ڪراچي: ڪراچي پريس ڪلب آڏو جساف (آريسر گروپ) طرفان 24 ڪلاڪن جي بک هڙتال جاري آهي جنهن ۾ 20 کان مٿي ڪارڪن ۽ شاگرد بک هڙتال تي ويٺل آهن. بک هڙتال علي رضا بروهي جي بازيابي، شاگردن مٿان داخل ڪيل ايف آءِ آر ۽ سنڌ ۾ جبري گمشدگين کي ختم ڪرڻ جا مطالبا شامل آهن.
علي رضابروهي، سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد کي کنڀجي تقريبن 10 ڏينهن ٿيڻ تي آيا آهن پر هن وقت تائين علي رضا بروهي بازياب ناهي ٿيو ۽ نه ئي وري پوليس ايف آءِ آر درج ڪري رهي آهي.
جساف (آريسر گروپ) جو اڳوڻو صدر، اسد سنڌيار جو چوڻ هو ته هنن جي هڙتال جا مطالبا ته علي رضا بروهي جي بازيابي سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽي جي 34 شاگردن مٿان درج ڪيل غلط ايف آءِ آر کي ختم ڪيو وڃي. اسان جا شاگرد ۽ ڪارڪن پُرامن سياسي جدوجهد تي يقين رکندڙ آهن پر رياست اسان جي مٿان تشدد استعمال ڪري رهي آهي. جنهن جو مثال ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ڇنڇر ڏهاڙي 25 مئي، 2024 تي علي رضا بروهي جي کنڀجڻ خلاف پُرامن احتجاجي مظاهرو هو جنهن مٿان پوليس تشدد ڪيو ۽ غلط ايف آءِ درج ڪري شاگردن کي هراس ڪن يپا.
وڌيڪ پڙهو: رياست علي رضا بروهي کي واپس نه ڪيو، پر شاگردن مٿان ايف آءِ آر درج ڪئي
بک هڙتال تي ويٺلن جو مطالبو هو ته سنڌ مان جبري گمشدگين کي ختم ڪيو وڃي. اسان جو مطالبو آهي ته توهان (رياست) علي رضا بروهي کي عدالتن آڏو پيش ڪري نه ڪي غير قانوني طريقي سان شاگردن کي کنڀي کڻي وڃڻ ۽ انهن کي هراس ڪرڻ بند ڪريو.
شاگردن جي بک هڙيال ۾ سول سوسائٽي، مختلف سياسي پارٽي جي ڪارڪن جي شرڪت نظر آئي جن جبري گمشدگي جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته اهڙي غيرقانوني عمل کي بند ٿيڻ گهرجي.
پاڪستان ۾ جبري گمشدگين جو مسئلو ڏينهون ڏينهن سنجيدگي اختيار ڪري رهيو آهي ايستائين جو عدالتون به جبري گمشدگين جي حوالي سان تنقيد ڪنديون رهيون پر جبري گمشدگين جو سلسلو بند ٿيڻ بجاءِ وڌي رهيو آهي.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو