هن وقت تائين پريا ڪماري جي گمشدگي کي 33 مهينا ۽ 976 ڏينهن ٿي چڪا آهن گمشده ٻارن جون خبرون ميڊيا تي خاص ڌيان حاصل نه ٿيون ڪري سگهن ۽ نه ئي وري امير سياستدانن وٽ ڪا اهميت آهي ڇاڪاڻ جو هر آئي ڏينهن ٻار اغواه ۽ ڪيترن ئي ٻارن سان جنسي زيادتي ٿيڻ جا ڪيس رپورٽ ٿين پيا صرف گذريل سال، ساحل تنظيم جي انگ اکرن کي ئي ڏسجي ته 1930 ٻار ملڪ ۾ اغواه ٿيا آهن هي صرف انگ اکر ناهن درحقيقت زندگيون آهن جن جي ڪا به خبر ناهي ته اهي ڪٿي آهن.
جڏهن رياست جرم کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ان وقت سوسائٽي، جرم کي اڻسڌي طرح قبول ڪندي اهو چئي ڏيندي آ ته اهڙا ڪيس هر روز ٿين پيا جيستائين ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڪيس ميڊيا يا سوشل ميڊيا تائين نه ٿو پهچي ٻئي پاسي ڪيترائي ڪيس خراب حڪمراني جي نظر ٿي گم ٿي ويندا آهن.
ائين ئي ڪجهه پريا ڪماري ڪيس سان ٿيو 19 آگسٽ، 2021 ڏينهن جڏهن پريا ڪماري اغواه ٿي جيتوڻيڪ ان وقت هن جي عمر ست سال هئي، پهرين ڏينهن کان وٺي هن جا والدين مسلسل رياست جو اهڙو ڪو درد ناهي جيڪو هنن نه کٽکٽايو هجي. پريا جي والده جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ جنهن ۾ هوءَ هٿ ٻڌي پنهنجي ڌيءَ جي بازيابي لاءِ گذارش ڪري پئي پر هڪ ماءُ جي گذارش پاور پوليٽڪس جي در تائين نه پهچي سگهي.
هڪ ماءُ ئي گم ٿيل ٻار جو غم محسوس ڪري سگهي ٿي ۽ ماءُ جهڙو دل رياست جي سيني ۾ ناهي هوندو.
پاريا جو ڪيس وري سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڏينهن اڳ بحث هيٺ رهيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ماءُ جي گذارش ڪيترن جي دلين کي غمزده ڪري ڇڏيو. خير! سوشل ميڊيا تي تنقيد ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت کي احساس ٿيو ته پاريا ڪماري جي والدين جي دانهن کي ٻڌيو وڃي جو هنن هڪ ڪميٽي جوڙي ۽ واعدو ڪيو ته نينگري کي جلد از جلد بازياب ڪرايو ويندو.
هيڏي عرصي کانپوءِ هڪ اُميد نظر آئي جڏهن ايس ايس پي، حيدرآباد، امجد شيخ ، جيڪو ڪميٽي جو ميمبر پڻ آهي هن هڪ ٽي وي پروگرام ۾ چيو ته ”پريا ڪماري حيات آهي ۽ بازياب ٿيڻ جهيڙو ڪيس آهي.“ هڪ ذميوار آفيسر جڏهن ان قسم جي بيان ڏئي ته پوءِ سمجهي سگهجي ٿو ته صوبائي حڪومت جي اختيارين کي پريا جي حوالي سان ڄاڻ آ ته هوءَ ڪٿي آهي. آخر اها ڪهڙي طاقتور ڌر آ جيڪا قانون کان به مٿي آهي ۽ اها پريا کي والدين ڏانهن نه پئي وڃڻ ڏي. هن وقت تائين پاريا بازياب نه ٿي آهي.
سنڌ حڪومت، جنهن سياسي پارٽي جو خاص نعرو ته ”جمهوريت بهترين انتقام آهي“ ان نعري جي ان وقت ڪا به اهميت نه ٿي رهي جڏهن شهرين کي انصاف نه ٿو ملي. پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر خورشيد شاهه، سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هاڻي آخر پريا ڪماري ڪيس کي ڇو اُٿاريو ويو آهي. هن کي اهو ٻڌائڻ گهربو هو ته هِن وقت تائين پريا بازياب نه ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن ۽ ڪير رڪاوڻ بيڻل آهي ان جي ابتڙ خورشيد شاهه غصي جو اظهار ڪيو. سنڌ ۾ صرف پاريا ڪماري ڪيس ئي نه پر گذريل سال 260 ٻار اغواه ٿيا آهن. هِن جي حڪومت، سنڌ ۾ ڪيترن سالن کان وٺي قتدار ۾ آهي، اِهي ٻڌائين ته آخر ٻارن جي تحفظ لاءِ ڇا ڪيو آهي.
تعجب آهي جو پيپلز پارٽي خورشيد شاهه جي بيان تي هن کان پڇا نه ڪئي شايد ان ڪري جو هن جو بيان اقتدار کي نقصان نه پهچائي رهيو هو پر انهن والدين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو جن جا ٻار هن وقت تائين گم ٿيل آهن پڻ پريا ڪماري جي والدين جي زخمن ۾ اضافو ڪيو.
پريا ڪماري جي بازيابي، نااميد والدين جي اميدن ۾ نئون ساهه وجهي سگهي ٿي ته هنن جا ٻار واپس وري سگهن ٿا. سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته هو شهرين کي تحفظ فراهم ڪري يا گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي نعري ”جمهوريت بهترين انتقام آهي“ کي عزت ڏي جڏهن انصاف فراهم ڪيو ويندو ۽ پاريا کي واپس ڪرايو ويندو تڏهن ئي ان نعري جي ڪا اهميت ٿيندي.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو