ڪراچي: جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ لڳ زوردار بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 چيني شھرين سميت 3 ڄڻا فوت جڏھن ته 11 ڄڻا سخت زخمي، ڌماڪي سبب ڪيترين ئي گاڏين کي نقصان، ڌماڪي جي ذميواري پابندي مڙھيل تنظيم بلوچ لبريشن آرمي جي مجيد برگيڊ قبولي ورتي آهي جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڌماڪي جي نوعيت جو تعين ڪرڻ لاء جانچ هلندڙ آهي.
گذريل رات جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ لڳ زوردار بم ڌماڪو ڪيو ويو جنهن جو آواز ڪراچي جي ڪلفٽن سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻڌڻ ۾ آيو، ذريعن مطابق ڌماڪو آئي اي ڊي ڊوائيس سان ئي ڪيو ويو آھي جنهن جو مقصد چيني شھرين کي نشانو بڻائڻ ھيو جڏھن ته واقعي ۾ ان وقت شدت آئي جڏھن هڪ گاڏي پڻ آئل سان ڀريل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي.
جناح اسپتال جي انتظاميا مطابق ٻن چيني شھرين ۽ هڪ نامعلوم شخص جا لاش جناح اسپتال آندا ويا هئا جن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آھي جڏھن ته 11 زخمي پڻ جناح اسپتال جي ايمرجنسي آندا ويا هئا جن مان چئن ڄڻن کي طبي امداد ڏيڻ کانپوء گهر روانو ڪيو ويو آھي جڏھن ته ٻين جو علاج جاري آھي.
ايس ايس پي ساجد سدوزئي مطابق ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 3 پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊ پڻ زخمي ٿيا آھن. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آھي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ پنج گاڏين کي باھ وڪوڙي وئي جڏھن ته مجموعي طور 7 گاڏين کي نقصان پهتو آھي.
واقعي جو وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نوٽيس وٺندي گهرو وزير کان رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي. واقعي کانپوء گهرو وزير ضياالحسن لنجار، گورنر ڪامران ٽسوري آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊائريڪٽر جنرل رينجرز سنڌ سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پهچي ويا جڏھن ته علائقي کي مڪمل طور تي سيل ڪري تحقيقات لاء مواد کي ظبط ڪيو ويو.
ٻئي طرف تنظيم بلوچ لبريشن آرمي جي مجيد برگيڊ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته مجيد برگيڊ پاران چيني شھرين تي حملو ڪيو ويو آھي جنهن جي تصديق چين جي سفارتخاني پڻ ڪئي آھي جنهن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته پورٽ قاسم اليڪٽرڪ ڪمپني جي قافلي تي حملي جي نتيجي ۾ ٻه شھري فوت جڏھن ته هڪ زخمي ٿي پيو آھي.
جولاءِ 2021 ۾ داسو ڊيم منصوبي تي ڪم ڪندڙ 9 چيني انجينيئر سان گڏوگڏ 13ماڻهو فوت ٿي ويا.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو