تعجب آهي جن ناحق ڪيو انهن کي ئي چيو ويو ته تفتيش ڪري سچ کي واکو ڪريو. پاڪستان ۾ هميشه سچ، جانبدار ڪميٽين هٿان قتل ٿيندو رهيو آهي ڇو جو اهي سچ کي پوري طرح سان اڳيان آڻڻ ۾ ناڪام ويون آهن يا وري اڌ سچ آڻينديون، جيتوڻيڪ اڌ سچ ئي انهن جي ڪوڙ کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو.
سنڌ حڪومت ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس ۾ ڪميٽي جوڙي آهي جنهن مٿان 17 سيپٽمبر تي الزام عائد ٿيو ته هن پنهنجي فيس بڪ تي توهين رسالت جي حوالي سان پوسٽ رکي آهي. ڪيس جي ڪا به تفتيش نه ٿي، ڪيس کي عدالت ۾ نه هلايو ويو پر آخري فيصلو صادر ڪندڙ پوليس هئي ۽ 19 تاريخ تي هِن کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر شاهنواز چوندو رهيو ته فيس بڪ تي توهين رسالت جي حوالي سان ڪا به پوسٽ ناهي رکي ۽ شفاف تفتيش ٿيڻ گهرجي هو پاڻ ۽ هن جا گهرڀاتي پوليس سان پورو تعاون ڪري رهيا هئا پر عمر ڪوٽ جتي هن خلاف الزامن جنم ورتو، اهو شهر وڳوڙ جي نظر ٿيندي نظر آيو، ان دوران سلجهيل آواز، سياسي پارٽيون يا سنڌ حڪومت خاموش رهيون، درحقيقت انهن سڀني جي خاموشي حالتن کي خراب ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ۽ ٻئي پاسي اها پوليس جنهن جي ذميواري هئي ته هو ملزم کي تحفظ فراهم ڪن، ان جي ابتڙ انهن انتهاپسند گروهن جي پاسي ٿي بيٺا ۽ ڊاڪٽر کي قتل ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۾ هلندڙ سال دوران تقرين 7 توهين رسالت جي الزام هيٺ آيل ماڻهو ماورائي عدالت قتل ٿيا جن ۾ گهڻائي پنجاب صوبي جي آهي.
سنڌ جي عوام، هڪ ڀرپور آواز ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل جي سخت مخالفت ڪئي پر ان وقت به سنڌ حڪومت ۽ سياسي پارٽيون سوچي رهي هيون ته ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل تي ڪيئن ڳالهائين.
هڪ سخت مخالفت کان پوءِ سنڌ حڪومت ڪميٽي جوڙي واعدو ڪيو ته اهي انصاف فراهم ڪندا پر ڪميٽي جي حوالي سان خدشا ۽ سوال موجود آهن ته ڇا جوڙيل ڪميٽي انصاف فراهم ڪندي؟ هڪ اهڙي ڪميٽي جيڪا پوليس آفيسرن جي ميمبرن تي ٻڌل آهي. ان ئي پوليس کاتي جا آفيسر جن پهرين انڪار ڪيو ته اهي ڊاڪٽر جي قتل ۾ ملوث ناهن ۽ پوءِ هڪ ڪهاڻي جوڙي ڇڏي. پر حقيقت پوري طرح سان ان وقت واکي ٿي اڳيان آئي جڏهن سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي وزير سردار شاهه اقرار ڪيو ته ڊاڪٽر شاهنواز کي عمرڪوٽ جي پوليس گرفتار ڪيو ۽ جنهن کي ميرپورخاص پوليس جي حوالي ڪيو ويو.
هاڻي سوال آهي ته جنهن پوليس ڊيپارٽمينٽ جو آفيسر هڪ Extra judicial killing ۾ ملوث هجن، ساڳئي ڊيپارٽمينٽ جا آفيسر سچائي سان حقيقتون اڳيان آڻي سگهندا؟ جيتوڻيڪ ملوٽ آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اهي جاچ به سچائي سان ڪندا. خبر ناهي ته حقيقتون اڳيان اينديون يا وري هڪ ٻئي ڪهاڻي جوڙي ويندي عوام جا خدشا جائز آهن ڇو جو سنڌ حڪومت جي پنهنجي پارٽي جو ميمبر پير علي شاهه جيلاني، ميرپورخاص پوليس آفيسرن کي گلن جا هار پاريا ۽ ڊاڪٽر شاهنواز جي ماورائي عدالت قتل ٿيڻ جي ڀرپور سپورٽ ڪئي. هن وقت تائين پيپلز پارٽي پنهنجي ميمبر جي عمل تي ڪو به قدم ناهي کنيو ته پوءِ اهو ڪيئن يقين ڪجي ته سنڌ حڪومت جو ئي پوليس ڊيپارٽمينٽ ايمانداري سان جاچ ڪندو؟
هڪ شفاف جاچ لاءِ ضروري آهي ته عدالتي ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪڏهن عدالتي ڪميٽي نه جوڙي وئي ته پوءِ اڳيان حقيقتون نه اچي سگهنديون.
پاڪستان ۾ ڪير به ڪنهن کي توهين رسالت جو الزام هڻي قتل ڪري سگهي ٿو ڇو جو الزام هڻندڙ کي خبر آ ته ان کي سزا نه پر ان کي گلن جا هار پارايا ويندا ۽ رياست اصل حقيقت جي جاچ نه ڪندي. جيڪڏهن رياست واقعي ۾ سنجيده آهي ته توهين رياست جو قانون 295 جو غلط استعمال نه ٿئي ته پوءِ ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس ۾ شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن حقيقتون اڳيان اچي سگهن.
ڊاڪٽر شاهنواز جو خاندان هن وقت به ڏک ۽ صدمي ۾ آهي ڪير به انهن کي ڊاڪٽر شاهنواز واپس نه ٿو آڻي سگهي نه ئي جوڙيل ڪيميٽي – افسوس، هن وقت تائين سنڌ حڪومت خاندان جي مالي سپورٽ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي. اِها سنڌ حڪومت جي ذميواري آ ته اُهي خاندان جي زخمن تي مرهم رکن حقيقت آ ته زخم ڀرجڻ آسان ناهن پر انصاف ڪنهن حدتائين زخمن تي مرهم رکي سگهي ٿو جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته پوءِ زخم نه ڀرجندا ۽ ماڻهو ائين ئي پوليس هٿان ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ٿيندا رهندا.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو