ڪوٽ غلام محمد سان واسطو رکندڙ نينا گجراتي ناري جنهن جي عمر 13 سال آهي ان جو مذهب تبديل ٿيڻ کانپوءِ شادي ٿي وئي.
نينا کي اغوا ڪندڙ مهدي حسن عرف ميدو خاصخيلي ٻڌايو وڃي ٿو جنهن ناري جو مذهب تبديل ڪرائي ۽ ان سان شادي ڪري ڇڏي. نينا جي ڀاءُ جيون جو وڌيڪ ٻڌائڻ هو ته مهدي حسن جي عمر نينا کان وڏي آهي ۽ هو شادي شده ۽ ٽن ٻارن جو والد به آهي. اهو ڪئين ممڪن آ جو هڪ شادي شده ماڻهن پنهنجي پهرين گهرواري جي اجازت کان بغير ٻئي شادي ڪري سگهي ٿو.
نينا جي والد اشوڪ فون تي ڳالهائيندي ٻڌايو انهن جي نياڻي 22 اپريل 2024 تي اڌ رات جو اغوا ٿي وئي ۽ هنن پوليس کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ چيو پر پوليس جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته پوليس پوري طرح سان مهدي حسين سان مليل آهي جنهن وقت تي ناري کي بازياب نه ڪري انهن کي پورو موقعو ڏنو جو هو پير سرهندي درگاه تي پهچي ويا ۽ مذهب تبديل ڪرائي ڇڏيو.
ناري جي والد اشوڪ کي ٽئي ٻار آهن جن مان نينا ٻئي نمبر تي آهي. ناري جو والد نااميد ۽ بي بس محسوس ٿيو جو هو مسلسل ڪوشش ڪندو رهيو آهي ته هن جي ناري واپس ٿئي. ناري واپس ٿيڻ جي بجاءِ اها خبر ٻڌائي وئي ته هن جو مذهب تبديل ۽ شادي ٿي چڪي آهي.
سماجي ڪارڪن ۽ ڪڇي اتحاد جو صدر شيوا ڪڇي ٻڌايو ته نينا جو ڪيس ڪو پهريون ناهي ان کان اڳ به هر ڪيس ۾ پوليس ڏوهاري جي مدد ڪندي نظر اچي ٿي جنهن ۾ هو ايف آءِ آر درج نه ڪرڻ ۽ ايترو وقت ڏيڻ جو ناري جو مذهب تبديل ڪري ۽ پوءِ ان جي شادي ڪرائي ويندي. جنهن کانپوءِ پوليس بهانو بڻائي چوندي آهي ته هو هاڻي ايف آءِ آر درج نه ٿا ڪري سگهن ڇو جو ناري جو مذهب تبديل ٿي چڪو آهي. ائين ئي نينا ڪيس ۾ ٿيو.
جڏهن جيون، نينا جي ڀاءُ کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت ٻارن جي شادي جي پابندي واري قانون مطابق جنهن ۾ ڪو به نابالغ ٻار جيستائين اڪثريت واري عمر تي نه ٿو پهچي، شادي نه ٿو ڪري سگهي ته پوءِ ڇا هو ڪيس وڙهندا؟ جيون جو چوڻ هو ته هو قانوني جنگ وڙهڻ جي ڪوشش ڪندا جيڪڏهن ناري واپس ڪرائي وڃي نه ته اسان جون سڀ ڪوششون بيڪار وينديون.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو