ڪراچي: ”پوليس، هن وقت تائين منهنجي ڀاءُ علي رضا بروهي جي کنڀجڻ جي ايف آءِ آر درج نه پئي ڪري، ان جي ابتڙ پوليس سنڌ يونيورسٽي جي 15 شاگردن کي گرفتار ڪندي 30 کان مٿي شاگردن تي ايف آءِ آر درج ڪري ڇڏي آهي،“ هي لفظ علي رضا بروهي جي ڀاءُ شهزاد علي جا آهن. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ڇنڇر ڏهاڙي 25 مئي، 2024 تي علي رضا بروهي جي کنڀجڻ خلاف پُرامن احتجاجي مظاهرو ڪندي نسيم نگر کان ريلي ڪڍي نيشنل هاءَ وي روڊ تي ڌرڻو هنيو هو حڪومت کان گهر پئي ڪئي ته علي رضا بروهي کي بازياب ڪيو وڃي.
پوليس شاگردن کي گرفتار ۽ ايف آءِ آر درج
پوليس شاگردن جي ڳالهه ٻڌڻ بجاءِ انهن مٿان تشدد ڪري، 15 کان مٿي شاگرد گرفتار ۽ 30 کان مٿي شاگردن مٿان ايف آءِ آر درج ڪري ڇڏي آهي. پوليس طرفان درج ڪيل ايف آءِ آر جنهن ۾ انهن شاگردن کي تشدد ڪندي ظاهر ڪيو آهي. ايف آءِ آر مان ورتل ڪجهه سٽون پيش ڪجن ٿيون.
پوليس ايف آءِ آر: ”اٽڪل 150 مظاهرين جن جي هٿن ۾ لٺيون، ڏنڊا، سريا هئا جن جا منهن کليل هئا جن جي هٿن ۾ بينر هئا جيڪي وڏي آواز ۾ انتظاميه جي خلاف نعري بازي ڪري رهيا هئا جيڪي نعري بازي ڪندي نيشنل هاءِ وي ايندڙ ويندڙ روڊ تي ويهي ٻئي روڊ بند ڪيا…مظاهرين اسان کي چيو ته ڪوٽڙي مان اسان جو ماڻهو کڄي ويو آهي، جيستائين ماڻهو نه ملندو روڊ ڪو نه کولينداسين. … اسان پوليس جي مٿان جان کان مارڻ جي ارادي سان سڌي فائرنگ ڪري پٿراءُ ڪيو ويو.“
پوليس گرفتار ڪندڙ شاگردن کي ظاهر ناهي ڪيو ۽ ڪيترن شاگردن کي ايف آءِ آر درج ڪيل ذريعي هراس ڪيو پيو وڃي. شهزاد ٻڌايو ته پوليس هن وقت تائين هِن جي خاندان سان ڪنهن به طرح جو ڪو به تعاون نه ناهي ڪري رهي، متاثر خاندان جو ايف آءِ آر درج ڪرائڻ بنيادي حق آهي ۽ اهو ئي اسان کي نه پيو ڏنو وڃي.
شهزاد جو چوڻ ته پوليس جي ايف آءِ آر واضح ثبوت آهي ته اهي متاثر خاندان سان ڪيئن پيش اچي رهيا آهن. هتي ڪنهن جي خاندان جو ميمبر کنڀي گم ڪيو وڃي ۽ انهن کي احتجاج جو به حق نه ٿو ڏنو وڃي.
جڏهن متاثر خاندان ۽ سنڌ يونيوورسٽي جي شاگردن پرامن احتجاج ڪيو ته انهن مٿان ڪوڙي ايف آءِ ڪٽرائي وئي. جيتوڻيڪ ڪنهن وٽ به ڪو هٿيار يا لٺ به نه هئي. احتجاج ڪندڙن وٽ صرف علي رضا جون تصويرون هنيون پوءِ اهو ڪيئن ممڪن هو ته پوليس سان شاگرد ويڙهندا، شهزاد علي وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته هڪ پاسي هن جي ڀاءُ کي کنڀي کنيو ويو آهي ته ٻئي پاسي فورسز هر ان ماڻهو کي فون ڪري ڌمڪيون پئي ڏي ته اهي علي رضا جي بازيابي لاءِ احتجاج يا سوشل ميڊيا تي نه ڳالهائين نه ته انهن کي به کنڀي گم ڪيل جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو.
سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن مٿان درج ٿيل ايف آءِ آر تي ڪجهه سياسي ڪارڪن ۽ سنڌ سجاڳ فورم پاران مذمت ڪئي. جڏهن ته سياسي پارٽيون ۽ انساني حقن جون تنظيمون علي رضا بروهي ڪيس تي خاموش آهن.
هن اميد ظاهر ڪندي سنڌ حڪومت کان گذارش ڪئي ته شاگردن مٿان درج ڪيل غلط ايف آءِ آر کي ختم ڪئي وڃي اسان جو خاندان رياست کان ٻئي ڪا به گهُر نه ٿو ڪري سواءِ ان جي علي رضا بروهي کي آواز ڪريو.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو