عمرڪوٽ: ”انهن ڊاڪٽر شاهنواز کي قتل ڪيو ۽ پوءِ به انهن جو دل نه ڀريو ته انهن لاش کي ساڙي ڇڏيو، ڊاڪٽر شاهنواز جي بيوه نعمت ڪنڀار جو آواز درد سان ڀريل هو هن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي وڃون ۽ هن سوال ڪندي چيو ته ”آخر انهن ائين ڇو ڪيو؟“ هڪ تفتيش به نه ٿي – ڪيس به نه هليو. انهن ائين ڇو ڪيو؟! اسان کي سوالن جا جواب گهرجن.
سوال صرف ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي بيوه ئي نه ٿي پڇي پر ان جي گهر ۾ موجود هر ڀاتي پڻ عمر ڪوٽ (امرڪوٽ) ۾ رهندڙ هر عام شهري پوءِ هو هندو يا مسلم هجي هر ڪنهن وٽ ساڳيا ئي سوال آهن.
ڊاڪٽر شاهنواز مٿان 17 سيپٽمبر تي توهين رسالت جو الزام لڳو جنهن کانپوءِ مذهبي گروپن خاص طورتي پيرسرهندي وارن عمر ڪوٽ ۾ وڳوڙ ۽ نفرت انگيز تقريرون ڪيون جيتوڻيڪ انهن احتجاجن ۾ شهر جو عام ماڻهو اڪثريت سان شامل نه هو، جتي پوليس کي حالتون ڪنٽرول ڪرڻ گهربيون هيون ان ئي پوليس جي آفيسر ايس ايس پي آصف رضا بلوچ، پير عمر جان سرهندي جي احتجاج ۾ تقرير ڪندي ڊاڪٽر شاهنواز خلاف ڳالهايو ۽ ان خلاف ايف آءِ آر درج ڪري ڇڏي.
جنيد ڪنڀار، ڊاڪٽر شاهنواز جي سوٽ وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته پوليس جو ڪم هو ته حالتن کي سنڀالي نه ڪي فتويٰ ڏيندڙن سان گڏ بيهي ڪري اهو چوي ته ”منهنجي دل چوي ٿي ته مان ان گستاخ کي سزا ڏيان.“ پوليس بغير ڪنهن تفتيش جي حالتن کي بگاڙيو ۽ ٻئي پاسي وري سول اسپتال جو ايم ايس فريد احمد هنڱورجو جنهن ڊاڪٽر شاهنواز کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو. انهن سڀني سڀ ڪجهه بينا تفتيش جي ڪيو جنهن ماڻهو تي الزام لڳو آهي ان کان پڇيو ته ڇا اصل حقيقت آهي؟ هن پوري معاملي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ۽ خاندان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ۽ الزامن ۽ ڌمڪين جي لهر هلي پئي.
ڊاڪٽر شاهنواز جي بيوه نعمت، جيڪا پاڻ هڪ پروفيشنل لحاظ کان استاد آهي ۽ هن شروع ڏينهن کان وٺي قتل ٿيڻ تائين هر شيءِ تفصيل سان بيان ڪئي. هن حڪومت کان سوال ڪيو ته اسان پوليس سان تعاون ڪيوسين. اسان قانون تي هلياسين، آخر پوءِ پوليس پنهنجي قانون تي ڇو نه هلي؟ اسان جي خاندان لاءِ ڪنهن به نه سوچيو ته اسان سان مذهبي ماڻهو ڪهڙو حشر ڪندا؟! اسان هڪ رات به نه سمهي سگهيا آهيون ان خوف ۾ ته هاڻي ڇا ٿيندو؟
پنهنجي ننڍڙي پٽ کي جهول ۾ ويهاريندي ٻڌايو ته هن جي پٽ جي دل ۾ سوراخ آهي نعمت جا لڙڪ، هر هڪ لفظ سان گڏ ويهي رهيا هئا ۽ پاسي ۾ ويٺل 12 سالن جي حريم ڌيءَ، غمزده ٿي وئي صرف حريم ئي نه پر ڪمري ۾ موجود هر هڪ جو چهرو ڏک سان ڀرجي ويو. نعمت ٻڌايو ته انهن منهنجي شاهنواز کي کسي ڇڏيو، هاڻي مان ڪيئن هن جو اعلاج ڪرائيندس. مان پنهنجن ٻارن کي ڪيئن تعليم ڏياريان. نعمت جي حالت هڪ بي وس ماءُ جهڙي هئي. ان خوف ۾ ڏينهن ۽ رات گذاري رهيا آهن ته مذهبي انتها پسند ڪهڙي مهل ڇا ڪري ڇڏيندا جتي تحفظ فراهم ڪندڙ ئي قتل ڪرڻ لڳن ته پوءِ ڇا ٿيندو.
حريم جي وائرل ويڊيو ڪيترن کي ئي پريشان ڪري ڇڏيو جنهن ۾ هن چيو هو ته هن جي پيءُ جي قتل جي جاچ ۾ عمر ڪوٽ پوليس، ميرپورخاص پوليس جا ايس ايس پيز، ڊي آءِ جي ۽ سي آءِ اي جي آفيسر خليل ڪنڀار جو نالو ورتو. جڏهن حريم کان ويڊيو بيان جي حوالي سان سوال ڪيو ته هن جو چوڻ هو، مان ڪنهن جو نالو نه ٿي وٺڻ چاهيان پر ها مان هينئر به چوندس ته هرهڪ ماڻهو کي تفتيش ۾ شامل ڪيو وڃي. ان دوران حريم جي ماءُ ڪنهن حدتائين خوفزده ۽ پريشان نظر آئي ۽ هوءَ ڪٿي نه ڪٿي حريم جي ڳالهه جي وضاحت ڏيندي رهي ۽ خليل ڪنڀار جي نالي تي هن چيو، اسان جي ڪنهن سان ڪا ذاتي رنجش ناهي پر هو اهم عهدي تي موجود آهي ۽ ان کي ڪا خبر نه هجي اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو.
هڪ جڳهه تي حريم پنهنجي ماءُ جي ڳالهه ڪٽيندي، ان دوران حريم جي آواز ۾ اعتماد نظر آيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪير ملوث ناهي ته پوءِ تفتيش ٿيڻ تي پريشان ڇو آهن. نعمت پنهنجي ڌيءَ حريم جي جملي کي کانپوءِ چيو ته هاڻي هي ميڊيا تي اچي چڪي آهي ۽ هن جي زندگي جي تحفظ جي حوالي سان گهڻي فڪرمند آهيان. خليل ڪنڀار سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ پنهنجي مٿان لڳل هر الزام کان انڪار ڪندي چئي ٿو ته هو ان دوران عمرڪوٽ ۾ موجود نه هو ۽ پنهنجي ماءُ جي اعلاج جي حوالي سان ڪراچي ۾ موجود هو. هن کي ڪا خبر نه هئي ته ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي. ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس ۾ هو شفاف جاچ جي گهر ڪري ٿو.
حريم، پنهنجي بابا کي ياد ڪندي اداس ٿي وئي ۽ ٻڌايو ته بابا ڪڏهن به مونکي دڙڪا نه ڏنا. پوليس منهنجي بابا کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ گوليون ڇو هنيون؟ مون کي بس انصاف گهرجي.
ڪاش ڪٿي ڪو کوهه هجي ها ته لاش اتي اڇلايون ها، ائين جنوني هٿان منهنجي پٽ جو لاش نه سڙي ها
اهو چوڻ هو ڊاڪٽر شاهنواز جي والده رحمت، جيڪا پاڻ به استاد رهي چڪي آهي هن ٻڌايو ته انهن مولوين الزام هنيو ۽ پوءِ پوليس قتل ڪيو. جڏهن انهن جي مطابق سڀ ڪجهه ٿي ويو ته پوءِ آخر ڇو اهي لاش کي ساڙڻ چاهين پيا؟ انهن کي لاش ساڙي ڇا حاصل ٿيو؟ مان پنهنجي پٽ جو چهرو به نه ڏسي سگهيس اهڙو حشر دشمن به ناهن ڪندا جيڪو ڪجهه اسان سان ٿيو ۽ ڇو پوليس منهنجي پٽ جي لاش کي تحفظ نه ڏنو؟
ان دوران جنيد جو چوڻ هو ته پوليس ميت ڏئي ڪري اسان کي چيو ته هاڻي اسان توهان سان نه هلنداسين ڇو جو مولوي هوندا. اسان پنهنجي ذاتي گاڏي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش کي کڻي نڪتاسين پر اسان کي هر هڪ رستي تي روڪيو ويو ۽ اتي مذهبي ماڻهو بيٺل هئا. ايستائين جو تڪ جو چڱو مڙس به اسان جي مدد لاءِ اڳتي نه آيو جيڪڏهن اهي اچن ها ته شايد مذهبي ماڻهو، ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش کي نه ساڙي سگهن ها.
پر اسان کي ائين محسوس ٿيو ته انهن مذهبي ماڻهن کي ڪير پوري ڄاڻ ڏئي رهيا هئا ته اسان ڪيڏانهن ۽ ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهيون. اسان ٻن گروپن ۾ ورهايل هئاسين ته جيئن مذهبي ماڻهن کي خبر نه پئجي سگهجي ان جي باوجود به انهن کي خبر پوندي رهي جنهن مان صاف ظاهر هو ته انهن کي ڪير نه ڪير گائيڊ ڪري رهيو آهي.
جنيد وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪا پوليس تحفظ ڏيڻ کان انڪار ڪندي رهي اها هڪدم لاش سڙڻ کان پوءِ ڪيئن پهچي وئي. اهو سڀ ڪجهه پوليس جي موجودگي ۾ ٿيو ان وقت اسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته انهن ائين ڇو ڪيو.
مان لاش ڏيڻ لاءِ تيار نه هويس
پريم ڪولهي ۽ ڊاڪٽر شاهنواز جي خاندان جو ميمبر جيڪي لاش کي لڪائي پنهنجي زمين تي دفنائڻ لاءِ پهچن ٿا پر اتي به مذهبي ماڻهو پهچي وڃن ٿا جن جي اڳواڻي ڪندڙ مولوي حاجي احمد شهاڻي هو. انهن چيو ته پهرين پريم ڪولهي کي ساڙيو پوءِ هن ڊاڪٽر جي لاش کي ساڙينداسين. پريم ڪولهي ٻڌايو ته مان لاش ڏيڻ لاءِ تيار نه هويس پر جڏهن هو اسان کي ساڙڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته اسان پٺتي هٽي وياسين ۽ پاسي ۾ لڪي ويٺاسين؟
انهن جا مذهبي نعره ڪنن تائين پهچي رهيا هئا.پريم ڪولهي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ هڪ هوٽل ۾ ويٺاسين ۽ جنهن دوران پريم ڪولهي ٻڌائي رهيو هو ان وقت هڪ مولوي هوٽل تي پهچي ويو. اسان کي تعجب ٿيو ته آخر ڪجهه منٽن ۾ ڪنهن کي ڪيئن خبر پئجي وئي اسان ٻنهي ڏانهن مولوي غصي ۾ ڏٺو ان دوران پريم، مولوي کي اگنور ڪندي چيو ته مان خوفزده ناهيان ڇو جو زندگي ۾ موت ڪنهن کي ڪڏهن به اچي سگهي ٿو.
پريم ڪولهي سنڌ جو هيرو ٿي اُڀريو آهي جڏهن پريم کان سنڌ طرفان ملندڙ ڀرپور موٽ ملڻ تي سوال ڪيو ته پريم خاموش رهي چيو ته هِن هڪ پيارو انسان دوست ڊاڪٽر شاهنواز وڃائي ڇڏيو ۽ پنهنجن هٿن سان ان کي دفنائي آيس.
