جڏهن انصاف ڏيڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون وڃن اتي انصاف ملڻ جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي. اهڙو ئي ڪجهه شهيد نصر الله گڏاڻي ڪيس ۾ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي جتي توهان کي پنهنجي مرضي موجب ايف آءِ آر درج نه ڪرائي وڃي، جتي توهان کي هڪ هفتو لڳائي پوءِ انهي موقف تي بيهاريو وڃي جنهن ذريعي ڏوهارين تائين نه پهچي سگهجي.
هتي ائين ئي ٿيندو رهيو آهي جڏهن به متاثر ڌر پنهنجي مرضي موجب ايف آءِ آر درج ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان کي اڻسڌي طرح هراس ڪيو ويو يا وري انهن کي روڊن تي اچي احتجاج ڪرڻا پيا ته ايف آءِ آر متاثر خاندان جي مطابق درج ڪئي وڃي. ان جو مثال ويجهڙائي ۾ شهيد هدايت لوهار جي ڌيئرن (سسئي ۽ سورٺ لوهار) جا مسلسل احتجاج ٿيا جن ۾ انهن جو مطالبو هو ته ايف آءِ آر، متاثر خاندان مطابق درج ڪئي وڃي ۽ بلوچستان ۾ گذريل سان بالاچ بلوچ جي شهادت تي به ائين ئي ٿيو جو متاثر خاندان کي لاش رکي احتجاج ڪرڻو پيو صرف هڪ ڪاغذ جيتري ايف آءِ آر درج ڪرائڻ لاءِ.
اهڙي ڪنٽرولڊ ماحول ۾ ڪيئن ٿي اميد رکي سگهجي ته انصاف ملندو. جيتوڻيڪ شهيد نصرالله گڏاڻي ڪيس جي ايف آءِ آر هڪ هفتي کانپوءِ اڻ ڄاتل ماڻهن تي داخل ڪئي وئي ۽ جنهن ۾ سردارن کي پڻ تفتيش لاءِ شامل ڪيو ويو آهي. اسان سڀني کي خبر آهي تفتيش ڪيئن ٿيندي؟ جتي ايف آءِ آر اڻڄاتلن تي ڪٽرائي وڃي ڇا اتي تفتيش ايمانداري سان ٿيندي. جڏهن پوليس پهرين ڏينهن کان وٺي ڪيس کي ٻيو رخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي اتي ڪير به سمجهه رکندڙ يقين ڪري سگهي ٿو ته ڪيس ۾ ڇا ٿيندو؟!
هتي قتل ڪندڙ ڏاڍو ۽ لاش وصل ڪندڙ بي بس آهن پوءِ به وڏي واڪي چوندا ته توهان کي سڀ حق حاصل آهن. توهان کي اظهار راءِ جو حق حاصل آهي ۽ آخر ۾ انهي اظهار راءِ کي گولي جي آوازن سان خاموش ڪيو وڃي ٿو. ائين جيئن نصرالله گڏاڻي کي شهيد ڪيو ويو.
صحافي نصرالله گڏاڻي جي امان پٺاڻي جيڪا هڪ وڊيو ۾ چوندي ٻڌي وئي ته هن جي ننڍڙي پٽ جي مٿان دٻاءُ آهي. اسان سمجهي سگهون ٿا ته متاثر خاندان مٿان ڪيترو نه پريشر هوندو انهن کي ڪيترن ماڻهن ذريعي هراس به ڪيو ويو هوندو. اسان جيڪي ناانصاف جا ڏنگيل آهيون انهن کي پوري خبر آ ته انصاف ڏانهن پيچرا ڏکيا آهن. اتي جنهن خاندان پنهنجو بهادر پٽ وڃايو هجي اهي يقينن دٻاءُ ۾ هوندا.
پر سنڌ جا صحافي، صحافي تنظيمون ۽ سياسي پارٽيون ڪٿي آهن؟ ان اڻڄاتل ماڻهن تي داخل ٿيل ايف آءِ آر تي نوٽس ڇو نه ورتو؟ ڇا متاثر خاندان کي حوصلي ڏيڻ جي ضرورت ناهي ته اُنهن جي انصاف لاءِ ويڙهه درحقيقت هر صحافي جي پنهنجي ويڙهه آهي، درحقيقت هر سياسي ورڪر جي پنهنجي ويڙهه آهي پوءِ به خاموشي؟! ان کي ڇا سمجهجي!
هڪ ڀيرو ٻيهر رياست جون طاقتور ڌريون، سردار ۽ انهن جا ساٿاري پنهنجا گناهه، هڪ ڪمزور داخل ڪيل ايف آءِ آر جي پٺيان بچائي ويا. قاتل ڪيترو به طاقتور هجي، ان کي ڀل رياست جي عدالت پنهنجي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاري پر سڀ ڄاڻين ٿا اهي اڻڄاتل ماڻهو (قاتل) ڪير آهن. شهيد نصر الله گڏاڻي هڪ ڀيرو ٻهير داخل ٿيل ڪمزور ايف آءِ آر ذريعي چئي پيو ته توهان کي هڪ ايف آءِ آر درج ڪرڻ جو به حق حاصل ناهي.
اسان بس ايترو چونداسين ته هاڻي سنڌ ۽ پاڪستان جي صحافين کي سوچڻ گهرجي ته هو ڪيستائين ڪمزور ايف آءِ آر جي ذريعي قتل ڪندڙن کي آساني سان وڃڻ ڏيندا؟
دي رائيز نيوز بابت پڙهو