جهول ٿاڻي جي حد ٿهيم شاخ ڀرسان ڳوٺ قاسم ڪيريو جي رهواسي پنجين ڪلاس جي شاگردياڻي 15 ورهين جي نياڻي ڌيءَ ممتاز ڪيريو سان سندس ئي ويجهي مائٽ ۽ پرائمري ماستر ابراهيم ڪيريو طرفان ڪيل مسلسل جنسي ڏاڍائي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل حمل کي رورل هيلٿ سينٽر جهول جي مڊائيف جي مدد سان زبردستي ضايع ڪرڻ واري واقعي کي تقريبن هڪ مهينو گذري چڪو آهي، ڪيس جو عبوري چالان ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي جڏنهن ته حتمي چالان لمس مان ميڊيڪل ۽ ڊي اين اي جي رپورٽ اچڻ کانپوء پيش ڪيو ويندو.
زيادتي ڪيس جا تفصيل
پنجين ڪلاس جي شاگردياڻي سان مسلسل زيادتي ڪندڙ ماستر ابراهيم ڪيريو جي والده متاثر نياڻي جي ڏاڏي امام علي ڪيريو جي سڳي سوٽ آهي ۽ ماستر : متاثر شاگردياڻي جي ڏاڏي کي مامو چوندو آهي اهڙي طرح متاثر نياڻي رشتي ۾ سندس ڀائيٽي ٿئي، ماستر پنهنجي فيملي کي ٻارن جي پڙھائي لاء شهدادپور شفٽ ڪيو آهي ۽ پاڻ ڊيوٽي جي بهاني ڳوٺ ۾ اڪيلو رهي ٿو. ماستر اسڪول کانپوء ويجهي مائٽ ۽ رشتيدار هجڻ جي ناتي گهر جي صفائي ۽ ڪم جي بهاني متاثر نينگري کي پنهنجي گهر گهرائيندو هو ۽ سندس والدين مطابق 2 / 3 مهينن تائين ساڻس مسلسل لڄالٽ ڪندو رهيو، سندس ويجهن مائٽن ۽ پاڙيوارن مطابق ماستر پنھنجي ماءُ ۽ ڀينرن جي منع ڪرڻ جي باوجود اھو چئي ڇوڪري کي اڪيلو وٺي ايندو ھو ته گھر جي صفائي ڪري ٿي ٿانو ملي ٿي ، ماستر جي ماءُ ۽ ڀيڻ کيس منع ڪئي ھئي ته پرائي نياڻي کي ايئن اڪيلو گھر وٺي نه ويندو ڪر پر ھي ھمراھ نه مڙيو متاثر نينگري جي وارثن مطابق ماستر نينگري کي مسلسل جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو تان جو 4 مئي 2024 ڇنڇر جي ڏينهن تي اسڪول ۾ نينگري پيٽ ۾ شديد سور جي شڪايت ڪئي جنهن تي ماستر محسوس ڪري ورتو ته معاملو خراب ٿي ويو آهي جنهن تي هن هڪ طرف نينگري جي والدين کي سندس علاج لاء مشورو ڏنو ته رورل هيلٿ سينٽر ۾ مڊوائيف رضيه ڪنڀر وٽ وڃو جيڪا سندس واسطي واري آهي ان مڊوائيف سان نينگري جي ابارشن لاء پڻ ڊيل ڪئي جنهن سان سندس پراڻو تعلق ۽ واسطو هو.
ڇنڇر جي شام جو نينگري جا والدين ۽ سوٽ کيس ڦٽا رڪشا تي وٺي رورل هيلٿ سينٽر جهول پهچن ٿا جتي شام جي شفٽ ۾ ويٺل مڊوائيف رضيه ڪنڀر ملي ٿي جيڪا نينگري جي والدين کي ڦٽا رڪشا اسپتال جي پوئين پاسي ڪاهي اچڻ لاء چوي ٿي ۽ نينگري جي والدين ۽ سندس سوٽ کي دروازي جي ٻاهر بيهاري متاثر نينگري کي هڪ مخصوص ڪمري ۾ وٺي وڃي ٿي ۽ نينگري جو حمل ڪيرائڻ لاء مختلف گوريون کارائي ٿي ۽ هڪ گوري مخصوص جڳھ تي رکي ٿي جنهن سان نينگري کي بليڊنگ شروع ٿي وڃي ٿي ان وچ ۾ ماستر مڊوائيف سان مسلسل فون تي رابطي ۾ رهي ٿو ۽ هڪ دفعو موٽرسائيڪل تي چڙھي چڪر پڻ لڳائي ٿو، ٻاهر بيٺل نينگري جي والدين کي معاملي جي سنگيني جو بلڪل به اندازو نه هو ته سندن انڌي اعتماد ۽ نينگري جي نظرداري نه ڪرڻ ۽ سندن لاغرضي سبب ڪيترو ڪلور ٿي چڪو آھي جڏنهن نينگري کي تمام گهڻي بليڊنگ هلي ٿي ته نينگري پريشان ٿي وڃي هونئن به 14/15 سالن جي نينگري کي اهڙن مرحلن جي ڪهڙي خبر ته ان صورتحال ۾ ڇا ٿئي ٿو.
بهرالحال تمام گهڻي بليڊنگ سبب هوء پريشان ٿي روئڻ شروع ڪري ٿي ۽ آخرڪار ڊپ ۽ خوف مان ڪمري مان نڪري رڙيون ڪري والدين وٽ ڀڄي ٿي ۽ پاڻ سان ٿيل سموري وارتا ٻڌائي ٿي ته ساڻس ڇا ٿيو آهي ۽ والدين جي وڌيڪ پڇڻ تي سموري حقيقت بيان ڪري ٿي ته ماستر ڪهڙي طرح گذريل 2/3 مهينن کان سندس لڄالٽ ڪندو رهيو آھي ۽ کيس ڪهڙي طرح ڌمڪائيندو ۽ ڊيڄاريندو رهيو آھي جنهن بعد نينگري جي والدين مڊوائيف سان ملن ٿا ۽ معاملي بابت پڇن ٿا جنهن تي مڊوائيف کين ٻڌائي ٿي ته نينگري کي حمل ٿي ويو هو جنهن کي ڪيرائڻ لاء هن گوريون رکيون آھن جنهن تي والدين ساڻس تڪرار ڪن ٿا ته اسانکي ٻڌائڻ کانسواء هي تو ڇا ڪيو آھي ؟؟؟ نه نينگري جو الٽراسائونڊ ٿيو آھي نه ئي وري ڪا ميڊيڪل چيڪ اپ ۽ نه ئي گهربڍل رپورٽون ! هنن جڏنهن ميڊيڪل رپورٽ جي ڊيمانڊ ڪئي ته وارثن مطابق الٽو مڊوائيف کين ڌمڪائڻ لڳي ته نڪري وڃو هتان نه ته توهان جي مٿان ڪنواري نينگري جو حمل ڪيرائڻ جو ڪيس ٿي داخل ڪرايان ۽ اهڙي طرح مڊوائيف نينگري جي والدين کي ڊيڄاري ڌمڪائي ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو ۽ نينگري جا والدين ڏک افسوس ۽ ملامت واري صورت ۾ گهر واپس آيا ، ان ٽائيم تي هنن پوليس کي اطلاع ڇو نه ڪيو اهو الڳ سوال آھي.
معاملي جي حقيقت ظاهر ٿيئڻ تي ٻئي ڏينهن 5 مئي آچر جي ڏينهن تي ماستر ڳوٺان پنهنجي شهدادپور واري گهر اچي پنهنجي گهرواري کي وٺي يوسي جعفرخان لغاري جي جمڙائو ڪينال جي پاسي ۾ موجود ڳوٺ سومر ڪيريو ۾ متاثر نينگري جي پڦي ( مرحوم عبدالڪريم ڪيريو جي گهرواري ) وٽ صفائي ڏيئڻ لاء پهچي ٿو ته توهانجا والدين مون تي نياڻي جي حوالي سان اجايا الزام پيا هڻن پر آئون ان معاملي ۾ ملوث ناهيان اڳي برابر منهنجا اهڙا ڪم هيا پر جڏنهن کان آئون تبليغي جماعت جو حصو ٿيو آھيان مون اهي ڪم سڀ ڇڏي ڏنا آھن جتان هو روانو ٿيڻ بعد ڪراچي ۾ رهندڙ ڪيريا برادري جي معزز شخصيت کي فون ڪري ٿو ته مون سان هڪڙو مسئلو ٿي ويو آھي ان ۾ توهان جي مدد کپي ! ڪيريا برادري جي معزز شخصيت کائنس پڇا ڪري ٿي ته ڇا مسئلو آھي ٻڌايو ته ماستر فون تي ٻڌائڻ کان لنوائي روبرو حال احوال ڪرڻ لاء چوي ٿو.
06 مئي سومر جي ڏينهن تي نينگري جي پڦي ڳوٺ سومر ڪيريو مان پنهنجي اباڻي ڳوٺ قاسم ڪيريو اچي ٿي جتي هوء متاثر نينگري ۽ ان جي والده سان گڏجي رورل هيلٿ سينٽر جهول اچي ٿي ۽ مڊوائيف رضيه ڪنڀر سان ملي ٿي ۽ نينگري جي حمل ڪيرائڻ واري مسئلي جي پڇاڳاڇا ڪري ٿي جنهن تي ساڳي مڊوائيف نڪ جي پڪائي سان متاثر نينگري ۽ سندس والده کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ٿي ۽ کين ڌمڪائي ٿي.
جڏنهن ته ٻئي طرف انهيء ساڳي تاريخ 06 مئي 2024 سومر جي ڏينهن تي ماستر ابراهيم ڪيريو معاملو ظاهر ٿيڻ تي پنهنجي اڳواٽ بچاء لاء ايس ايس پي آفيس سانگهڙ ۾ موجود ڪمپلينٽ سيل جي انچارج کي پروٽيڪشن جي درخواست ڏيئي ٿو ۽ درخواست ۾ من گهڙت ۽ هٿرادو موقف اختيار ڪري ٿو ته مونکي امام علي ڪيريو ( نينگري جي ڏاڏي ) ممتاز ڪيريو ( نينگري جي والد ) ۽ ( نينگري جي چاچي ) مان جان جو خطرو آھي ڇاڪاڻ ته هن انهن جي خاندان جي ٻارن جي اسڪول ۾ حاضري پوري نه ٿيڻ تي امتحان ۾ نه ويهارڻ جو چيو آھي جنهن تي هنن اسڪول ۾ اچي کيس ڌمڪايو ۽ اسڪول ڇڏڻ جو سرٽيفيڪيٽ ڏيئڻ لاء چيو جنهن تي هوء اسڪول مان ٻارن کي وٺي کيس ڌمڪيون ڏيندا هليا ويا.
واقعي جي حقيقت ظاهر ٿيڻ کانپوء پنهنجي بچاء ۾ ماستر جيڪا درخواست داخل ڪئي ان ۾ اختيار ڪيل موقف پڙھي کل اچي ٿي ۽ ماستر جي پوزيشن کي وڌيڪ مشڪوڪ بڻائي ڇڏي ٿي : ته ٻهراڙي جي اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگرد يا شاگردياڻي جي محض حاضري واري مسئلي تي ورتل اسٽينڊ تي نينگري جا مائٽ پنهنجي 14/15 سالن جي ڪنواري نينگري سان زنا ۽ حمل جو ڪوڙو ڊرامو ٺاهي کيس انتقامي طور تي ڦاسائڻ جي ڪوشش پيا ڪن.
واقعي جي ايف آئي آر درج ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري
معاملي جي حقيقت کلڻ کانپوء واقعي جي ايف آئي آر سندس والده جي فرياد تي 7 مئي تي درج ٿي ۽ انهيء ڏينهن تي جهول پوليس ڊسٽرڪٽ پوليس سرجن ڊاڪٽر شهيد نواز جي نگراني ۾ ميڊيڪو ليگل آفيسر ليڊي ڊاڪٽر عائشه سول اسپتال سانگهڙ ۾ متاثر نينگري جو ابتدائي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ۽ ليڊي ڊاڪٽر شروعاتي ميڊيڪل جانچ ۾ ساڻس ٿيل جنسي ڏاڍائي جي تصديق ڪئي ۽ سندس ابتدائي ميڊيڪل جانچ دوران حاصل ڪيل مختلف جزا, سيمپلز ۽ سندس ڪپڙا وڌيڪ ميڊيڪل ايگزامينيشن لاء لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز ( LUMS) جي ليبارٽري موڪليا ويا ۽ ٻئي طرف ايف آئي آر درج ٿيڻ کانپوء الزام هيٺ آيل جوابدار پرائمري ماستر ۽ نام نهاد سوشل ورڪر ابراهيم ڪيريو کي جهول پوليس گرفتار ڪيو گرفتاري بعد ماستر ابراهيم ڪيريو پوليس ۽ ميڊيا آڏو موقف اختيار ڪيو ته هن جي نسبندي ٿيل آهي تنهن ڪري نينگري کي ٿيل حمل هن مان نٿو ٿي سگهي جهول پوليس جانچ کي اڳتي وڌائيندي ماستر جي شروعاتي ميڊيڪل جانچ ۽ سندس ڊي اين اي جا جزا وٺڻ جو فيصلو ڪيو جوابدار ماستر ابراهيم جي نسبندي واري دعويٰ ڪوڙي ثابت ٿي باقي سندس ڊي اين اي جا نمونا وڌيڪ چڪاس لاء ايل ايم سي ليبارٽري موڪليا ويا.
ٽئين طرف نينگري جي حمل ضايع ڪرڻ واري مامري ۾ الزام هيٺ آيل مڊوائيف رضيه ڪنڀر کي جهول پوليس اندروني سياسي دٻاء سبب گرفتار ڪرڻ کان لنوايو پئي پر بعد ۾ تڪ جي ايم اين اي شازيه عطا مري جي معاملي جو نوٽيس وٺڻ ۽ سندس ڀيڻ سينيٽر قرت العين مري جي متاثرن وٽ پهچڻ بعد جهول پوليس مڊائيف کي گرفتار ڪرڻ تي مجبور ٿي , گرفتاري بعد متاثر نياڻي کان مڊوائيف جي شناخت پريڊ به ڪرائي وئي آھي .
جي آئي ٽي ٽيم جي مقرري
ڪيس ميڊيا ۾ هائيلائيٽ ٿيڻ ۽ پ پ پ سينيٽر قرت العين مري جي متاثر ڪٽنب جي دوري ۽ ڪيس جي صاف شفاف جانچ جي حوالي سان ڏنل هدايتن کانپوء ايس ايس پي سانگهڙ اعجاز احمد شيخ , ڊي ايس پي پرويز اختر جي سربراهي ۾ ايس ايڇ او جهول نبي بخش لاشاري ، ايس ايڇ او سنجهورو محمد علي زرداري ۽ ليڊي انسپيڪٽر ڪوثر تي مشتمل جي آئي ٽي ٽيم جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو پر هڪ مهينو گذرڻ باوجود جي آئي ٽي ٽيم ڪيس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ ڪهڙن نتيجن تي پهتي آهي ان بابت اڃا تائين ڪجھ به ظاهر نه ڪيو آهي.
ماستر ابراهيم ڪيريي جو ڪردار ۽ سندس حمايت ۾ هلايل سوشل ميڊيا مهم
ماستر ابراهيم ڪيريو تي ايف آئي آر درج ٿيڻ ۽ گرفتاري کانپوء سندس حامين , همدردن مقامي صحافين سميت ڊولپمينٽ سيڪٽر ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي چڱن ڀلن ۽ متحرڪ اڳواڻن جنهن ۾ نام نهاد عورت اڳواڻ به شامل هيون هنن زميني حقيقتن جو جائزو وٺڻ کانسواء سوشل ميڊيا ۾ موقف اختيار ڪيو ته ماستر ڀلو ماڻھو آھي ، سوشل ورڪر آھي کيس زبردستي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آھي پر سندس ڦاسائڻ جي حوالي سان هنن جيڪي محرڪ ۽ گرائونڊ ٻڌايا پئي اهي تمام گهڻا ڪمزور هئا ! محض زمين جي جهيڙي ، فلٽر پلانٽ تي جهيڙي يا ٻارن جي غيرحاضري تي تڪرار اهڙا محرڪ نه هئا جو ڪير اهڙا سنگين الزام هڻڻ لاء پنهنجي ڪنواري نياڻي جو استعمال ڪري.
متاثر نينگري زيادتي ڪيس تي تعليم واري وزير جو نوٽيس
سنڌ جي تعليم کاتي جي وزير سيد سردار علي شاھ پنجين ڪلاس جي شاگردياڻي سان پرائمري ماستر ابراهيم ڪيريو جي ڪيل جنسي زيادتي واري مامري جو نوٽيس وٺي ماستر کي معطل ڪرڻ سان گڏ معاملي جي وڌيڪ انڪوائري لاء ڊائريڪٽر اسڪولس ايجوڪيشن اينڊ ايليمنٽري ھائير سيڪنڊري ريجن سکر حافظ شھاب الدين اِنڍڙ جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي پڻ مقرر ڪئي جنهن پڻ جهول پهچي متاثر نياڻي ۽ سندس وارثن کان بيان ورتا ۽ اسڪول ۾ وڃي حاضري رجسٽرڊ چيڪ ڪرڻ سميت امتحاني ڪاپين ۽ اسڪول ريڪارڊ جائزو ورتو , جڏھن ته الزام ھيٺ آيل ماستر ابراھيم ڪيريو جي گھر پڻ وڃي ابراھيم ڪيريو جي ڀاء. ماءُ ۽ ڀيڻ کان پڻ سوال جواب ڪري تفصيلي بيان ورتا. انڪوائري ڪميٽي الزام ھيٺ آيل جھول ٿاڻي تي لاڪپ ٿيل ماستر ابراھيم ڪيريو، مڊ وائف رضيه ڪنڀر کان پڻ تفصيلي سوال جواب ڪري موقف ٻڌي رپورٽ تيار ڪئي ۽ کائن لکت ۾ بيان وٺي گڏ ڪيا , جڏنهن ته ان حوالي سان ڪميٽي جي سربراھ جو موقف هو ته دوري جي رپورٽ 24 ڪلاڪن اندر تعليم واري وزير کي پيش ڪنداسين , انڪوائري رپورٽ ۾ ڪميٽي ڪهڙيون فائنڊنگس ڏنيون ۽ ماستر جي حوالي سان ڪهڙيون سفارشون ڏنيون ان بابت سنڌ جو تعليم کاتو اڃا تائين مڪمل ماٺ ۾ آهي.
آخرڪار چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ۽ سنڌ جو انساني حقن وارو کاتو سجاڳ ٿيو
متاثر نينگري سان مسلسل جنسي زيادتي واري معاملي جو آخرڪار سيڪريٽري سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ سجاد جمال ابڙو نوٽيس ورتو ۽ سندس هدايت تي سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي ڊائريڪٽر ميڊم امبرين , ڊپٽي ڊائريڪٽر سيده غنواي , چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ سانگهڙ جي سي پي او خالد نظاماڻي , ليگل ايڊ سوسائيٽي جي وڪيلن تي مشتمل ٽيم پڻ جهول پهتي جنهن متاثر ڪٽنب سان ملاقات ڪئي , ان موقعي تي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي ڊائريڪٽر آپريشن ميڊم امبرين متاثر ڪٽنب کي ڪيس جي پيروي سميت هرقسم جي قانوني مدد جي خاطري ڪرائي ۽ اتي موجود سي پي او سانگهڙ ۽ ليگل ايڊ سوسائيٽي جي ٽيم کي هدايت ڪئي ته ڪيس جي پيروي ۽ قانوني گهرجن کي پورو ڪرڻ لاء سڀئي وسيلا ڪتب آڻين.
جڏنهن ته ٻئي طرف نينگري سان مسلسل زيادتي واري مامري جو سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي پڻ نوٽيس ورتو ان حوالي سان هيومن رائٽس ڊپارٽمينٽ جي ليگل مينيجر فرخنده ميمڻ ڊپارٽمينٽ طرفان آفيشلي طور تي ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کي ليٽر لکي ڪيس جي قانوني گهرجون پوريون ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو جڏنهن ته ڊپارٽمينٽ طرفان هائيڪورٽ بار ڪراچي جي صدر کي بهترين وڪيل جي فراهمي لاء پڻ ليٽر لکيو جنهن بعد زيادتي ڪيس لاء حيدرآباد جي نامياري وڪيل عزيز پلي کي ڪيس جي پيروي لاء مقرر ڪيو ويو.
زيادتي ڪيس ۾ هيل تائين ٿيل اڳڀرائي
ڪيس جي هيل تائين ٿيل اڳڀرائي ۾ متاثر نياڻي جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ساڻس مسلسل زيادتي جي تصديق ٿي چڪي آهي نينگري سان مسلسل 2/3 مهينن تائين جنسي ڏاڍائي کانپوء ٿيل حمل واري معاملي جي جانچ لاء لمس مان ڪرايل شروعاتي ٽيسٽ ميڊيڪل رپورٽ پازيٽو آئي آهي جنهن تحت نينگري 3 هفتن جي حمل سان هئي هن جو 164 وارو بيان ميجسٽريٽ آڏو ٿي چڪو آهي ڪيس جي مک جوابدار ماستر ابراهيم ڪيريو جو جوڊيشل ريمانڊ پورو ٿيڻ تي کيس ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ اماڻيو ويو آهي جڏنهن ته نينگري جو حمل ڪرائيندڙ مڊوائيف هن وقت وومين جيل حيدرآباد ۾ آهي.
ڪيس جو عبوري چالان پيش ڪيو ويو آهي جڏنهن ته حتمي چالان لمس مان ميڊيڪل ۽ ڊي اين اي رپورٽ ( جنهن کي به هڪ مهيني کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي ) اچڻ کانپوء پيش ڪيو ويندو , ڪيس جي عبوري ۽ حتمي چالان پيش ٿيڻ کان اڳ ۾ مڊوائيف رضيه ڪنڀر پنهنجي وڪيل انور شهزاد خٽڪ معرفت ايڊيشنل سيشن جج کپرو جي عدالت ۾ ضمانت واري درخواست دائر ڪئي هئي جيڪا وومين ايڪشن فورم جي وڪيل ائڊووڪيٽ قلندر بخش لغاري جي آرگيومينٽس ۽ ڪيس جي نوعيت حساس ۽ شروعاتي جاچ واري مرحلي ۾ ھجڻ ڪري رد ڪئي وئي آهي نينگري جي صحيح عمر جي تعين لاء ڪيل ميڊيڪل چيڪ اپ ۾ سندس عمر 15 سال آئي آهي , هن وقت ڪيس جي پوئيواري وومين ايڪشن فورم طرفان ڏنل وڪيل قلندر بخش لغاري ۽ سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي طرفان فراهم ڪيل وڪيل عزيز احمد پلي ڪري رهيا آهن.
متاثر نينگري جي وارثن مٿان راڄوڻي لاء دٻاء ۽ سندن ڪيس بابت خدشا
متاثر نياڻي جي وارثن معاملي جي ايف آئي آر ٿيڻ کانپوء نينگري جي وارثن شروعاتي ميڊيڪل چيڪ اپ دوران ئي سمس شهدادپور جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رمضان وساڻ جي مداخلت ۽ ميڊيڪل رپورٽن تي اثرانداز ٿيڻ جي خدشي جو اظهار ڪيو هو. ڊاڪٽر رمضان وساڻ جا جوابدار ۽ سندس فيملي سان تمام ويجها لاڳاپا آهن ۽ سندس ماستر جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ آهي ڊاڪٽر رمضان طرفان سمس اسپتال شهدادپور ۾ ڪيس جي مک جوابدار ابراهيم ڪيريو جي فيملي کي غيرقانوني طور تي سرڪاري ڪوارٽر، ايمرجنسي ۾ هلندڙ جنريٽر جي ڪنيڪشن پڻ ڏنل هو جيڪو بعد ۾ ڊاڪٽر رمضان وساڻ جي جوابدار جي گهر ۾ سالگره ملهائڻ واري ويڊيوز ۽ تصويرون وائرل ٿيڻ کانپوء خالي ڪرايو ويو.
متاثر خاندان اهو خدشو پئي ڏيکاريو آهي ته ڊاڪٽر رمضان پهرئين ڏينهن کان ميڊيڪل رپورٽن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش پيو ڪري ۽ کين اهو به خدشو آهي ته ڊاڪٽر رمضان وساڻ جا هيلٿ کاتي ۾ واسطا مٿئين سطح تي هجڻ ڪري هوء لمس ۾ ويل رپورٽن تي به اثرانداز ٿي سگهي ٿو اهڙي درخواست هنن هيومن رائٽس ڊپارٽمينٽ وارن کي به موڪلي آهي.
ڪيس ۾ سندس وارثن مٿان ماستر ابراهيم ڪيريو ۽ مڊوائيف رضيه ڪنڀر جي مائٽن طرفان وقفي وقفي سان راڄوڻي ٺاھ جو دٻاء وڌو پيو وڃي ۽ ڏنڊ ڏوھ جي ڳري رقم ڀري ٺاھ لاء ڪوششون هلندڙ آهن جنهن تحت مڊوائيف رضيه ڪنڀر جا مائٽ نياڻيون ميڙ وٺي قران پاڪ کڻي سندن ڳوٺ پڻ پهتا هئا پر جي ڏاڏي امام علي ڪيريي کين واپس موٽائي ڇڏيو.
نينگري جي ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ صحت
نينگري سان ٿيل مسلسل زيادتي ۽ سندس زبردستي حمل ڪيرائڻ واري واقعي کي هڪ مهينو کان مٿي وقت گذري چڪو آهي پر هوء اڃا تائين ان صدمي مان ٻاهر نڪري نه سگهي آهي مٿان وري بنا ڪنهن ميڊيڪل ٽيسٽن ۽ ڊاڪٽرن جي جانچ جي مڊوائف طرفان زبردستي حمل ڪيرائڻ واري عمل سبب ميڊيڪلي تمام گهڻيون پيچيدگيون پيدا ٿي چڪيون آهن جنهن سبب مسلسل کيس بليڊنگ جاري آهي جنهن جي ڪري هوء مسلسل ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ ڪمزوري جي ڪري کيس بک به نٿي لڳي ۽ هاڻ هن کائڻ پيئڻ به ڇڏي ڏنو آهي جنهن سبب سندس حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي ان صورتحال ۾ سڀ کان وڏو الميو سندن غربت آهي سندس والد مزدور آهي جڏنهن ته باقي خاندان به مالي طور ڪمزور آهي جيڪي ڪيس جي تاريخن ۽ پيشين تي به هتان هتان پٽ سٽ ڪري ڪٿان اوڌارا وٺي ڪورٽ پهچن ٿا , مٿان وري نينگري جي هي حالت سندن بي بسي کي وڌائي ڇڏيو آهي , توڙي جو ماستر ابراهيم ڪيريي جي ويجهن مائٽن توڙي دوستن ۽ همدردن ماستر کي بچائڻ لاء راڄوڻي ذريعي ڏنڊ ڏوھ ڀرڻ لاء تمام گهڻو زور لڳايو آهي پر نينگري جا مائٽ ايتري غربت ۽ مالي بي بسي باوجود اڃا تائين پنهنجي ڳالھ تي اٽل بيٺل آهن ته ڪنهن به راڄوڻي ٺاھ ۽ ڏنڊڏوھ وٺڻ بجاء قانوني طور تي ماستر جي ڪيل ڪڌي ۽ مڪروه جرم جي کيس سزا ڏياريندا.
عام طور تي ٿيندو ايئن آهي ته ڪيس جي هائيلائيٽ ٿيڻ تائين ته سڀئي ڌريون سرگرم هونديون آهن پر جيئن جيئن ڪيس جي ڪارروائي هلندي آهي معاملو ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ٿڌو ٿيندو آهي ته پوء مختلف ڌريون هٿ ڪڍي وينديون آهن ۽ آخر ۾ متاثر خاندان اڪيلو رهجي ويندو آهي پر نينگري ڪيس ۾ ايئن نه ٿيڻ گهرجي جهول پوليس، وومين ايڪشن فورم، چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي کي ان معاملي مان هٿ نه ڪڍندي ڪيس جي ڀرپور تياري سميت ان جون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ گهرجن ته جيئن متاثر نينگري سان زيادتي ڪندڙ ماستر ابراهيم ڪيريو ۽ سندس زبردستي حمل ڪرائيندڙ مڊوائيف رضيه ڪنڀر کي قرار واقعي سزا ملي سگهي ۽ متاثر خاندان سان ٿيل ظلم جو ازالو ٿي سگهي.
رپورٽ ۾ متاثر نينگري جو نالو ظاهر ناهي ڪيو ڇو جو ناري جي privacy جو خيال رکيو ويو آهي
دي رائيز نيوز بابت پڙهو