سنڌ حڪومت جو اعتراف ته پوليس ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل ڪيو
سنڌ حڪومت جي جوڙيل ڪميٽي واضح لفظن ۾ چئي ڏنو ته ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل پوليس هٿان ٿيو آهي ان کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو ۽ ملوث پوليس آفيسرن خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي ويندي پر ڪميٽي جي رپورٽ اهو ٻڌائڻ ۾ ناڪام وئي ته اصل حڪم ڪٿان آيو. يقينن اهو ڪم سپاهي نه ٿو ڪري سگهي ته پوءِ حڪم ڏيندڙ ڪير هئا؟
سنڌ جو عوام عدالتي جاچ جي گهر ڪري رهيو آهي پوليس جو ملوث هجڻ ئي ڪافي ناهي هڪ تفصيلي جاچ ٿيڻ کپي جنهن ۾ هر حقيقت وائکي ٿي اچي. سنڌ حڪومت هن وقت تائين ڪو به واضح جواب ناهي ڏنو ته اهي عدالتي جاچ ڪرائيندا يا نه.
پيرسرهندي تي ايف آءَ آر درج
پاڪستان ۾ توهين رسالت جي الزام هيٺ صرف زندگيون ئي نه پر ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙيا ويندا آهن ۽ نفرت ڦهلائيندڙن خلاف عام ماڻهو ناهي نڪريندو، پر سنڌ جو مزاج مختلف آهي سنڌ پنهنجي تهذيب ۽ ڪلچر تي وار برداشت ناهي ڪري سگهندي جنهن جو مثال ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس ۾ پوري سنڌ جو عام ماڻهو ٻاهر نڪرڻ آهي.
حيرت آ جو هن ڀيري پارليامينٽ سياسي پارٽيون يا قومپرست پارٽيون اڳيان نظر نه آيون. ايستائين جو تعزيت ڪرڻ لاءِ عمر ڪوٽ جا چونڊيل نمائينده يا سياسي اڳواڻ به نه ويا پر اتي سنڌ جو عام سياسي نوجوان ورڪر، سماجي اڳواڻ ۽ عام شهري، خوفزده ماحول کي چريندي ۽ پنهنجن پيرن هيٺان رياست طرفان مڙهيل انتهاء پسندي کي لتاڙيندي نظر آيا.
سيپٽمبر 17 جي ڏهاڙي تي پيرسرهندي پوري عمر ڪوٽ شهر کي خوفزده ڪري ڇڏيو جتي صرف هندو ئي نه پر هن ڀيري مسلم به خوفزده هئا پر سنڌ جي عوام عمر ڪوٽ ۾ گڏ ٿي ڪري خوف جي ديوار کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. شهر جي عام شهرين جو چوڻ هو ته هاڻي وڃي انهن جو خوف ٽٽو آهي.
متاثر خاندان پير سرهندي جي خلاف ايف آءِ آر درج ڪرائي ڇڏي جنهن کي سنڌ ۾ هڪ وڏي جيت جي حوالي سان ڏٺو وڃي پيو.
پاڪستان ۾ انصاف ڪنهن کي مليو آهي؟! پر اسان هر ان ڪردار کي وائکو ڪنداسين جيڪي منهنجي پٽ جي قتل ۾ ملوث آهن. هي لفظ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي والد محمد صالح جا آهن جنهن وڌيڪ چيو ته پوليس بغير تفتيش جي منهنجي پٽ کي قتل ئي نه ڪيو پر ان کي ساڙيو. جيڪي جيڪي الزام هڻڻ کان وٺي قتل ڪرڻ تائين ملوث آهن انهن کي به ائين ئي قتل ڪريو. هاڻي انهن کي تفتيش ياد آئي آهي جڏهن منهنجو پٽ قتل ڪري رهيا هئا ان وقت انهن کي تفتيش ياد نه آئي.
محمد صالح چيو ته اُنهن منهنجي ڊاڪٽر شاهنواز کي قتل نه ڪيو درحقيقت انهن هڪ شعور کي قتل ڪيو آهي.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو
An exclusive report, good work doing you are. Regards Saleem Tunio