هڪ اهڙي ماحول ۾ جتي اڪثريت خاموشي اختيار ڪري، جتي ڪوڙ شهرين جي زندگي ۽ سماج کي ڳڙڪائيندو هجي، اتي جڏهن ڪو جرئت ڪري سچ ڳالهائي ٿو، اهو سمجهندي به ته ان جي قيمت ڀاري ادا ڪرڻ پوندي. ائين ئي ڪيترائي آواز سچ ڳالهائيندي پنهنجي زندگي جي قرباني ڏئي قيمت ادا ڪندا پيا اچن.
جنهن سماج ۾ سچ کي دٻايو وڃي اتي جمهوريت نه پر آمريت جو راڄ هوندو آهي هتي اڳ ئي ڪمزور جمهوريت قائم ٿيل آهي اها به پنهنجي اختتام طرف وڃي پئي جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ اسان سڀ خاموش ڇو آهيون ۽ آمراڻي قوتن کي بهادر آواز قتل ڪرڻ ڏيون پيا جيڪي آواز ناحق کي ناحق چوڻ جي سگهه رکن ٿا اسان انهن جو آواز به نه بڻجي سگهياسين.
پاڪستان هڪ authoritarian رياست بڻجي چڪو آهي شايد توهان سوچيندا هوندا ته ملڪ ۾ تي سياسي پارٽين جي حڪومت آهي پوءِ آمراڻي رياست جو ناءُ ڇو پئي ڏيان هتي ڳالهه صرف اسان جي ناهي پر عالمي ادارو ڊيموڪريسي اينڊيڪس جي مطابق ته پاڪستان authoritarian رياست آهي. ڀل سياسي پارٽيون هجن پر اصل فيصلا ڪندڙ ٻيا آهن ۽ هي سياسي پارٽيون صرف اسڪرپٽ پڙهڻ لاءِ ويٺل آهن.
منهنجي نظر ۾ پاڪستان هن وقت بدترين دور مان گذري پيو جڏهن ته اسان بدترين آمر ضياء الحق جو دور ڏٺوسين جنهن ۾ صحافت جو ساهه ٻساٽيو ويو پڻ صحافين کي سزائون ڏنيون ويون پر ان دور جي هڪ بهترين ڳالهه اها هئي ته ان وقت سياسي پارٽين آمريت جي مخالفت ۽ صحافت جو ساٿ ڏنو اهو صرف ضياء دور تائين محدود نه رهيو جڏهن مشرف اقتدار تي قبضو ڪيو ته ان به ضياء وانگر صحافت کي ڪنٽرول ڪيو. پاڪستان ۾ آمرن جي روايت رهي آهي ته هر هڪ آمر پنهنجي اڳوڻي آمر کان بدترين ثابت ٿيو آهي.
خير! اهي سياسي پارٽيون جيڪي ڪالهه تائين آمريت جي ڪاري قانونن جون مخالف هيون اهي ئي هاڻي آمرن جي راهه تي هلندي صحافت کي سوڙهو ڪرڻ ۽ اظهار راءِ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي رهيون آهن.
مئي جي مهيني جو مثال وٺو ته هڪ مهيني اندر چار صحافي قتل ٿي چڪا آهن وزيرستان ۾ ڪامران داوڙ، صديق مينگل، بلوچستان، احمد سيال، پنجاب ۽ نصر الله گڏاڻي کي سنڌ ۾ قتل ڪيو ويو. سنڌ ۾ صرف ٻن سالن اندر صحافي قتل ٿي چڪا آهن گذريل سال جان محمد مهر ۽ هن سال گڏاڻي پڻ ڪجهه سال اڳ اجه لالواڻي قتل ٿيو. هڪ پاسي صحافين جا جنازه ته ٻئي پاسي صحافين کي ڌمڪايو پيو وڃي ۽ اهو سڀ ڪجهه سنڌ حڪومت جي هوندي ٿي رهيو آهي پيپلز پارٽي جنهن جي تاريخ رهي آ ته اها آمريت سان وڙهي ۽ پاڻ کي سيڪيولر پارٽي به سڏرائي پئي پر هن وقت تائين ڪنهن هڪ قاتل کي گرفتار ناهي ڪيو ۽ نه ئي صحافين کي ڌمڪائڻ واري عمل ۾ ڪا گهٽتائي آئي هجي.
نصر الله گڏاڻي ڪير هو؟
هڪ اهڙو ضلعو گهوٽڪي جنهن جو ڪنٽرول ملٽري اسٽبلشمينٽ، سردار، وڏيرا، ڪامورا ۽ پوليس جو هجي ۽ صوفي راڳي ڀڳت ڪنور رام جي شاهدت ۽ هن وقت تائين هندو نارين جي زوريءَ مذهب مٽجڻ جو باري ۾ خبرون بحث جو مرڪز رهنديون آهن ۽ انهن ٻنهي واقعن جا پيرا ڀرچونڊي درگاهه ڏانهن وڃن پيا.
اتي هڪ هاري خاندان سان تعلق رکندڙ نصر الله گڏاڻي هو جنهن پنهنجي انداز سان صحافت ڪئي. هن جي صحافت سردارن ۽ سرڪار جي پريس ڪانفرنس کي ڪور ڪرڻ نه هئي هن جي ڪيمرا جي اک غريب عوام جي درد کي رڪارڊ ڪندڙ هئي جتي صحافي سسٽم ۾ رهندي صحافت ڪرڻ کي ترجيع ڏيندا هجن اتي گڏاڻي انهن سڀني کان مختلف هو.
تصور ڪريو جيڪڏهن گڏاڻي ڪنهن امير طبقي جي گهراڻي يا اسلام آباد شهر سان تعلق رکندڙ هجي ها ته اڄ شايد اسان گڏاڻي جي سپورٽ ۾ ڪالم شايع ٿيندي ڏسون ها پر هو هڪ غريب گهراڻي مان هو ان ڪري هن وقت گهوٽڪي جو غريب عوام هن کي ياد ڪري رهيو آهي ته انهن پنهنجو سهارو وڃايو هاڻي ڪير انهن جي دانهن ٻڌندو.
هو Climate Change تي به رپورٽنگ ڪندڙ هو جو هن ٻيلن جي ڪٽائي تي مسلسل آواز اُٿاريو پر سنڌ حڪومت هن جي آواز تي ڇو ڌيان ڏي ها هو ڪو ايليٽ ميڊيا مان نه هو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن جي رپورٽنگ حڪومت جي climate change جي حوالي سان غير سنجيدگي کي واکو ڪري ڇڏيو. ايترو ئي نه هن پنهنجي تڪ جي سردارن ۽ وڏيرن جي ظلم کي واکو ڪيو جتي ڪير پنهنجي ڪچهري ۾ وڏيرن جو نالو نه کڻي سگهندو آهي اتي گڏاڻي سردارن ۽ وڏيرن جا نالا کڻي انهن جي ڪرپشن کي عوام آڏو آڻيندو هو. هو سرداري نظام جي سخت خلاف هو ايستائين جو نعرو هنيو ته ”ڀوتار، مائي فٽ“ جيڪو هاڻي هر سنڌي جي زبان تي آهي.اڄ به يقينن هي نعرو سردارن ۽ وڏيرن جي ڪنن ۾ گوجندو هوندو.
آڪيڏو پڙاڏو سچ ۾
ها! ٻن لفظن سان تنهنجو ڪوڙ تي جڙيل محل لرزي ٿو – هيلينا
پر ڇا صرف سردار ۽ وڏيرا ئي هئا گڏاڻي ملٽري جي بزنس تي به تنقيد ڪئي هن هڪ ويڊيو جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ نالا کڻي ملٽري جي بزنس تي تنقيد ڪئي ۽ عوام کي ٻڌايو ته ملٽري ڪهڙا ڪم ڪري پئي جتي اسٽبلشمينٽ جو ڪير نالو کڻڻ لاءِ ڪو تيار ناهي اتي ميرپور ماٿيلي جو هڪ صحافي تنقيد ڪري رهيو هو ۽ اهو به وري هڪ سنڌي صحافي سوال تنقيد ڪندڙ هو. ڪٿي نه ڪٿي انهن کي غصو آيو هوندو ته اهو اختيار صرف اسلام آباد ۽ لاهور وارن کي حاصل آهي ۽ سنڌي ڪيئن سوال اُٿارين پيا؟!
ڇا هو صحافي هو؟
نصر الله گڏاڻي جي شهادت کانپوءِ جيڪو اهم ترين سوال گردش ۾ هو ته ڇا هو صحافي به هو؟ درحقيقت سوال اُٿڻ گهرجن ها ته هن جا قاتل ڪير آهن؟ هن جي قتل تي ڪمزور ايف آءِ آر ڇو درج ڪئي وئي آهي؟ پر ڪجهه صحافي حضرات ان گُتي کي سلجهائڻ ۾ لڳل هئا ته هو صحافي هو يا نه؟ شابس هجي توهان جي قميتي سوال لاءِ! انهن کان اهو ته پڇو ته ڇا گڏاڻي ڪا خبر غلط ڏني؟ توهان کي ٻڌائيندا هلون ته صحافت جو بنيادي فرض آ ته هو حقيقتن ۽ سچ کي دفن ٿيڻ نه ڏي. گڏاڻي، پنهنجي اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو اهو ڄاڻيندي ته هڪ ڏينهن جو هميشه لاءِ خاموش ڪيو ويندو.
ان جو اهو هرگز مطلب ناهي ته اسان کي صحافتي اصولن تي بحث نه ڪرڻ گهرجي يقينن ڪرڻ گهرجي ڊيجيٽل ميڊيا ۽ سيٽزن صحافت تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پر اهو سوال ان وقت ڇو آيو جڏهن گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري جي گهُر ڪرڻ اولين ترجيع هجڻ گهرجي ها. ڇا توهان مان ڪنهن ان قسم جو بحث ان وقت ڪيو جڏهن ايليٽ ميڊيا جا امير صحافي خوبصورتي سان نه صرف حقيقتن ۽ سچ کي دفن ڪندا آهن ان سان گڏوگڏ اقتداري پارٽين کي سپورٽ به ڪندا آهن. انهن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڏسو جيڪي وڏي واڪي سان سياسي پارٽين جا گيت ڳائيندا آهن اهي توهان جي لاءِ قابل قبول آهن انهن لاءِ توهان چوندو ته هي صحافي ناهن.
اهو به رُخ اُٿاريو ته صحافت نه هئي پر ايڪٽوازم هو. پهرين ڳالهه توهان ۽ اسان کي واضح ڪرڻي پوندي ته توهان آخر ايڪٽوازم چئو ڇا کي پيا؟ هن وقت ڊيجيٽل ميڊيا دور ۾ صحافت جي حوالي سان مسلسل بحث هلندو رهي پيو ۽ گهڻن جي راءِ آهي ته اسان کي هاڻي نئين تشريع جوڙڻي پوندي ۽ انهن مان ڪجهه ايڪٽوازم کي خراب نه ٿا سمجهن ڇو جو انهن جي نظر ۾ ناحق ۽ بدترين رياستي پاليسين جي خلاف هر هڪ کي ڀرپور آواز اُٿارڻ گهرجي.
هر نئون دور پاڻ سان هڪ نئون انداز ۽ نئين تشريع کڻي اچي ٿو پر ان جو مطلب اهو هر گز ناهي ته صحافت اصل روح يعنيٰ سچ ۽ حقيقتن کي واکو ڪرڻ جو اصول ڪلهه به ساڳيو هو ۽ سڀاڻي به ساڳيو رهندو جيڪي انهن ٻنهي کي دفن ڪن پيا درحقيقت اهي ئي بدترين صحافت ڪري رهيا آهن.
هڪ صحافي جي حيثيت سان اسان کي طاقتور کي جوابده بنائڻ گهرجي پر هتي انهن کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي ٿو جيڪي طاقتورن کان سوال ڪن ٿا. اسان شايد اهو وساري ويٺا آهيون ته صحافي رياست جا ترجمان نه پر اهي سچ جا ترجمان آهن جنهن ڏينهن اسان اهو سمجهي ورتو ان ڏينهن شايد صحافت جو انداز مختلف هوندو.
گڏاڻي جي قتل جو ذميوار: سردار يا اسٽبلشمينٽ؟
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جڏهن به ڪو مسئلو جنم وٺندو آهي ته ان سان گڏ ڪيتريون ئي ڳالهايون جنم وٺنديون آهن جيستائين ڪا پڪ يا ثبوت ناهي ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي پر گڏاڻي جي قتل جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهايون گردش ڪن پيو ۽ انهن کي پاسيرو نه ٿو رکي سگهجي ڇو جو هن وقت تائين صحافي تنظيمون طرفان به ڪو ڀرپور آواز ٻڌڻ ۾ ناهي آيو ته گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪريو.
ڪجهه ذريعن ٻڌايو ته گڏاڻي جي قتل کان ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايس آءِ جي اداري وارن گهرائي ڌمڪايو هو ته هو خاموش ٿي وڃي نه ته نتيجي جو ذميوار هو پاڻ هوندو. جيتوڻيڪ هن ڳالهه جي تصديق ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي پر ان کي اگنور به نه ٿو ڪري سگهجي ڇو جو گڏاڻي جي ملٽري جي بزنس جي حوالي سان ويڊيو سوشل ميڊيا تي موجود آهي. ذريعن اهو به ٻڌايو ته گهوٽڪي ۾ تيل جا تقريبن 25 کوهه آهن انهن ايريا ۾ وڃڻ لاءِ سردارن ۽ وڏيرن کي به اجازت وٺڻي پوندي آهي ۽ گڏاڻي ان حوالي سان مسلسل سوال اُٿاريندو هو ته مقامي ماڻهن کي اگنور ڇو ٿو ڪيو وڃي.
ٻئي پاسي گڏاڻي جي خلاف تڪ جا سردار، وڏيرا ۽ پوليس هئي ڇو جو هو انهن سڀني تي سخت تنقيد ڪندو رهندو هو. پر سردار لنڊ جو نالو به اڳيان اچي پيو ۽ هن جو تعلق سنڌ حڪومت جي پيپلز پارٽي سان آهي سردار لنڊ جي پٽ جي گارڊز گڏاڻي مٿان هوائي فائرنگ به ڪري چڪا هئا ان حوالي سان پيپلزپارٽي کي پاڻ اڳيان اچي عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي ڳالهه ڪري جيڪڏهن پيپلز پارٽي ان معاملي تي خاموش رهي ته پوءِ سوال انهن تي ئي اُٿندا.
پوليس جنهن انداز سان تفتيش ڪري رهي آهي ان تي خود گڏاڻي جي ماءُ سوال اٿاريا آهن اها اميد رکڻ ته مقامي پوليس شفاف تفتيش ڪندي انتهائي ڏکيو آهي ڇو جو پهرين ڏينهن کان وٺي پوليس جي ڪوشش رهي آ ته گڏاڻي جي قتل کي ڪارو ڪاري جي رنگ ڏئي فائل بند ڪري ڇڏجي. اڳ ئي ڪمزور ايف آءِ آر جوڙي وئي آهي جنهن مان مراد ته هڪ ڪمزور ايف آءِ آر ڪڏهن به انصاف فراهم نه ٿي ڪري سگهي.
هاڻي اها ذميواري صحافين تي عائد ٿئي ٿي ته هو اصل قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي گهُر ڪن نه ته سڀاڻي وري طاقتور ڌريون ڪنهن ٻئي صحافي جو جنازو صحافت جي ڪلهن تي ڏينديون
دي رائيز نيوز بابت پڙهو