سنڌ هر آئي ڏينهن ماتم ڪندي نظر اچي ٿي اهڙو ڪو ڏينهن خالي ناهي جو ماتم نه ڪيو هجي پر جيڪو ڪجهه 19 سيپٽمبر تي ٿي گذريو ان سنڌ کي لوڏي ڇڏيو. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جو پوليس هٿان قتل خود رياست مٿان سوال اٿاريا آهن.
پاڪستان ۾ ڪنهن به زندگي کي قتل ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي ڪڏهن به ڪير الزام هڻي زندگي کي موت جي چادر اوڙهائي ڇڏي ٿو پر رياست انصاف ڪرڻ بجاءِ تماشائي بڻجي ڏسندي رهي ٿي ته پوءِ انصاف ۽ تحفظ جي ڳالهه ڪنهن سان ڪجي ۽ خاص طورتي جڏهن ڳالهه اچي ٿي توهين رسالت جي، جتي ڪير ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪانهي توهين رسالت جي نالي تي ڪيتريون ۽ زندگيون قتل ٿي ويون ۽ قتل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ڪيس جي جاچ ڪئي وئي ته معاملو ٻيو نڪري اچي ٿو.
دنيا ۾ هر مذهب وڏي واڪي چون ٿا ته پهرين هر معاملي جي جاچ ڪريو ۽ اسلام به اها ئي ڳالهه ڪري ٿو پر پاڪستان ۾ ائين ناهي هتي صرف هڪ الزام ۽ سوشل ميڊيا جي پوسٽ تي قتل جون فتوائون جاري ٿيو وڃن ۽ جيڪڏهن ڪير اهو چئي ته معاملي جي جاچ ڪريو ته ان کي به الزامن جي زد ۾ آڻي ڇڏيندا.
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جنهن مٿان توهين رسالت جو الزام لڳو. هو چوندو رهيو ته اهي پوسٽ فيس بڪ تي هِن ناهن لکيون پڻ هِن جي اُها پراڻي آئيڊي هئي جيڪا هيڪ ٿي چڪي آهي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر شاهنواز سان ذميوار اداره رابطي ۾ هئا هن جي فون جي پوري انفارميشن ورتي وئي، هڪ شفاف جاچ ٿيڻ گهربي هئي پر ان دوارن فتوائن جو سلسلو بند نه ٿيو ۽ ڪنهن به مذهبي ڌر يا سنڌ حڪومت اڳيان اچي اهو نه چيو ته هن معاملي تي شفاف جاچ ٿيڻ ڏيو.
ڇا جنهن تي الزام عائد ٿئي ٿو ان کي موقعو نه ملڻ گهرجي ته هو پنهنجي ڳالهه رکي سگهي؟ ڇا ان کي محسوس نه ڪرائڻ گهرجي ته اهو محفوظ آهي ۽ اهو پنهنجو موقف رکي سگهي ٿو؟ ايستائين جو ان کي عدالت تائين به پهچڻ نه ڏنو ۽ ان جي ابتڙ جنهن پوليس جي پهرين ذميواري هئي ته اهي الزام هيٺ آيل ماڻهو کي عدالت تائين پهچائين پر انهن ئي قتل ڪيو.
جڏهن ڊاڪٽر شاهنواز، پوليس سان تعاون ڪري رهيو هو ته پوءِ آخر ان کي قتل ڪرڻ جو سبب ڪهڙو هو؟ دي رائيز نيوز ان حوالي سان ٻنهي پوليس اسٽيشن جي پوليس آفيسرن سان رابطو ڪيو. جيڪڏهن ميرپورخاص ۽ عمر ڪوٽ (امر ڪوٽ) جي پوليس جا موقف ٻڌجن ته انهن جا موقف ڪيترائي سوال اُٿاري رهيا آهن. عمر ڪوٽ پوليس جي مطابق ته انهن ڊاڪٽر شاهنواز کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وئي ۽ آخر لوڪشن ڪراچي ملي هئي پر ان جڳهه تي ڊاڪٽر موجود نه هجڻ ڪري پوليس گرفتار نه ڪري سگهي.
ان دوران ميرپورخاص پوليس جو ڪردار اڳيان اچي ٿو جنهن هزارين سوال اُٿاري ڇڏيا آهن ميرپورخاص پوليس جي ايف آءِ آر ڪاپي ئي پڙهڻ کانپوءِ سنڌ جو ٻار به سمجهي ويندو ته هي پوليس جي پنهنجي ڪهاڻي درج ٿيل آهي.
پهريون سوال ته جيڪو ماڻهو ڪراچي ۾ هو اهو ميرپورخاص ڏانهن ڇو ايندو ڇا ان کي ايترو اندازو نه هو هن خلاف باهه ٻاري وئي آهي؟ تعجب جي ڳالهه آهي ته هو ڪنهن گاڏي ۾ سفر نه پيو ڪري پر موٽر سائيڪل ۾ سفر ڪري رهيو هو جنهن کي اها خبر هجي ته ان جي زندگي کي خطرو آهي اهو موٽر سائيڪل ۾ سفر ڪري رهيو هو ايترو ئي نه پر بقول ميرپورخاص پوليس مطابق ته هن سان گڏ هڪ ٻيو همراه به هو جنهن اصل ۾ فائر ڪري ڊاڪٽر شاهنواز کي زخمي ڪيو ۽ جنهن کان پوءِ هو مري ويو. ميرپورخاص پوليس اهو به چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ۽ ان سان گڏ ٻيو همراه ملي ڪري پوليس مٿان حملو ڪيو. پوليس ايف آءِ آر فوت ٿيل ڊاڪٽر شاهنواز ۽ ان جي ساٿي مٿان درج ڪئي آهي.
پوليس ٻئي همراهه کي گرفتارنه ڪري سگهي ڇو جو هو گوليون هلائي آساني سان جهنگ ۾ گم ٿي ويو. ايترو ئي نه پر ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش کي ساڙيو ويو شايد ان پٺيان سبب اِهي هجن ته سڀاڻي ڪنهن تفتيش ۾ ڳالهه اڳيان نه اچي وڃي ته اصل گوليون هلائيندڙ ڪير هئا.
ميرپورخاص پوليس جي مٿان گلن جي برسات ٿي رهي آهي ته انهن توهين رسالت الزام هيٺ آيل ڊاڪٽرشاهنواز کي قتل ڪري ڇڏيو. جيڪي گلن جي ورکا ڪن پيا ۽ جيڪي گلن جا گلدستا وصول ڪري رهيا آهن انهن سڀني کان سوال آهي ته ڇا مهذب سماج ۽ مذهب ماورائي عدالت قتل جي اجازت ڏئي ٿو؟ 2024 ۾ پوليس هٿان توهين رسالت جي الزام هيٺ 7 ڄڻن کي قتل ڪيو آهي.
جنهن مان صاف ظاهر آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڪير ڪنهن تي به توهين رسالت جو الزام هڻندو ۽ پوليس ان کي قتل ڪري ڇڏيندي ڇو جو ڪير سوال ڪرڻ واري ناهي ته رياست جون حڪومتون ڪٿي آهن؟ رياست جون عدالتون ڪٿي آهن؟ قانون جي پاسيداري جي ڳالهه ڪندڙ ٻڌائين ته توهان جو قانون ڪٿي آهي پوليس هٿان هر آئي ڏينهن قانون فل فراءِ ٿيندو رهي ٿو پر رياست کي ڪجهه نظر نه ٿو اچي؟
سنڌ حڪومت کي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار مٿان آيل الزام کان وٺي قتل ٿيڻ تائين هر رخ جي اعليٰ عدالتي جاچ ڪرائڻ گهرجي. رياست کي ليڪو پائڻو پوندو ته انصاف ڪير ڪندو عدالت يا پوليس؟ جيڪڏهن پوليس تحفظ فراهم ڪرڻ بجاءِ گوليون هڻندي ته پوءِ عدالتن کي سوچڻ گهرجي ته اهي ڇا ڪري رهيون آهن؟
دي رائيز نيوز بابت پڙهو