اي آسمان وارا
مان تو ڏانهن ڪهڙي
دانهن ڪيان
اهو ممڪن ئي ناهي
ته جيڪا بي دردي سان قتل ٿي
تو ڏانهن ان جي دانهن نه پهتي هجي
ان معصوم جي دانهن
اڄ به موجود آهي
ڇا ڪجي
غريب جي دانهن جي ڪا قيمت ناهي
ڇو جو هو سڀ ڏاڍا آهن
انهن جي دلين تي
بي حسي جي دز چڙهيل آ
هو ايترا بزدل آهن
جو هڪ قاتل کي
قاتل چوڻ ۾ ڪيٻائين ٿا
ها! هوءَ جيڪا قتل ٿي
ان جي دانهن اڄ به موجود آهي
بس! ڪير ٻڌڻ وارو ناهي پر، اي آسمان وارا! تو تائين ته دانهن پهتي هوندي؟! هيلينا
سنڌو ماتا ڪيترين ئي دردن ۾ وڪوڙيل آهي پر انهن دردن مان هڪ جهوريندڙ درد سنڌ جي معصوم نارين جو آهي جيڪي هر آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان خاموش ڪيون وڃن ٿيون.
ڪڏهن قتل ڪري ته ڪڏهن اغواه ڪري زوريءَ مذهب تبديل ڪري ته ڪڏهن ڌمڪيون ڏئي هيسائي خاموش ڪيون پيون وڃن.
يقينن توهان اهو سوچيندا هوندا ته اهو پهريون دفعو ته ناهي. ها! فاطمه فرڙو ڪا هڪ ناهي جيڪا ائين بيدردي سان زيادتي ڪرڻ کانپوءِ قتل ڪئي وئي هجي، الاءِ ڪيتريون معصوم نينگريون هونديون جيڪي موت جي گهاٽ چڙهيون آهن.
اسان سڀني جي سامهون فاطمه جو ڪيس اچي ويو هڪ اهڙو ڪيس جنهن هر اُن دل کي بي چين ڪري ڇڏيو جنهن جي مٿان بي حسي جي دز چڙهيل ناهي. اسان تائين ان جي دانهن ان وقت پهتي جڏهن هوءَ مٽيءَ جي چادر اوڙهي، هر درد ۽ تڪليف کان آزاد ٿي هميشه لاءِ خاموش ٿي سمهي پئي.
ها! فاطمه، وري ٻيهر درد ڀري دانهن نه ڪندي. ها! فاطمه، وري ٻيهر پنهنجي امان کي سڏ نه ڏيندي. هاڻي اسد شاهه جي حويلي جون ديوارون فاطمه جي دانهن کي روڪڻ جون ڪوشش به نه ڪنديون. هوءَ بس، خاموش ٿي چڪي آهي. سنڌو ماتا جي جهول ۾ وڃي سمهي پئي ڇا هي سڀ ڪجهه اتي ئي ختم آهي؟! شايد اهو اُنهن سوچيو هجي جن جا هٿ فاطمه جي قتل ۾ شامل آهن جن معصوم ننڍڙي ٻارڙي سان زيادتي ڪري قتل ڪيو. اهي اهو وساري ويٺا ته ڏاڍ هر وقت ناهي رهندو ۽ نه ئي اِنهن جي گناهن جي مٿان چڙهيل شرافت جي چادر هميشه رهندي. هڪ نه هڪ ڏينهن معصوم جي دانهن انهن جي چهرن تي چڙهيل شرافت جو پردو ڇڪي لاهندي.
۽ اهو ئي ڪجهه فاطمه جي دانهن ڪري ڏيکاريو جو ان جي دانهن سماج جي بوگس نظام مٿان پردي کي چري ڦاڙي ڇڏيو آهي. اُن هر پيري مردي کان وٺي سوڪالڊ جمهوريت يا سنڌپرست پارٽين تائين هر هڪ جي پت واکي ڪري ڇڏي.
جيڪڏهن ڪير پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ نه ٿو چاهي ته هو ڪيتري حدتائين واکا ٿي چڪا آهن ته پوءِ اها انهن جي ڀُل آهي
ٿورو ياد ڪرائيندا هلون ته فاطمه کان اڳ به ڪيتريون ئي هندو نارين جي زوريءَ مذهب تبديلي تي چپ جو روزو رکندڙ واکا ٿي چڪا هئا ۽ ڪنهن نه ڪنهن بهاني جي آڙ ۾ پاڻ کي بچائي ويندا هئا پر فاطمه ڪيس ۾ سماج ۾ موجود گناهه تي جنهن انداز سان انهن رويو اختيار ڪيو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن وٽ پنهنجا مفاد ڪيترا نه عزيز آهن.
اسان جي سامهون هڪ فاطمه فرڙو جو ڪيس اڳيان اچي ويو آهي ته ان سان حويلي اندر ڪيتري ويڌن ٿي پر تصور ڪريو ته هندو نينگرين سان ڇا ٿيندو هوندو جن جي خبر به نه پوندي آهي ته مذهب تبديلي کان پوءِ اهي ڪيڏانهن ويون.
فاطمه جي ماءُ کي ايتري خبر آ ته فاطمه جي قبر ڪٿي آهي پر ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ، ڪماري، اوڊ جي مائيرن کي اها به خبر ناهي ته انهن جون نينگريون زنده به آهن. انهن نينگرين لاءِ اهڙو رويو اختيار ڪيو ويندو آهي ڄڻ اهي سنڌو ماتا جون ڌيئريون نه هجن.
اسان کي اهو چيو ويندو ته اسان هر نينگري سان ٿيندڙ ناحق تي آواز اُٿاريو پر فاطمه کان وٺي هر نينگري کي توهان جا ٻه لفظ نه گهرجن ۽ نه ئي فاطمه کي توهان جا ٻن لفظن تي ٻڌل بيان جي ضرورت آهي. جيڪڏهن توهان فاطمه يا هر ان هندو نينگري لاءِ احساس رکندڙ آهيو ته پوءِ وڏي واڪي سان پيري مريدي، درگاهن تي آواز اُٿاريو.
ائين نه ٿيندو جو توهان هڪ پاسي، پير، سردار ۽ گادي نشين کي ويهاري پوءِ اسان کي چئو ته توهان کي فاطمه جي لاءِ احساس آهي. ايستائين جو ڪجهه ماڻهن عذر پيش ڪندي چيو ته هينئر پيري مريدي تي کُلي نه ٿو ڳالهائي سگهجي ان مان مراد اها تو توهان ڪيترن ئي نينگرين جي زندگي سان کيڏڻ جو لائسينس جاري ڪري رهيا آهيو.
خاص طورتي سياسي پارٽين جو فرض آهي ته اهي ناحق ۽ بوگس نظام خلاف آواز بلند ڪن جيڪي اهو ڪجهه نه ٿيون ڪري سگهن ته پوءِ انهن جي سياست عوام جي لاءِ نه پر اسلام آباد ۾ سياسي نوڪري ڪندڙ آهن پوءِ ڀل اهي نوان اڀرندڙ سياسي چهرا يا پراڻا سياسي چهرا هجن جيڪي سڀئي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ اقتدار ۾ اچڻ چاهين ٿا ۽ انهن وٽ عوام ۽ اصول ڪا به اهميت نه ٿا رکن هر اهو آواز جيڪو خاموش آ، فاطمه جو قاتل آ!
هاڻي سنڌ اها ساڳئي سنڌ رهي ناهي اهو سمجهڻو پوندو ۽ خاص طور تي سياست ۾ موجود سياسي پارٽين کي ته توهان ڪنهن حدتائين اقتدار ۾ ڪجهه سالن تائين رهو به پر عوام جي دلين تي راڄ نه ڪري سگهندو ڇو جو توهان جي سياست ۾ عوام جو روح ناهي، توهان کي عوام جي پاسي اچڻ لاءِ هر پيري مردي تي آواز اُٿارڻو پوندو.
فاطمه ڪيس ۾ انصاف جي ديوي ۽ رياست جو نظام ڪٿي بيهي ٿو ان جو فيصلو ايندڙ وقت ڪندو پر اسد شاهه ۽ ان جي حويلي ۾ هلندڙ ظلم واکو ٿي چڪو آهي جيڪي مذهب ۽ پيري مردي جي نالي تي اسد شاهه جي گناهن تي پردا رکي رهيا آهن انهن کي ايترو ياد ڪرائجي ته فاطمه جون دانهون اڄ به حويلي اندر گوجن پيون ته اصل قاتل ڪير آهي.
ڇا اهي درحقيقت زنده به آهن جيڪي فاطمه جي قتل باوجود به پيري مريدي جي آڏو سرجهڪائي رهيا آهن؟
فاطمه سان انصاف تڏهن ٿيندو جڏهن پيري مريدي جهڙي بوگس نظام تي وڏي واڪي آواز اُٿاريبو ۽ جيڪي اهڙن نظام تي خاموش آهن اهي به فاطمه جي قتل ۾ شامل آهن.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو
- بحريا ٽائون سنڌ جي زمين کان وٺي تاريخي ورثي کي قتل ڪندڙ - 11.25.2023
- شهيد افضل لنڊ! ايندس مان واپس ايندس ضرور - 09.12.2023
- زين شاهه: گهر گهر ۾ گوليون فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳولهيون - 09.07.2023
- فاطمه: تنهنجو قاتل ڪير؟ - 08.24.2023
- ديا ڀيل ڪيس: ها هوءَ سنڌي هندو هئي - 03.29.2023
- ٻڏيلن جو ڪو به سهارو ناهي - 09.05.2022
- ڇا حق گهرڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي آهي؟ - 06.16.2022
- ڪريما بلوچ: تون مرڻي ناھي - 12.23.2020
- ڇا سنڌ ۽ بلوچستان وفاق جون ڪالونيز آھن؟ - 10.15.2020
- !دنيا جنت ٿيڻي ناهي - 03.28.2020