شھدادپور ڀرسان هالا ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاھ محمد ڏاھري وٽ 5 اڻڄاتل هٿياربندن هٿان ڦرلٽ بعد شھدادپور واسي 3 ڄڻا مبينا طور اغوا
هٿياربند ٻن ڄڻن راجا لاشاري ۽ ابراهيم راجپوت جا هٿ پير رسن سان ٻڌي ڪيلي جي باغ ۾ ڦٽو ڪري هڪ ڄڻي احسن لاشاري کي ڪار سميت اغوا ڪري کڻي ويا. رسن سان ٻڌل ٻئي ڄڻا پاڻ کي آجو ڪرائڻ بعد ھالا ٿاڻي تي پهچي واقعي جي رپورٽ ڪرائي ڇڏي.
علائقي واسي جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن متاثر شھري ڪار خريد ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ويا هئا واپسي تي هالا شھدادپور مُک روڊ تي يرغمال بڻائي احسن لاشاري کي ڪار سميت اغوا ڪيو ويو. هالا پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو
Hello world