12 سيپٽمبر 2023 تي افضل لنڊ جي قتل خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ھاڻي رياستي ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جي انتھا ٿي وئي آھي، ھڪ وڏي عرصي کان سنڌ مان ايجنسيون سنڌ جي سياسي شعور کي ڪچلڻ لاءِ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري سالن جا سال ٽارچر سيلن ۾ واڙي انھن کي اذيتون ڏين ٿا ۽ جدوجھد ذريعي ڪجھ کي آزاد ڪن ٿا ۽ تہ ڪجھ کي ڪوڙا ڪيس ھڻي انھن کي سالن جا سال جيلن ۾ واڙي اذيتون ڏئي سندن زندگيون تباھ ڪن ٿا.
افضل لنڊ 11 سيپٽمبر جي ڏينهن تي ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن هٿان ٽنڊو آدم ۾ قتل ٿي ويو. افضل کي ايجنسيون ڪجهه مهينا اڳ کنيو هو پر هن جي مٿان ڪو به الزام ثابت نه ٿيو ۽ هو آزاد ٿي ويو، جنهن کان پوءِ هو هڪ نجي بينڪ ۾ ڪم ڪري رهيو هو.
افضل جي قتل جي خبر پوري سنڌ کي ڌوڏي ڇڏيو آهي ۽ هن جي قتل جي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي. افضل جي والد جو چوڻ آهي ته هن جو پٽ بي گناهه هو، هو هر هڪ لاءِ آواز اُٿاريندو هو. منهنجي پٽ کي قتل ڪري ظالمن قهر ڪيو.
وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ احتجاج ڪرايو جنهن ۾ وي ايم پي جي مرڪزي اڳواڻ سھڻي جويو، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويي، مرڪزي نائب صدر زاھد کوسي، ايڊووڪيٽ خليل انصاري، ۽ ساڃاھوندن، وڪيلن ۽ شاگردن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
هنن وڌيڪ چيو ته افضل لُنڊ جنھن کي ايجنسين پھرين کنڀي گم ڪري مٿس سخت تشدد ڪيو ويو ۽ پوءِ جدوجھد جي نتيجي ۾ کيس ظاھر ڪري مٿس ڪوڙا ڪيس مڙھيا ويا پر عدالتن ان کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، ھاڻي ھو شھدادپور ۾ ھڪ مائيڪرو فائنانس بئنڪ ۾ ھڪ ملازم جي حيثيت سان ڪم ڪري رھيو ھو.
جنھن کي ڪلھ 2 نامعلوم ماڻھن کيس فون ڪري گھرائي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ياد رھي تہ افضل لنڊ کي واٽس ايپ تي ايم آءِ پاران مارڻ جو ڌمڪيون بہ ملنديون رھيون جنھن جو وائيس بہ اچي چُڪو آھي، ان ڪري اسان سمجھون ٿا تہ ھاڻي رياست سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ھي ذريعي ماري خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا.
احتجاج ڪندڙن عالمي انساني حقن جي ادارن کان گهُر ڪئي ايمنسٽي انٽرنيشنل، ايشين ھيومن رائيٽس، ۽ ٻين کي اپيل ٿا ڪيون تہ شھيد افضل لُنڊ جي شھادت واري واقعي تي عالمي جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ قاتلن کي ظاھر ڪري انھن خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو