خوف سان ڀرجي ويا، جڏهن ته هو صرف انصاف لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪري رهيو هيو.
سمي دين پوليس کي درخواست ڪندي رهي ته هو انهن کي حراسان ڪرڻ بند ڪن، جيئن هو احتجاج کي ختم ڪري سگهن پر پوليس ان جي اجازت نه ڏني. ان جي بدران، پوليس مظاهرين کي هڪ طرف کان ٻي طرف ڪندي رهي. سمي دين غصي ۾ چيو ته مان هتي موجود آهيان ته پنهنجي ماڻهن کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ چوان، پر توهان (پوليس) اسان کي احتجاج ختم ڪرڻ نه پيو ڏيو آخر توهان ڇا پيا چاهيو؟!
سماجي ڪارڪن آمنه بلوچ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن 144 نافذ نه به هجي رياست بلوچن خلاف ان کي مڙهندي ته جيئن بلوچ پنهنجو پرامن احتجاج نه ڪري سگهن. بلوچن کي اجازت ناهي ته هو ناانصافي خلاف ڳالهائين. رياست اسان جي بلوچن کي اغوا ڪري قتل ڪري ۽ پوءِ رياست سمجهي ته اسان خاموش رهنداسين. اها رياست جي غلطي آهي؛ اسان ڪڏهن به خاموش نه رهنداسين.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو