صحافت لاءِ هميشه چيو ويندو آهي ته صحافت، تاريخ جو پهريون مسودو آهي. پر سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي جي ننڍڙي شهر ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصر الله گڏاڻي، اِن اصول سان لاڳاپيل رهيو. هن تي 21 مئي 2024 تي قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ 24 مئي تي ٻن ڏينهن کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو.
نصر الله گڏاڻي، هڪ اهڙي گهوٽڪي شهر ۾ جتي وڏيرن، سردارن جو راڄ، سرڪاري ادارن جي ڪرپشن ۽ پوليس جو راڄ هجي اتي هن هر هڪ ڏاڍ ڪندڙ کي چيئلينج ڪيو. هن جي لغت ۾ ”سمجهوتو“ جهڙي لفظ جو ڪو به وجود نه هو هو هميشه آواز بڻيل رهيو انهن جو جن جو ڪو به آواز نه هو.
هو ڪنهن امير گهراڻي مان نه پر هڪ هاري گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو. هن کي اندازو هو ته سرداري نظام ۾ زندگي جي پيڙاهه ڪيئن ٿيندي آهي. تڪ جو سردار يا پوليس هجي ڪو به هن جي صحافت مان خوش نه هو هن کي ڌمڪيون ملنديون رهيون پر هن انهن تي ڌيان نه ڏنو. قاتلاڻي حملي کان ٻه ڏينهن اڳ هن مقامي سردار لنڊ جنهن جو والد سنڌ حڪومت جي پارٽي جو ميمبر پڻ آهي، ان تي ۽ پوليس تي سخت تنقيد ڪئي. اهو چيو وڃي پيو ته هن جي تنقيد ئي قتل جو سبب بڻي. نصرالله هڪ ننڍڙي شهر جو صحافي هو پر هن جي موت جي خبر پوري سنڌ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي ۽ خاص طورتي هن جا فيس بڪ تي فالوورز ۽ دوستن سخت احتجاج ڪيو. اتي ئي صحافتي تنظيمن گهٽ احتجاج ڪندي نظر آيون.
جنهن ڏينهن نصرالله جي شهادت ٿي ان ڏينهن سول سوسائٽي جا ميمبر، هن جا دوست، شاگرد، ڪجهه صحافي ۽ وڪيل ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. هي احتجاج شارٽ نوٽس تي سڏايو ويو پر سنڌين جي وڏي انگ ان ۾ شرڪت ڪئي ۽ حڪومت کي پيغام ڏنو ته اهي سنڌ ۾ صحافين تي ٿيندڙ حملن کي برداشت نه ڪندا.
نصرالله جي صحافت جي حوالي سان ڪجهه صحافين جو چوڻ هو ته هن جي صحافت گهٽ پر ايڪٽوازم گهڻو هو. پر جڏهن عمران خان جي حڪومت هئي ان وقت ايليٽ صحافت جي صحافين جو چوڻ ته جڏهن ناحق وڌي وڃي ۽ توهان جا بنيادي حق کسيا وڃن ته پوءِ صحافت کي ايڪٽوازم ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. ان وقت اُنهن صحافين، ان وقت جي مخالف ڌر جي ڀرپور سپورٽ ڪئي ۽ جيڪا هن وقت اقتدار ۾ آهي.
جيتوڻيڪ نصرالله ڪنهن به اقتداري سياست جي سپورٽ نه ڪئي. ها! هن غريب عوام جي سپورٽ ڪئي جن جي آوازن کي هميشه اڻٻڌو ڪيو ويندو آهي.
نصرالله، پهريون صحافي ناهي جو ان کي شهيد ڪري ان جو جنازو سنڌ جي ڪلهن تي ڏنو ويو. ان کان اڳ به ڪيترائي صحافي شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل سال، سکر ۾ جان محمد مهر، پروفيشينل صحافي کي شهيد ڪيو ويو ۽ 2021 ۾ اجئه لالواڻي کي شهيد ڪيو ويو. اِنهن جي شهادت جو سبب ڪهڙو هو ڇو جو انهن طاقتور ڌرين جي آڏو سر نه جهڪايو.
سنڌ حڪومت يا وفاقي حڪومت هجي ٻئي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن. ائين بلڪل به ناهي ته سياسي پارٽيون آزاد صحافت تي يقين نه ٿيون رکن انهن جا پارٽي جو منشور پڙهو ته ان ۾ آزاد صحافت جي لاءِ بهترين اصطلاح استعمال ٿيل هوندا. جيتوڻيڪ حقيقت ان جي ابتڙ آهي ائين محسوس ٿئي پيو ته هو انهن جي سپورٽ ڪندي نظر پيا اچن جيڪي اظهار راءِ جي آزادي کي دٻائڻ چاهين ٿا.
جيڪڏهن اسان غلط آهيون ته پوءَ هن وقت تائين ڇو جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ناهن ٿيا؟ ڇا سنڌ حڪومت کي اجئه لالواڻي ياد به آهي؟ توهان جا عمل وڏي واڪي شاهدي ڏيندڙ آهن ته توهان ڇا ۾ يقين رکندڙ آهيون ۽ ان حوالي سان سنڌ حڪومت کي ڏسجي ته ان جا عملَ مختلف پيغام ڏيندڙ آهن.
شايد سنڌ حڪومت اهو سوچندي هجي ته هڪ ٻه ڏينهن ماڻهو احتجاج ڪندا ان کانپوءِ وري ٻئي ڪنهن مسئلي ۾ گم ٿي ويندا. ها! سنڌ پوري سورن ۾ آهي ۽ عوام هر وقت ماتم ڪندو رهي ٿو پر هاڻي صحافين ۽ صحافي يونيز مٿان اهم ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي سنڌ حڪومت کي قتل ٿيندڙ صحافي وسارڻ نه ڏين نه ته وري ڪنهن ٻئي صحافي کي قتل ڪيو ويندو.
اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته نصرالله گڏاڻي جا قاتل ڪير آهن؟ سنڌ حڪومت پنهنجي سنجيدگي جو مظاهري ڪندي اصل قاتلن کي منظر تي آڻي، نه تي پوءِ آڱريون سنڌ حڪومت ڏانهن کڄنديون. اسان اميد رکون ٿا ته پيپلز پارٽي هڪ بهتر عمل جي چونڊ ڪندي آزاد صحافت کي بچائيندي يا ضياء دور جيان ڪارن قانون کي ورجهائيندي آزاد صحافت کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. پيپلز پارٽي کي چونڊ ڪرڻي پوندي ته اهي ڪهڙي پاسي بيهن ٿا.
نصرالله گڏاڻي زندگي جي جنگ هاري ويو پر هن جو نعرو ته سردار ماءِ فوٽ، اڄ پوري سنڌ ۾ گونجي رهيو آهي. جيڪي هن جي آواز کي دٻائڻ چاهين پيا اڄ نصرالله گڏاڻي هر سنڌي جي آواز ۾ ڳالهائي رهيو آهي. نصرالله گڏاڻي کي گوليون به ماري نه سگهيون.
(جڏهن خبر جي تصديق ٿئي ته ايمبولينس سروس جي مدد سنڌ حڪومت نه ڪئي ان حوالي سان ڏينل خبر کي ايڊيٽوريل ۾ ترميم ڪئي وئي آهي)
دي رائيز نيوز بابت پڙهو