موت جي خبر هر هڪ کي ڌوڏي ڇڏيندي آهي پر جڏهن موت جي خبر ڪنهن نوجوان جي هجي، جنهن کي قتل ڪيو وڃي ان جي موت جي خبر صرف ڌوڏي ئي نه پر اندر کي چري ڇڏي ٿي.
اهڙي ئي هڪ خبر سنڌ جي نوجوان قومپرست افضل لنڊ جي آهي جيڪو اسان کان ڌار ڪيو ويو. ان جي خبر شايد ڪجهه ڪنن لاءِ خاص نه هجي ۽ شايد ڪير اهو چئي خاموش ٿي وڃي ته رياست ۾ قومپرست سياست جي اجازت ناهي يا کڻي اهو چئو ته پنهنجي ڌرتي ماتا سان پيار ڪرڻ جي اجازت ناهي ۽ جيڪي اهو وري به ڪن ٿا ته پوءِ نتيجا ڀوڳين.
افضل لنڊ کي سزا، ان ڪري نه ملي جو هو ڪو ڪرپٽ هو. ان کي سزا، ان ڪري ملي جو هن سنڌو ماتا سان عشق ڪيو. هو رياستي ادارن هٿان کڄي چڪو هو پر ان جي باوجود به هو ان چوڪر جيان وري به سنڌ ڏانهن عاشق جيان واپس وريو ۽ ڌرتي سان پنهنجي پيار جو اظهار شاعري ذريعي ٽڪ ٽاڪ تي شيئر ڪري ڪندو رهيو.
هو هڪ سنڌ جو عاشق ۽ باغي هو جنهن ڌرتي جي عشق ۽ پنهنجي بغاوت کي لفظن جو جامو پارايو ۽ خوف کي ڦٽو ڪري ڇڏيو. هن جي صدا ڪويل جهڙي، جنهن جي ڪوڪ، اُنهن کي چڙ ڏني جن گولين هلائڻ جا حڪم نامه جاري ڪيا.
هڪ نوجوان جنهن جي زندگي پئي هئي جنهن کي اڃان ڪم ڪرڻا هئا اهو سِرعام موت جي گهاٽ لاٿو ويو. هن سمجهوتو نه ڪيو، هن سنڌ جي عشق تان هٿ نه کنيو ۽ نه ئي وري پنهنجي روح مٿان ڪو داغ هڻڻ ڏنو. شايد هن کي خبر هئي ته هڪ ڏينهن باغي روح جي جسم تي گوليون هلايون وينديون.
افضل! هاڻي موجود ناهي پر افضل جي قتل ٿيڻ کانپوءِ ڪيترائي سوال جواب طلب آهن.
اسان کي خبر آهي ته افضل جي قتل کانپوءِ حڪومتي مشنري مختلف ڪهاڻيون جوڙيندي ۽ شايد سياسي پارٽيون خاموشي اختيار ڪن جيئن انهن سنڌ جي مسنگ پرسنز جي مسئلي تي چپي اختيار ڪئي آهي.
پر سچ سڀني کان لِڪل ناهي ته افضل جو قتل ڇو ٿيو ۽ هڪ ماءُ کان ان جي اولاد ڇو جُدا ٿي. افضل! ناحق تي آواز اُٿاريو هن پنهنجي ڌرتي ماتا سان ٿيندڙ ناانصافي تي ڳالهائيندو رهيو، اِهو ئي افضل جو قصور هو ته هن ڌرتي جي درد تي ڪويل بڻجي ڪوڪ ڪئي.
افضل سنڌ جو سپوت هو جنهن کي قتل ڪرڻ آسان هو. هو هڪ لاهور جي رهواسي نه هو جو جيئن چاهي تيئن ڳالهائي ۽ آخر ۾ پنهنجو ٻچو چئي معافي ملي وڃي ها يا وري ملڪي ميڊيا ان جي ڳالهين کي انقلابي ڪري پيش ڪري ها ۽ هيرو بڻائي ها. افضل لنڊ جنهنجي موت جي خبر ملڪي ميڊيا جي ٽِڪر به نه بڻجي سگهي ۽ نه ئي امير ايڪٽوسٽ جون ننڊون ڦيٽون ته هو قتل ڇو ڪيو ويو.
انهن سڀني آڏو افضل سنڌي هو ۽ انهن کي پرواهه ناهي ته هو بي دردي سان قتل ڇو ٿيو. هتي قتل ٿيندڙ جو پروفائيل وڌيڪ اهميت رکي ٿو جي هو امير طبقي ۽ اسلام آباد يا پنجاب سان تعلق رکي ٿو ته پوءِ ڏسو ته هلڪڙي ڌڪ ملڻ تي به ڪيئن نه ميڊيا ٿرٿلو مچائي ٿي.
پر افضل جي قتل تي انهن کي کان پرواهه ناهي، ها! هو ان وقت آواز اُٿاريندا جڏهن ڪا خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿئي ته پوءِ کڻي رسمن ڪجهه ڳالهائي پنهنجو پاڻ کي انساني حقن جا علمبردار پيش ڪندا. سنڌين جي درد تي اسٽبلشمينٽ هجي يا وري ايڪٽوسٽ اهي سڀئي سنڌ جي معاملي تي هڪ پني تي آهن.
مان انهن تي وڌيڪ لکڻ نه ٿي چاهيان ڇو جو وقت جو ضايع آهي جن وٽ درد به brand جيان هجي انهن مان ڪهڙي اميد ته اهي سنڌين لاءِ ماتم ڪندا. هي پنهنجا ناهن ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي پر سنڌ جي سياسي پارٽين ۽ ايڪٽوسٽ کي ڇا ٿيو آهي.
انهن طرفان افضل لنڊ جي قتل تي هڪ افسوس جو بيان يا هڪ ڏينهن جو احتجاج نه گهرجي. جيڪڏهن ڪير روايتي بيان جاري ڪري پنهنجن ڪلهن تان بار لاهڻ چاهين ٿا ته انهن کي صلاح آ ته توهان ايتري به محنت نه ڪريو.
ها! افضل لاوارث ناهي هو سنڌ جو سپوت هو، آهي، ۽ رهندو. يقينن هو ڪو خانداني سياست مان نه هو جو ان لاءِ اقتدار سياست ڪندڙن وٽ ڪا خاص اهميت هجي پر هو سنڌ جو سپوت هو ۽ اهو ئي گهڻو آهي. ان ڪري سنڌ کي سوال پڇڻ گهرجي، سنڌ کي زوردار آواز سان سوال ڪرڻو پوندو ته افضل کي قتل ڇو ڪيو.
سنڌ جا نوجوان جيڪي صرف ڪارڪن طور استعمال ٿيندا رهيا آهن، انهن اندر ايترو جذبو آهي جو هو پارٽين کي درست سمت طرف هلائي سگهن ٿا ۽ سنڌ جي سياست ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي سگهن ٿا پر شخصيت پرستي ۽ خاندان پرستي سنڌ جي سياست کي زنگ لڳائي ڇڏيو آهي. اهڙا اهڙا به اڳواڻ ڪري وهاريا ويا آهن جن کي ٻه لفظ به نه ٿا ڳالهائڻ اچن پر ڇا ڪجي شهيد جي قرباني عيوض پارٽي اڳواڻي ملي وئي ۽ ٻئي پاسي اهي اڳواڻ آهن جيڪي پاڻ کي قومپرست سياستدان چورائن ٿا جيڪڏهن انهن جا ڪم ڏسو ته قومپرستي کي پنهنجي هجڻ تي شرم اچي.
ان ڪري انهن مان اِها اميد رکڻ ته هو ثابت قدم بيهي افضل جي قتل تي آواز اُٿاريندا ته پوءِ ممڪن ئي ناهي.
سنڌ جي نوجوانن کي اڳيان اچڻو پوندو جيڪي دراصل سنڌ ڌرتي جي درد کي محسوس ڪن ٿا. هتي ڳالهه آ ته ڪيستائين سنڌين کي لاوارث سمجهي قتل ڪندا رهندا.
افضل لنڊ جو ڪيس سنڌ لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي جنهن ۾ رياست کان وٺي سياسي پارٽين تائين کان سوال ڪرڻا پوندا ۽ سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي اچي واڳ سنڀالڻي پوندي ڇو جو اهي ڌرتي جو درد محسوس ڪن انهن وٽ ڌرتي جي درد جي نيلامي واري سوچ ناهي. انهن وٽ سنڌ ئي پهرين ترجيع آهي هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا سنڌ افضل جي شهادت تي صرف ٻه لڙڪ هاريندي يا وري ان جي خون مان ڪا نئين تاريخ رقم ڪلندي سنڌ کي نئين سياسي ۾ تبديل ڪندوء.
جيڪڏهن مان اهو چوان ته ها! شهيد افضل لنڊ سنڌ جو قومپرست نوجوان هو قومپرستي جي معنيٰ ئي ڌرتي سان عشق آهي ۽ افضل سنڌو ماتا سان عشق ڪيو جنهن جي قيمت هن زندگي جي ڀيٽا ڪري ڏني.
افضل جي ويڊيو ۾ چيل شاعري ته
اوچري ڳالهه منهنجي به ٿوري سمجهه ذري
ڌرتي کانپوءِ مان توکي آ پوڄو
مگر باهه رياست جي آ
مون تي ٻري
ايندس مان واپس
ايندس ضرور
وٺندس جنم ٻيو جي ويندس مري
جڏهن سنڌ صداقت آزاد ٿيندي
ڪندس توسان محبت تڏهن وري
ها! افضل وري واپس ضرور ورندو، هو ڪڏهن به مرڻو ناهي. هو پنهنجي نئين ساز سان ڌرتي جو گيت ڳائيندو. ڀل! اسان سڀئي زندگي جي ڊوڙ ۾ ڪجهه پلن لاءِ افضل کي اوجهل ڪري ڇڏون پر ڌرتي ماءُ جي سيني تي ڪريل افضل جو خون هميشه سنڌو ماتا کي ياد ڪرائيندو ته هو! ضرور واپس روندو هڪ اهڙي سماج ۾ جتي ڌرتي سان عشق ڪرڻ گناهه نه هوندو.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو
- بحريا ٽائون سنڌ جي زمين کان وٺي تاريخي ورثي کي قتل ڪندڙ - 11.25.2023
- شهيد افضل لنڊ! ايندس مان واپس ايندس ضرور - 09.12.2023
- زين شاهه: گهر گهر ۾ گوليون فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳولهيون - 09.07.2023
- فاطمه: تنهنجو قاتل ڪير؟ - 08.24.2023
- ديا ڀيل ڪيس: ها هوءَ سنڌي هندو هئي - 03.29.2023
- ٻڏيلن جو ڪو به سهارو ناهي - 09.05.2022
- ڇا حق گهرڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي آهي؟ - 06.16.2022
- ڪريما بلوچ: تون مرڻي ناھي - 12.23.2020
- ڇا سنڌ ۽ بلوچستان وفاق جون ڪالونيز آھن؟ - 10.15.2020
- !دنيا جنت ٿيڻي ناهي - 03.28.2020