ملير جي ڌرتي واسين کي ٻن هفتن ۾ پنهنجا گهر خالي ڪرڻ جو حڪومت ڏنو ويو آهي. هي چوڏانهن ڳوٺ ٽن ديهن جي هيٺ اچن پيا جن ۾ ديهه جوريجي، ديهه ڊانڊو، ۽ ديهه ڪوٽيرڙو شامل آهن جتي قديم قبيلا ڪلمتي، جوکيا، ۽ ٻيا صدي کان مٿي رهندا پيا اچن جيتوڻيڪ هينئر جوکين جي اڪثريت آهي. هاڻي هڪ قديم تاريخ، سرسبز زمين، قبرستان، ۽ گهر سڀ ڪجهه تباهه ٿيندو. ان سان گڏوگڏ جيڪا تاريخ جوڙيل آهي ملير سان مٽجي ويندي.
تقريبن 30 سالن کان مٿي ملير جي زمين تي ملسلس ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان قبضو ٿيندو رهيو آهي جنهن ۾ خاص طورتي بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ۽ ٻيا هائوسنگ اسڪيم گروپ جيڪي ملير جي زمين کي ڳڙڪائي رهيا آهن.
متاثر شهري سليم سالار جوکيو ٻڌايو ته ملير جي ماڻهن کي 20 اپريل 2024 تي هڪ پيغام مليو ته اهي سمندري بابا جي ڀر ۾ قائم آرمي چيڪ پوسٽ جي آرمي آفيسر سان ملن. ملير جي ماڻهن لاءِ حريت جهڙي ڳالهه ان وقت سامهون آئي جڏهن آرمي آفيسر اهو چيو ته انهن وٽ صرف ٻه هفتا آهن ته جيئن هو پنهنجا ڳوٺ خالي ڪري سگهن. جيڪڏهن ٻن هفتن اندر ڳوٺ خالي نه ڪيا ويا ته پوءِ انهن کي هڪ سر به کڻڻ نه ڏني ويندي.
هي پهريون ڀيرو ناهي جو ملير جي زمين کي آرمي جي حوالي ڪيو پيو وڃي ائين ئي ڪجهه 1993 ۾ ان وقت پيپلز پارٽي جي حڪومت ”فري آف ڪاسٽ“ جي نالي تي ديهه ڪوٽيرڙو ۽ ديهه ڊانڊو جي زمين 13500 ايڪڙ فيلڊ فارنگ رينج لاءِ ڏئي ڇڏي. جيتوڻيڪ ان وقت به ڪيترائي گهر بي گهر ٿي ويا هئا. ان کانپوءِ آرمي مسلسل ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجون حدون وڌائيندي رهي جو انهن 13500 کان وڌي وڃي 25000 تائين وڌائي ڇڏيون.
ملير واسي پنهنجي پريشان جو اظهار ڪندي شڪايت ڪئي ته آخر ليز ٿيل زمين تي آرمي پنهنجي مالڪي ڪيئن ڪري سگهي ٿي جڏهن ته انهن جا ڳوٺ سنڌ ڳوٽ آباد هائوسنگ اسڪيم ايڪٽ 1987 تحت ليز ٿيل آهن. ڳوٺ ۾ گهر، اسڪول، اسپتالون، ۽ قبرستان آهن جيڪي پڻ آبادي جي قديم رهائشي هجڻ جو ثبوت ڏين پيا. ملير واسين طئي ڪيو ته اهي قانوني جنگ وڙهندا جنهن لاءِ انهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي هن وقت ائين ڪنهن به ڪيس جي ٻڌڻي ۾ هڪ به آرمي آفيسر عدالت ۾ حاظر ناهي ٿيو.
ملير جي زمين تي ٿيندڙ قبضي خلاف 10 سالن کان مٿي آواز اُٿاريندڙ ۽ سنڌ اينڊيجينس الائنس جو ميمبر حفيظ بلوچ پنهنجي خدشي جو اظهار ڪندي چيو ته هي صرف 14 ڳوٺ ناهن ان کان مٿي ڳوٺ خالي ڪرايا ويندا. هتي بحريا ٽائون کان وٺي ڊي ايڇ اي تائين سڀئي هڪ آهن ته ملير جي رهواسين کي زمين تائين بيدخل ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ اسان جي ويڙهه صرف ملير جي زمين جي حفاظت تائين محدود ناهي اسان جي ويڙهه سنڌ لاءِ آ ۽ اسان سنڌ جي زمين جي حفاظت اِنهن امير قبضاگروپن کان ڪنداسين جيڪي غريبن جي زمين تي پنهنجي عمارت اڏڻ چاهين ٿا.
ٻئي پاسي سليم سالار جوکيو چيو ته اسان جي هر شئي پڻ قديم تاريخ داوَ تي لڳل آهي. اسان کي حڪم ڏنو ويو ته اسان پنهنجي قديم زمين ڇڏي وڃو ڇو جو آرمي کي زمين گهرجي.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو