سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ھڪ سازش تحت ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ايڪٽ 2023ع تحت ملير ضلعي جون 17 ديھون سيٽلائيٽ ٽائون جي حوالي ڪري ملير جي انڊيجينيس ماڻھن جي زمينن تي قبضو ڪري ڌارين کي آباد ڪري مقامي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي. جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪبي.
سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس پاران ملير جي زمينن جي 30 سالا ليز جي بحالي ۽ ملير جي زمينن تي ٺھندڙ سيٽلائيٽ ٽائون سميت سمورن سنڌ دشمن منصوبن جي ٺھڻ خلاف 26ھين آگسٽ 2023ع تي ميمڻ ڳوٺ چوڪ کان عوامي پريس ڪلب ميمڻ ڳوٺ تائين سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائينس مارچ ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي خدا ڏني شاھ، صدر خالق جوڻيجي، سارنگ جويي، حفيظ بلوچ ۽ ٻين ڪئي. جيتوڻيڪ ان موقعي تي ملير جي باشعور ماڻھن، ھارين، پورھيتن، شاگردن، وڪيلن، ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ آبادگارن، زميندارن ۽ سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
احتجاج ڪندڙ وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ ملير جي زرعي زمينن جون 30 سالا ليزون بحال ڪري ملير جي اصل رھواسين کي ڏنيون وڃن، ان کان علاوہ بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ڪمانڊر سٽي، ايڊيوڪيشن سٽي ۽ ٻين رھائشي اسڪيمن جي نالي ۾ مقامي ماڻھن جي ڳوٺن، تاريخي ماڳن، ڍنڍن، ڍورن ۽ جبلن تي قبضو ڪرڻ بند ڪيو وڃي، ۽ زرعي ۽ ڪارپوريٽ مقصد لاءِ سنڌ جون 30 لک ايڪڙ زمينون عسڪري ادارن ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي حوالي ڪرڻ جي ۽ بحريا ٽائون کي ٿاڻي ڀولا خان جي ديھ ۽ تپو ڪلو کوھر، اسپيشل اڪنامڪ زونز رولز 2013 جي رول 13 تحت ڏيڻ جي پڻ اسان سخت مخالفت ڪيون ٿا ۽ ان خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي. اسان اپيل ٿا ڪيون تہ اچو پنھنجي وجود کي بچائڻ جي جنگ پاڻ گڏجي وڙھون ۽ سمورن سنڌ دشمن منصوبن خلاف متحد ٿيون.