عمرڪوٽ ۔تعلقي پٿور جي ڀرپاسي جي علائقن کي پاڻي فراهم ڪندڙ کاهي شاخ ۽ پٿورو مائينر جي پڇڙي ۾ ايريگيشن عملي جي ملي ڀگت پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف پريس ڪلب پٿورو ٻاهريان آبادگارن جو احتجاجي مظاهر سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاجي مظاهري پڇڙي جي آبادگارن ۾ آصف حسين ڇورو ۔ طارق ڇورو ۔ قمر آريسر ۔ وليداد منڱريو سميت ٻيا شامل هئا.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته کاهي شاخ ۽ پٿورو مائينر ۔ ايريگشن عملدار رشوت عيوض غير قانوني پمپ هڻائي منڊ جي زميندارن کي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن گذريل هڪ مهيني کان اسان پڇڙي جي آبادگارن جو وڻن ۽ مرچ جو فصل سڪي تباھ ٿي رهيو آهي.
قمر آريسر چيو ته گذريل هڪ مهيني کان پڇڙي جي آبادگارن جي سوين ايڪڙ بيٺل فصل سڪي تباھ ٿي رهيو آهي ٻئي پاسي پئيڻ جي پاڻي کوٽ شددت اختيار ڪري وئي آهي اسين جر جو کارو پاڻي استعمال ڪري رهيا آهيون جنهن جي ڪري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ذهني مريض بڻجي ويا آهيو. سنڌ جي وڏي وزير ايريگشن کاتي جي صوبائي کان مطالبو ڪيو آهي تي کاهي شاخ ۽ پٿور مائينر جي عملدارن پاڻي وڪرو ڪندڙ قانوني ڪاروائي ڪري پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي پهچائي فصل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو