سنڌ ۾ پوليو وائرس جا وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آھي.
تفصيل موجب سال 2024 ۾ 12 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آھن جڏھن ته 160 ماحولياتي نمونن ۾ پڻ پوليو جي تصديق ٿي چڪي آھي، جنهن بابت ذريعن جو چوڻ آھي ته ڪو به ڪمزور ٻار جنهن جي عمر هڪ سال يا وڌيڪ هجي ان کي پوليو وائرس متاثر ڪري سگهي ٿو.
پاڪستان جي پوليو خاتمي واري پروگرام مطابق سال 2024 ۾ پوليو وائرس جا 39 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آھن. تفصيل موجب بلوچستان ۾ وائرس جا 20 ڪيس، سنڌ ۾ 12 ڪيس، خيبرپختونخوا ۾ 5 ڪيس جڏھن ته پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آھي.
واضح رهي ته سموري دنيا اندر پوليو وائرس تي مڪمل طور تي ضابطو آندو ويو آھي جڏھن ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڪيس سامهون ايندا رهن ٿا.
دي رائيز نيوز سان ڳالهائيندي ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر ارشاد علي سوڍر جو چوڻ آھي ته هن سال سنڌ ۾ پوليو جا ڦُڙا پيارڻ لاء مجموعي طور 9 مهم هلي چڪيون آھن جڏھن ته آگسٽ ۾ متاثر علائقن ۾ خصوصي مهم پڻ هلائي وئي آھي.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو