سنڌ اها آهي جنهن شهيد شاهه عنايت جهڙا باغي ڪردار پيا ڪيا جنهن جو فلسفو ته جيڪو کيڙي سو کائي. اهڙن ڪردارن سان ڀريل آهي. اڄ اها سنڌ اداس آهي، اڄ شهيد شاهه عنايت ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جهڙا ڪردا ناهن جنهن پنهنجي حصي ۾ آيل خانداني وراثت کان هٽي ڪري سنڌو لاءِ زندگي اَرپئي ڇڏي.
ڇا هاڻي ڪو اهڙو پير يا سيد آهي جيڪو چوي ته جيڪو کيڙي سو کائي. ان جي ابتڙ سنڌ مٿان پير يا سيد اهڙا مڙيا ويا آهن جيڪي سنڌ جي تباهي جو سبب آهن ايستائين جو انهن جي عذاب کان معصوم ناريون به محفوظ نه ٿيون رهن. ها! اهڙن پيرن يا سيدن جو سنڌ ماتا جي ڌرتي سان ڪو واسطو ناهي. انهن جو وجود سنڌ جي مٿان داغ جيان آهي.
تعجب انهن تي آهي جيڪي انهن کي پيرن ۽ سيدن کي مذهب جا چوغا پارائي مڃن ٿا درحقيقت اهي چوغا هڪ ظلم ڪندڙن کي پارائي رهيا آهن جڏهن به طاقتور ظلم ڪيو آهي ان مذهب جي اوٽ ورتي آ ۽ ائين هتي پير ۽ سيد ڪندا رهيا آهن انهن جي ڪوٽ اندر ڪيترو نه ظللم ٿيندو رهي ٿو پر ڪڏهن به ڪنهن انهن کان سوال نه ڪيو يا وري ڪنهن ڪڏهن انهن کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو؟! اسان سڀني کي پنهنجو پاڻ کان سوال ڪرڻ گهرجي ته اسان لاءِ سنڌ يا پير اُتم آهن؟
جيستائين اسان پيرن کي مذهب جو چوغو پرائي تحفظ ڏينداسين تيستائين انهن جا ڪوٽ نه ڪرندا نه ئي معصوم ناريون محفوظ رهنديون. آخر هنن سنڌو ماتا لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ سواءِ درد جي ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو حد ٿي وئي جو اسان جو ننڍڙيون نينگريون به انهن وٽ محفوظ رهيو ناهن پوءِ اها فاطمه ڦرڙو يا پريا ڪماري هجي يا وري اهي ناريون جن جون درد ڀريون دانهون اسان جي ڪنن تائين پهتيون ناهن.
ننڍڙين ٻارڙن جي زيادتي ۽ ظلم تي قدرت وٽ به معافي ناهي پوءِ فاطمه ڦرڙو سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي معافي اسد شاهه لاءِ ڪيئن ممڪن آهي؟
سنڌو جي سيني تي فاطمه ڦرڙو جهڙين نينگرين جا لاش ملڻ يقينن ڪو پهريون ڀيرو ناهي ۽ نه ئي پريا ڪماري کي اغواه ڪري اُن جي والده کي تڪليف ڏيڻ ڪو پهريون ڀيرو آ، ان کان اڳ ڪيترائي ٻار اغواه ٿي چڪا آهن ۽ شايد هن وقت به ڪو ٻار ڪنهن علائقي مان گم ٿيو هوندو. پر ڇا اسان ۽ توهان ان ڪري خاموش ٿي ويهي رهون ڇو جو اهو هر روز ٿئي ٿو يا وري اسان ڪنهن سياسي پارٽي جو انتظار ڪريون ته اهي اسان جي درد تي اچن. آخر اهي ڇو ايندا؟ هاڻي ڪا اقتدار جي ويڙهه لاءِ چونڊون ناهن جو اهي اسان جي لاءِ تڪليفن ۾ شامل ٿين. جيستائين ڪٿا ڪنهن کي ڪو آسيرو نه ملندو يا وري ڪنهن کي اين او سي نه ملندي تيستائين اهي ڪنهن به مسئلن تي ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍندا.
پر اسان پنهنجن نياڻين لاءِ آواز اُٿارينداسين ائين ڪير به نه سمجهي ته فاطمه جي مٿان آيل ڪفن، سنڌو جي آواز کي دٻائي ڇڏيندو يا وري پريا کي گم ڪري، سنڌو جي آواز کي گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. جڏهن به اهي اسان جي بچن تي وار ڪندا اسان اٿي کڙا ٿينداسين.
اسان جا سڏَ اوستائين پڙاڏو ڪن جيستائين ناحق ڪندڙن جا محل نه ٿا ڊهن، جيستائين پيرن جون حويليون ڊهير نه ٿيون ٿين. اهو ممڪن آ جيڪڏهن اسان وٽ مستقل مزاجي هجي جڏهن اسان رياست مٿان پريشر قائم رکنداسين ته پوءِ ئي هو انصاف فراهم ڪندا باقي ڪيس کي ايترو اينگهايو جو آواز اُٿاريندڙ پاڻ ئي خاموش ٿي وڃن ۽ اِهو ئي ٿيندي اسان پريا ۽ فاطمه جي ڪيسن ۾ ڏسون پيا.
فاطمه جي لاءِ ايترو آواز اُٿاريو جو حڪومت مجبور ٿي وئي ته پير کي جيل ۾ ويڌو ۽ ٻئي پاسي پريا، جنهن لاءِ حڪومت کان هڪ ڪميٽي نه پئي جوڙي سگهي پر اسان جي ڀرپور آواز انهن کي مجبور ڪيو جو اهي پريا لاءِ ڪميٽي جوڙڻ تي مجبور ٿي پيا.
مان هتي انهن ماڻهن کي ڪوڊ ڪرڻ نه ٿي چاهيان جن پريا جي ماءُ کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو، جن جي اکين تي مفادن جا کوپا چڙهيل هجن اهي سچائي کي نه ٿا ڏسي سگهن انهن لاءِ مفاد ئي اول آهن. اهڙن ڪردارن تي ڇا لکجي جن کي ايتري به خبر ناهي ته هڪ ماءُ جي پيڙاهه ڇا هوندي آهي؟
جيڪي چاهين پيا ته پريا جي والدين کي خاموش ڪرائجي انهن جي لاءِ اُهي آواز فائديمند ثابت ٿيا. پر سوال آهي ته انهن سڀني کي ننڊ ڪيئن ايندي هوندي جن پريا جي ماءُ کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو؟ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هر وقت هڪ ماءُ کي ئي ڏوهاري بيهاريو ويندو آهي ڪنهن سچ چيو هو ته ماءُ ٿيڻ آسان ناهي جن به پريا جي ماءُ تي سوال اُٿاري انهن کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اهي وساري ويٺا آهن ته سچ پنهنجو رستو پاڻ ڪڍندو آهي ۽ ان ۾ توهان جا مفادن سان ڀريل گهَڙا مٽجي ويندا.
ٻئي پاسي فاطمه ڪيس آهي جنهن لاءِ اندازو ٿي چڪو آهي ته پير کي آزاد ڪيو ويندو. پر اسان جي ڪجهه معصومن جو انداز ڏسڻ وٽان آهي ته والدين صلح ڪرڻ چاهين ٿا جن والدين جي جهول ۾ پيرن نياڻي جو صرف لاش ئي نه پر ان سان زيادتي ڪري ان جي جسم تي تشدد جا نشان ڇڏيا. ان والده کان وڃي پڇو ته ڇا اها ڪنهن ظالم کي معاف ڪندي؟
هڪ مظلوم ماءُ، اڪيلي سِرِ ڪيئن ٿي وڙهي سگهي؟ جڏهن رياست اهڙين پيرن ۽ سيدن کي تحفظ ڏيندي هجي. جمهوريت جي ڳالهه ڪندڙن کان پڇو ته ڊي اين اي جي چڪاس ۾ دير ڪري، پير کي محفوظ رستو ڇو ڏنو؟ جيئن اسان سڀني جا پهرين احتجاج هئا، ڇا ڪنهن احتجاج جو سڏ ڏيندي چيو ته فاطمه ڪيس ۾ شاهدن تي دٻاءُ وجهي شاهديون مٽايون پيون وڃن احتجاج پري جي ڳالهه پر اهو چيو ته والدين ٺاهه ڪرڻ چاهين ٿا. واه ڙي! انصاف تنهنجا رنگ!
انهن سڀئي کي ايترو ٻڌائيندي هلان ته جڏهن توهان جي اسيمبلين ۾ پير ۽ سيد ويٺل هجن اتان جي جمهوريت انهن کي پيرن جي تحفظ لاءِ هوندي آهي نه ڪي فاطمه جهڙي ماءُ جي لاءِ جنهن جي چُلهه تي هڪ ويلي جي ماني به مشڪل سان پچي ٿي. ان ڪري وقتي آواز اُٿارڻ کانپوءِ، اڻسڌي طرح هڪ طاقتور جي ڀَر کڻندڙن کي خبر هجڻ گهرجي ته والدين جو ٺاهه ناهي پر هڪ مظلوم ۽ بي بس کي دٻائي ٺاهه تي راضي ڪرڻ آهي. جنهن جي اندر خوف هجي ته پير جي خلاف نه بيهي اهي ڪيئن ٿا اڪيلي سر ويڙهندا.
ڇا سنڌ جون قومپرست يا پارليامينٽرين سياسي پارٽين پيرن ۽ سيدن جي خلاف روڊن تي آيون ڇو جو انهن کي خبر هئي ته اهي پاڻ ئي انهن مان هڪ آهن پوءِ اهي اڳتي ڪيئن ايندا؟
ان ڪري هتي فاطمه جي والدين يا پريا جي ماءُ تي آڱر کڻڻ کان پهرين جيڪي چار آڱريون سياست ۽ رياست جي نظام تي وڃن ٿيون انهن تي ڳالهايو. جيڪڏهن هتي انصاف، جمهوريت ۽ سياست پيرن کي تحفظ نه ڏئيندڙ هجي ها ته اڄ اسان کي سنڌ جي ٻنهي نياڻين لاءِ هيڏو عرصو انصاف لاءِ انتظار نه ڪرڻو پوي ها ته ڪڏهن ٿي پريا پنهنجي ماءُ کي ڀاڪر ڀري ۽ ڪڏهن فاطمه جي ماءُ جي جهول ۾ انصاف ملي ٿو.
اڄ ٻنهي مائرن جون جهوليون خالي آهن پوءِ اهي جهوليون ڪنهن هندو يا مسلم ماءُ جون هجن ٻنهي سان رياست جو ورتاءُ هڪ جهڙو آهي ڇو جو ٻنهي جو تعلق سنڌو ماتا سان آهي. جيڪڏهن ٻئي سنڌي نه هجن ها ته رياست جي ميڊيا جو رويو مختلف هجي ها صرف ميڊيا جو رويو ئي نه پر سياسي پارٽيون هر آئي ڏينهن ٻنهي مائرن جي در تي وڃي انصاف جي پڪ ڏيارين ها. شايد سنڌ حڪومت جا ڪي ميمبر انهن جي گهرن ۾ اوستائين ويٺا هجن ٿا جيستائين انصاف نه ٿو ملي يا وري پريا واپس نه ٿي اچي. پر ڇا ڪجهه پريا، دعا زهره ناهي. پر ڪيستائين رياست اهڙو رويو رکندي؟ هر آواز کي ناحق خلاف هڪ ٿيڻ گهرجي.
سوال وري به ته ڪڏهن ڪرندا پيرن جا ڪوٽ؟ ڪڏهن آزاد ٿينديون معصوم نياڻيون، ڪڏهن ملنديون مائيرن کي پنهنجي نياڻيون؟ جڏهن اسان جا آواز سنڌو ساگر جيان گجگوڙ ڪندڙ هجن، جڏهن اسان جي چيخ ايتري زوردار هجي جو هنن جا ڪوٽ ۽ حويليون ۾ ڏار پئجي وڃن تڏهن ڪرندا پيرن جا ڪوٽ.
Sorath Sindh, an activist raising her voice against Human Rights Violations. X/Twitter: @SindhuSorath
دي رائيز نيوز بابت پڙهو