هڪ ٻيو قبيلائي تڪرار، هڪ ٻئي زندگي موت جي چادر اوڙهي هميشه لاءِ خاموش ٿي وئي. مئي 2024 ۾ بهرام ساوند جي زندگي ساوند_سندراڻي تڪرار جي ڀيٽ چڙهي وئي. ساوند_سندراڻي تڪرار جي شروعات ڪاروڪاري جي واقعي کان ٿي جنهن ۾ هيستائين تقريبن 30 ماڻهو مارجي چڪا آهن.
سرڪار جي پهرين ترجيع هوندي آهي ته هو شهرين کي تحفظ فراهم ڪن پر اسان وٽ معاملو ئي الٽو آ هتي شهرين جو تحفظ هِنن جي فهرست ۾ اچي ئي نه ٿو ايترو ئي نه پر سرڪار جو پنهنجو پوليس جو ادارو جنهن جو فرض آ ته هو ڏوهه کي ختم ڪري، انهن جي فهرست ۾ به عوام جو تحفظ شامل ناهي. جنهن وقت بهرام ساوند کي قاتل، قتل ڪري رهيا هئا ان وقت پوليس صرف هڪ تماشائي بڻيل هئي ايستائين جو پوليس ڏوهاري ڌر سان ڳالهيون ڪري پئي ته اسان کي بهرام ساوند جو لاش واپس ڏيو، ٿيڻ ائين گهربو هو ته پوليس ڪارروائي ڪندي ڏوهارين جي خلاف قدم کڻي ها پر هتي نظام ئي اُلٽو آهي جو پوليس گذارش ڪندي نظر آئي. ڇا ائين سمجهجي ته هاڻي پوليس جو ڪم وڃي لاش واپس ڪرائڻ آهي؟
هڪ سوال ته ڇا صرف قبيلائي نظام بهرام جي قتل جو ذميوار آهي يا وري رياست جيڪو قبيلائي نظام کي آڪسيجن ڏيندڙ پڻ آهي جيتوڻيڪ قبيلائي نظام گولي هلائيندڙ آهي پر هي رياست جيڪا ان جي بندوق کي لوڊ ڪري، پوري طرح سان اختيار ڏي پئي ته هو جنهن کي وڃي قتل ڪري سگهن ٿا. انهن کان ڪو به پڇاڻو نه ٿيندو. جيڪڏهن اهي قتل ڪندا ته رياست صرف پنهنجي پوليس موڪلي، لاش وصول ڪرڻ لاءِ موجود هوندي. اهو ئي بهرام ساوند ڪيس ۾ ٿيو جنهن نظام ۾ جهموري اصولن جي کوٽ هجي اتي قبيلائي نظام، طاقتور ٿي ڪري اُڀرندو آهي جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ پارليامينٽ موجود هوندي به هن وقت تائين اها پوري طرح سان جمهوريت کي سگهارو نه بڻائي سگهي آهي. اهڙي نظام مان ڪير اميد رکندو ته ان جي زندگي محفوظ هوندي.
خير! سنڌ حڪومت جي پنهنجي پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي جنهن جو باني ذوالفقار علي ڀٽو، جيڪو سرداري ۽ وڏيرڪي نظام جي خلاف هو. (ان کي ختم ڪرڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ويو. اهو هڪ ٻيو بحث آهي.)
هن وقت اها ساڳئي پارٽي جيڪا وڏيرن ۽ سردارن سان ڀريل آهي ۽ سنڌ ۾ ڪيترن سالن کان وٺي حڪمراني ڪندا پيا اچن. جڏهن به قبيلائي تڪرار ڪَرُ کنيو آ سنڌ حڪومت هميشه خاموشي رهي آهي. آخر سنڌ حڪومت پوري طرح سان قبيلائي نظام جي آڏو بي بيس ڇو آهي؟ ڇو سنڌ حڪومت معصوم ماڻهن جي زندگين کي قبيلائي تڪرار جي ڀيٽ چاڙهي رهي آهي؟
اسان سمجهون ٿا ته قبيلائي نظام جلدي ۾ ختم نه ٿيندو پر جيڪي ڏوهاري آهن انهن کي سزا ڏئي سگهجي ٿي ان جي ابتڙ حڪومت خاموش نظر ٿي اچي ۽ انهن جي خاموشي جي سزا معصوم ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن جنهن ۾ هن وقت بهرام جو خاندان آهي.
هر سال قبيلائي تڪرار ڪاري ديوَ وانگر منهن ڪڍي زندگيون ڳڙڪائيندو وڃي پيو گذريل سان اجمل ساوند هو ته هن سال بهرام ساوند آهي. ڪير بهرام ساوند جي قتل جي ذميواري قبول ڪندو؟ ڇا ايتري جرئت سنڌ حڪومت ۾ آهي جو هو اهو قبول ڪري ته اهي بهرام ساوند کي بچائڻ ۾ ناڪام ويا؟
بهرام ساوند جا آخر لفظ ته ”ڀلي ماري ڇڏيو پر منهن نه کارجو.“ بهرام جا لفظ رياست جي نظام کي واکو ڪندڙ آهن جو هتي بهرام جي زندگي کي تحفظ حاصل ناهي پر قبيلائي نظام کي تحفظ مليل آهي.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو