ھر آمر پنھنجي بستري ۾ مري ويندو. پر اسان وٽ اهو جملو شايد لاڳو ئي نه ٿو ٿئي، هتي آمريت ترو تازه ۽ اڳ کان وڌيڪ ظالم آهي. جيڪڏهن ڪير ان خوشفهميءَ ۾ آهي ته آمريت ختم ٿي چڪي آ ته پوءِ ان کي پارليامينٽ ۾ ويٺل سياستدانن جا حال ڏسڻ گهرجن جن کي ايترو به اختيار ناهي ته گلاس کڻي سڄي يا کٻي رکي سگهن. رڳو ايترو ئي نه پر سنڌ ۽ بلوچستان جا زخم ڏسن ته شايد اهي محسوس ڪرائي سگهن ته آمريت حقيقت ۾ سنڌين ۽ بلوچن لاءِ ڪڏهن مُئي ئي ناهي.
اهي جيڪي اهو سمجهي رهيا آهن ته هتي جمهوريت آهي، انهن جا ڀرم ٽُٽي پيا، جڏهن انهن ضياءَ ۽ مشرف جي آمريت کي چکيو. سنڌ جو اهو نسل جنهن صرف تاريخ جي ڪاغذن ۾ پڙهيو هجي ته آمريت ڪيئن ٿيندي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي نالي تي مليل ووٽن تي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ پيپيلز پارٽي 144 سيڪيشن جي نالي تي آمريت لاڳو ڪئي.
ان 13 آڪٽوبر جي ڏينهن آمريت ڪراچيءَ جي روڊن تي لانگ بوٽ پائي موجود نه هئي، پر ان وقت هو سول ڪپڙا پائي معصوم سنڌين جي آواز کي دٻائي رهي هئي. ان ڏينهن سول ڪپڙن واري آمريت جو ڏاڍ نظر اچي رهيو هو. جيڪا پوليس عام شهرين تي ڪڙڪي پوندي آهي، تنهن وقت اها به سول ڪپڙن واري آمريت سامهون ’جي حضوري‘ ڪندي نظر آئي… بس! سول ڪپڙن وارن جو صرف هڪ اشارو ئي ڪافي هو، ته ڪنهن کي گرفتار ۽ ڪنهن مٿان ڪڙڪڻو هو.
ايستائين جو سول ڪپڙن واري پوليس کي گٿا لفظ ڳالهائيندي چيو ته بيغرتئو، توهان ڇا جي لاءِ بيٺا آهيو…؟! هڪ پُرامن سنڌي قوم جو احتجاج، جن جي گهُر مذهبي انتها پسنديءَ کي ختم ڪرڻ هئي. جيڪي سوسائٽيءَ ۾ امن جي گهُر ڪري رهيا هئا. جيڪي رياست کي ان جو آئينو ڏيکاري رهيا هئا.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن آمريت کي ڪير آئينو ڏيکارڻ جي ڳالهه ڪندو ته پوءِ اهو گناهه ۾ شامل ٿيندو، ڇاڪاڻ جو آمريت جو ڏاڍ ئي قانون ۽ آئين آهي، باقي جنهن آئين جي ڳالهه هي ساده سٻاجهڙا سنڌي ڪري رهيا هئا ان کي ضياءَ کان وٺي مشرف تائين ڪاغذ جو ٽڪرو قرار ڏئي چڪا آهن، پر ڇا ڪجي، ان ڪاغذ جي ٽڪري تي گهڻن کي يقين آهي ته متان رياست انهن جي آواز کي ٻُڌي ۽ مذهبي انتها پسنديءَ کي ختم ڪرڻ ۾اڳيان اچي.
اهڙو ڪجهه به نه ٿيو ان جي ابتڙ پوليس جي هٿن وارا ڏنڊا سنڌين جي مٿان زور سان وسي رهيا هئا ۽ مذهبي نعره ، ’نعره تڪبير، الله اڪبر‘ هڻي رهيا هئا. ايستائين جو پوليس وارن جا ڏنڍا ٽٽي پيا ۽ انهن ۾ هڪ ٻه پوليس وارا کلڻ لڳا ته اسان جا ڏنڊا ٽُٽي پيا آهن. هر هڪ سنڌي کي گھليندا رهيا، ايستائين جو انهن آڏو سنڌي نارين لاءِ ڪو احترام ئي نه رهيو، جنهن انداز سان انهن کي گهليو ويو، ائين لڳو، ڄڻ انهن ڪو وڏو جرم ڪيو هجي، پر سنڌ جي ناري به واپس وري گجگوڙ ڪري آمريت جي ڏاڍ کي للڪاريو. ائين لڳو ته رياست جي آمريت سنڌ کي لتاڙي رهي آهي، پر سنڌ وري اُٿي وڏي للڪار سان موٽ ڏئي رهي هئي.
خير! پوليس جي ڏاڍ کان اسان جي صحافي ڪميونٽي به نه بچي سگهي، هڪ سڄو ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب جا رستا بلاڪ ڪري صحافين کي ڊگها پنڌ ڪرائي خوار ڪيو ويو ته ٻئي پاسي ڏنڊا پڻ وسايا ويا. صحافين جو ڏوهه اهو هو ته هو سول ڪپڙن وارن جي آمريت کي رپورٽ ڪري رهيا هئا. هونئن به سچ کي رپورٽ ڪرڻ ڏوهه آهي ۽ ان ڏوهه جي سزا صحافين کي ملندي رهي آهي ۽ ملندي رهندي.
هڪ ڳالهه ياد ڪرائيندي هلان ته پيپلز پارٽي ضياءَ ۽ مشرف جي آمريت جو روپ بلوچ نارين خلاف به ڏيکاري چڪي آهي. پيپلز پارٽي پنهنجين غلطين کي درست ڪرڻ بجاءِ انهن ۾ اضافو ڪندي رهي آهي، ڇو جو انهن کي پڪ آ ته ماڻهو وساري ڇڏيندا ۽ وري پيپلز پارٽيءَ جي ڀَرَ ۾ اچي بيهندا، پر شايد هن ڀيري ائين نه ٿئي.
اسان سنڌين لاءِ آمريت ڪڏهن مُئي ناهي، اسان مٿان رياست هر دور ۾ پنهنجي آمريت لاڳو ڪندي رهي ٿي ۽ سنڌ جي درد ۾ هر روز اضافو ٿيندو رهي ٿو ته سنڌ جي ڪلهن تي هڪ پاسي نوجوانن جا جنازه ته ٻئي پاسي سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن. سنڌ هر پاسي کان وڙهي رهي آهي. پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جي درد جو اندازو ئي نه ٿيندو، ڇو ته اقتدار جي لاءِ اهڙن ڪارن فيصلن جي جرم ۾ اِهي به شريڪ آهن.
پيپلز پارٽي جنهن کي تِرَ جيترو به احساس ناهي ته سنڌي ڪهڙي درد مان گذري رهيا آهن. ڇا انهن کي ايترو احساس ٿيو ته ڪراچيءَ جي روڊن تي ضياءَ ۽ مشرف جو روپ ڌاري سنڌ حڪومت سنڌين کي گهِلي رهي هئي، سنڌين مٿان ڏنڊا وسائي رهي هئي، ان کي ڏسي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو به ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو هوندو، شايد اقتدار جو مزو ماڻيندڙ وزير ٽهڪ ڏئي چوندا هجن ته اڃان ڪريو احتجاج…! ڦٽڪن جو مزو آيو.
ڏٺو وڃي ته اهي ڦٽڪا پيپلز پارٽي زور سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ضياءَ ۽ مشرف خلاف هلايل آمريت واري جدوجهد کي هڻي رهيا هئا.جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان ڏينهن جون تصويرون ۽ وڊيوز ٻيهر ڏسي وٺن، انهن کي اندازو ٿي ويندو ته ڦٽڪا اصل ۾ ڪنهن کي لڳا ۽ تاريخ جي باب تي ڪارو باب ڪنهن جي نالو ٿيو…!؟
رياست، سنڌ جي سڃاڻپ کي مٽائڻ لاءِ مذهبي انتهاپسنديءَ جو وارُ ڪيو آهي، ان کي ايتري سمجهه هجڻ گهرجي ته سنڌ اهو ڪڏهن به قبول نه ڪندي، ڇو جو سنڌ جي رڳن ۾ سنڌو درياهه جي تهذيب آهي. ان کي مٽائڻ سولو ناهي، سنڌي پنهنجي مٿان ڦٽڪا کائيندا پر سنڌ جي روح کي مذهبي انتهاپسنديءَ جي هٿان ختم ٿيڻ نه ڏيندا.
ڇا اڃان رياست کي ثبوت گهرجي ته سنڌ جيڪا ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪيس ۾ اڪيلي سر اُٿي بيٺي آهي، جيڪا قوم اڪيلي سر اُٿي بيهي ان جي سڃاڻپ کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي.
اسان سمجهون ٿا ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪيس ۾ انصاف جلدي نه ملي سگهندو، ڇو جو هتي سنڌين لاءِ انصاف ملڻ آسان ناهي، شايد رياست ڪٿي انصاف ڪري ۽ اصل قاتل کي اڳيان آڻي جيڪي هينئر به رياست جي ڇانوَ ۾ لڪيا ويٺا آهن.
سنڌ جي ويڙهه بقا جي ويڙهه آهي ۽ ان مٿان آمريت هر وقت لامارا ڏيندي رهي ٿي، پر افسوس جو بلاول ڀٽو کان ٻه اکر به نه لکيا ۽ ڳالهايا ويا جو هو سنڌين کان معافي وٺي. بلاول، سنڌ کي پنهنجي سلطنت سمجهي رهيو آهي، جيڪڏهن سول ڪپڙن واري آمريت سنڌين کي روڊن تي گهليو يا ڏنڊا هنيا ته ڇا ٿيو؟! ان جي جڳهه تي بلاول، شهيد محترمه بينظير ڀٽو مٿان ضياءَ دور جي ظلم کي ياد ڪرڻ وڌيڪ اهم سمجهيو. شايد ڪٿي هن اهو سمجهيو هوندو ته هو همدرديون حاصل ڪري وٺندو. ڪيستائين بلاول ڀٽو ۽ هن جي پارٽي شهيد محترمه بينظير جي نالي تي همدرديون ۽ ووٽ حاصل ڪندي رهندي؟
سنڌ جي باب ۾ جتي اڳ ۾ ايوب، ضياءَ ۽ مشرف جي آمريت جا باب هئا انهن ۾ هڪ باب سول ڪپڙن جي آمريت جو پيپلز پارٽيءَ اضافو ڪيو آهي. تاريخ ۾ يقيناً ياد ڪيو ويندو ۽ سنڌي ڪنهن به آمريت کي وساريندا ناهن ۽ نه ئي هن ڀيري وسرڻ ڏيندا.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو