سنڌ ڪيترن ئي مسئلن جي ورچڙهيل آهي جنهن مان ڌاڙيلن جو ناسور هر ڏينهن وڌندو پيو وڃي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيپلزپارٽي جي سرڪار سنڌ لاءِ ڪا چڱائي ڪئي ناهي، جيڪڏهن انهن ڪجهه ڪيو ته پنهنجا مفاد پهرين ترجيع تي رکي اسلام آباد ۽ پنهنجن مفادن کي ڀرپور تحفظ ڏنو.
هتي آخر ڪهڙي شيءِ ڳڻايان جنهن ۾ پي پي پي جي حڪومت سنڌ سان دوکو نه ڪيو هجي. خير! اڄ جو موضوع پيپلز پارٽي ناهي پر ان جي ئي سرڪار طرفان وڌايل سورَ آهن جنهن تي ڳالهه ڪنداسين ۽ پيپلز پارٽي تي ايندڙ هفتي ڪالم لکندس.
هينئر اسان سيد زين شاهه تي ڳالهائينداسين. مون کي گهٽ ۾ گهٽ ايترو اندازو ٿي چڪو آهي ته اسان جنهن ماحول ۾ رهو ٿا اهو سڄو ماحول سرڪس وانگر ٿي چڪو آهي جتي ڪير ڪنهن جي ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار ناهي جي ڪنهن تي تنقيد ڪجي ٿي ته پوءِ الزامن جا وار وسايا وڃن ٿا، سمجهڻ جي ڪوئي ڪوشش ئي نه ٿو ڪري ته ڪنهن ڇا لاءِ تنقيد ڪئي.
پر اسان تي الزام ڪي نوان ناهن اسلام آباد/پنڊي هجي، پيپلز پارٽي هجي، ۽ ٻيون پارٽيون هجن ۽ هاڻي وري زين شاهه جي پارٽي يا ان جا ساٿي هجن هر هڪ الزام هنيا آهن. اسان پنهنجو صحافتي ڪم هر الزام ۽ ڌمڪين ملڻ کان پوءِ به جاري رکيو آهي حق جي ڳالهه ڪرڻ ۽ سچ کي واکو ڪرڻ کان ڪڏهن به پير پٺتي ناهن ڪيا ۽ نه ئي وري سمجهتوڙي جي ڇانوَ ۾ ويٺا آهيون.
هتي اصل موضوع کي سمجهڻ بجاءِ هڻ الزام، ڏي الزام جي روش هلي پئي آهي. جيڪا بند ٿيڻ گهرجي پر ڇا ڪجي سياسي پارٽين جا سوشل ميڊيا سيل شايد جوڙيا ئي الزامن جي بوڇاڙ ڪرڻ لاءِ آهي. ان تي به پر ڪڏهن ٻئي وقت ڳالهائبو.
واپس اچون ٿا سيد زين شاهه تي، هينئر هو هر بحث جو موضوع بڻيل آهي صرف سنڌ ئي نه پر ٻين صوبن جي سياسي ماحول ۾ ڪٿي نه ڪٿي مزاق ڪندي چون پيا ته، سنڌ جا قومپرست اڳواڻ فوجي آپريشن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن زين شاهه ڇا چيو يا ان کي پنهنجي ڳالهه ڪيئن رکڻ گهربي هئي اهو انتهائي ضروري آهي. ايس يو پي جو پورو حق آهي ته پنهنجي اڳواڻ جو دفاع ڪن، اسان وٽ روايت رهي آ ته اڳواڻ ڇا به چئي، ڪهڙيون ڳالهايون ڪري، ان جو ڀرپور دفاع ڪبو.
جيڪڏهن پارٽي اڳواڻ ڪٿي غلطي ڪري ٿو ته ان جي نشاندهي تي الزام هڻڻ بجاءِ سوچڻ گهرجي ته شايد ڪجهه ماڻهو توهان جي ڀلي لاءِ چئي رهيا هوندا. زين شاهه پنهنجي تقرير ۾ جيڪو ڪجهه ڳالهايو ان ۾ اختلاف، هِن جي چيل جملن تي آهن ۽ جيڪي انتهائي سنجيده اختلاف آهن ڪير به سلجهيل ذهن رکندڙ ان ڳالهه سان اختلاف رکندو ته زين شاهه کي ائين نه ڳالهائڻ گهربو هو.
هن پنهنجي تقرير ۾ سڀني تي تنقيد ڪندي چيو ته ”جيڪڏهن ردالفساد ٿي سگهي ٿو ته پوءِ رد الڌاڙيل ڇو نه ٿو ٿي سگهي . . . پاڪستان وٽ 6 لک فوج آهي ته ان مان هڪ هزار فوج اچي آپريشن ڇو نه ٿي ڪري سگهي.“ توهان کي ڇا پيو لڳي ته هي لفظ ڪي معاملي آهن يا وري اسان جا سلجهيل دوست ان کي ائين جسٽيفاءِ ڪندا ته ڏسو هن جي پوري تقرير ۾ هن اسٽبلشمينٽ کي به ڳالهايو آهي.
هن پنهنجي تقرير ۾ ضرور سياسي پارٽين، سردارن، وڏيرن ۽ اسٽبلشمينٽ کي ڳالهايو پر هتي ڪو زين شاهه مان ڪا باغي سياست جي آس لڳائي ناهي ويٺو، هو پارليامينٽ جي سياست ڪندڙ آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ هر ان سان ويهڻ لاءِ تيار آهي جيڪي پيپلز پارٽي مخالف هجن پوءِ ڀل اهي پاڻ ڪيترا به سنڌ جا سڄڻ نه هجن. هڪ سياسي پارٽي جي پنهنجي حڪمت عملي آهي جيئن ٻين سياسي پارٽين جي هوندي آهي.
پر هتي زين شاهه جي چيل لفظن تي افسوس ٿئي پيو. ڇا هن کي خبر ناهي ته آپريشن جي نالي تي ڇا ٿيندو رهيو آهي. بلوچستان جو مثال سامهون آهي. سنڌ سان آپريشن جي نالي تي ڇا ڇا نه ٿيو. سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾، جتي امن و امان جي نالي آپريشن ڪيو ويو. اها هڪ انٽري هئي ۽ هن وقت تائين رينجرز جو ڪنٽرول آهي.
جنهن ملڪ ۾ پتو به اسٽبلشمينٽ جي اجازت کانسواءِ نه هلندو هجي اتي ڌاڙيلن کي آڪسيجن ڏيندڙ ڪير آهن؟ ڌاڙيلن کي جديد هٿيار ڪير مهياء ڪري پيو؟ ڌاڙيل کي ڍَر ڪري ڏئي رهيو آهي.
هتان جي ئي رياست سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي ان ئي رياست جا ذريعا سياسي پارٽيون ۽ سردار، وڏيرا آهن جن جي ساٿ سان سنڌ جي روح کي چريو پيو وڃي. ساگر ڪمار يا پريا ڪماري جون مائيرون جهول جهلي هٿ ٻڌي التجائون ڪن ٿيون ته اسان جا ٻار اسان کي واپس ڪري ڏيو. درحقيقت اِها سنڌو ماتا ئي آهي، جيڪا جهول جهلي پنهنجي درد جي دانهن ڪري رهي آهي ان سڀ جو ذميوار اسٽبلشمينٽ ۽ ان جا ساٿاري آهن انهن ۾ پيپلز پارٽي ۽ ٻيون پارٽيون پڻ سردار به گناهه ۾ شامل آهن. پيپلز پارٽي پنهنجي اقتدار دوران ڌاڙيلن خلاف ڪجهه به نه ڪيو هاڻي جيڪڏهن هو معصوم ٿيڻ جي ڪوشش ڪن پيا ته ڇا اهي سنڌ کي ڏينل زخمن مان آجا ٿيندا؟ بلڪل به نه!
ان جو مطلب اهو نه هجڻ گهرجي ته زين شاهه جي غلط جملن تي پردو رکجي، هن پنهنجي تقرير ۾ واضح انداز سان فوجي آپريشن جا لفظ چيا آهن.
هر لفظ جي هڪ اهميت درڪار آهي، هر لفظ صدين جو روح رکي ٿو، هڪ لفظ ۾ پيڙاهه سمايل آهي، هر لفظ پنهنجو پاڻ هڪ عمل آهي. اسان جا لفظ اسان جي سوچ جي عڪاسي ڪندڙ آهن. توهان جيڪي لفظ چيا اهي ذهن تائين پهتا ۽ هڪ ماحول جوڙيندا.
سنڌ کي ڪيترائي زخم مليا آهن ۽ هينئر تائين ظلم برداشت ڪري رهي آهي ان لاءِ هر لفظ تلوار جيان ثابت ٿئي ٿو.
زين شاهه جا لفظ جنهن وقت منهنجي ڪنن تي پيا ان وقت ئي ماضي جو مشهور گيت جيڪو فوجي آپريشن جي درعمل ۾ سنڌين جي زبان تي چڙهيل هو ته
منهنن ڇپرن لوڙهن ۽ گهر گهر ۾ گوليون
فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳولهيون
ان دور جا درد ۽ گهاوَ هينئر به تازه آهن جڏهن سنڌ مٿان آمريت طرفان مڙهيل ڌاڙيل ڪلچر ٿوپيو ويو ان وقت سنڌ جي دانهن ڪهڙي هئي. ڇا زين شاهه کي ياد ناهي ته آرمي آپريشن جي نالي تي سنڌ ڇا سان ٿيو ۽ ڇا ٿي سگهي ٿو. جيڪي ڌاڙيلن کي آڪسيجن ڏئي رهيا آهن اهي انهن کي ختم ڪندا.
زين شاهه کي ياد ڪرائيندي هلان ته ردالفساد جي نالي تي طالبانن کي نقصان نه رسيو هو پر اتان جي عوام سان ويڌن ٿي. توهان رد الڌاڙيل جا لفظ اُچارڻ وقت ٿوري دير لاءِ سوچيو ته ڇا پيا چئو.
تصور ڪريو ته جيڪڏهن اسلام آباد وارا توهان جي ڳالهه تي فوجي آپريشن ڪن ٿا ڇو جو هن وقت ڪو نواز شريف يا ٻيو اڳواڻ ناهي جيڪو اهو چئي ته ڌاڙيل جي خلاف آپريشن لاءِ فوج پنهنجا هڪ هزار فوجي سنڌ ڏانهن موڪلي، هي جملا سيد زين شاهه جا آهن.
ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ ڇا ڌاڙيل ختم ٿي ويندا؟ ڇا سردار ۽ وڏيرا ڪمزور ٿي ويندا؟ اِها توهان جي ڀُلَ ٿي سگهي ٿي، پر اسان کي اندازو آهي ته فوجي آپريشن جي نالي تي سنڌ جي رهيل سيل سياسي ماحول کي ڌڪ رسندو. ڇا اسان سڀني کان مسنگ پرسنز وسري ويا آهن؟ انهن کي کڻڻ وارو ڪير آهي؟ جن مرض پيدا ڪيا آهن انهن کي پيا سڏ ڏيو ته اچو آپريشن ڪريو.
ڪاش توهان بلوچستان جي ڌيءَ مهارنگ بلوچ جا لفظ ٻڌا هجن جيڪا وڏي واڪي سان رياست تي ڳالهائيندي چئي ٿي ته هي سردار سرڪار جا سردار آهن.
ڪاش! زين شاهه ان وانگر وڏي واڪي چئي ها ته ڌاڙيل سرڪار جا آهن، نه ڪي در الفساد جي گهر ڪندي فوجي آپريشن جي ڳالهه ڪري ها.
هاڻي ڪير زين شاهه چيل غلط بيان کي اگر مگر ۾ جسٽيفاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ڀل ڪريو پر جيڪي لفظ واضح آهن انهن کان انڪار ڪيئن ڪندو.
زين شاهه کي پنهنجي غلطي جو احساس ڪندي ندامت ڪرڻ گهربي هئي ته هن کي هڪ هزار فوج آپريش ۽ درالفساد جي گهُر نه ڪرڻ گهر بي هئي. هڪ سلجهيل ۽ ميچوئر اڳواڻ جي نشاني اها ئي آهي جو هو غلطي جو اعتراف ڪري نه ڪي ان جي ڪا جسٽفيڪشن ڏني وڃي ته هن ڇا چيو ۽ ڪيئن چيو.
ڌاڙيلن جي مرض کان ڪير نه انڪاري ناهي ۽ ان کان به ڪير اڻڄاڻ ناهي ته هي سڀ ڪجهه ڪنهن جي آشيرواد سان ٿي رهيو آهي پر ڌاڙيلن جي آڙ ۾ فوجي آپريشن جي راهه هموار ڪري سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جو ڪنٽرول ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آهي.
هي هڪ فوجي آپريشن ڪرڻ جا لفظ ناهن ۽ ان جا ايندڙ نتيجا سنڌ ايندڙ وقت ۾ ڀوڳيندي. سنڌ مٿان ڌاڙيلن جو مرض نه لهندو پر ظلم ۾ اضافو ٿيندو اهو به سڀ ويهي ڏسندا ڪاش! تاريخ جي ورقن مان ٿورو سکي سگهو، ڪجهه غلطيون قومن کي ڊگهي وقت تائين سزا ڏينديون رهنديون آهن. سنڌ اڳ ئي اسلام آباد جي ڪالوني بڻيل آهي اڃان ڪالوني کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو
- بحريا ٽائون سنڌ جي زمين کان وٺي تاريخي ورثي کي قتل ڪندڙ - 11.25.2023
- شهيد افضل لنڊ! ايندس مان واپس ايندس ضرور - 09.12.2023
- زين شاهه: گهر گهر ۾ گوليون فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳولهيون - 09.07.2023
- فاطمه: تنهنجو قاتل ڪير؟ - 08.24.2023
- ديا ڀيل ڪيس: ها هوءَ سنڌي هندو هئي - 03.29.2023
- ٻڏيلن جو ڪو به سهارو ناهي - 09.05.2022
- ڇا حق گهرڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي آهي؟ - 06.16.2022
- ڪريما بلوچ: تون مرڻي ناھي - 12.23.2020
- ڇا سنڌ ۽ بلوچستان وفاق جون ڪالونيز آھن؟ - 10.15.2020
- !دنيا جنت ٿيڻي ناهي - 03.28.2020