اڄ 23 هونءَ ڏينهن آھي ڪڙيوگهنور شھر جي غريب آباد ڪالوني مان شاڌي شُده ھندوءُ ناري طوطي ۽ نيگرمهيش جن کي 3 کان مٿي مقامي ڀوتارن جا پاليل ۽ مختلف ڪرمنل ڌنڌن ۾ ملوث وحشيءَ بگهڙن هٿيارن جي طاقت تي رات جو 11 کان 12 جي وچ ڌاري اغوا ڪري ويا.
نينگر ۽ ناري جي ماءُ مومل جو چوڻ آھي ته بگهڙ نماءَ هٿيار بند 3 ڄڻا گهر اندر داخل ٿي هٿيار ڏيکاري ماٺ رهڻ جو چئي ڌي ۽ پٽ کي زبردستي کڻي ويا. ٻيا هنن جا 2 ساٿاري ٻاهر گاڏي وٽ بيٺل نظر آيا. پڇاڙي ۾ ڌمڪيون ڏيندا چوندا رهيا ته ڪنهن سان به ڳالهه ڪئي اٿوَ ته نينگر جي سر جو خير ناهي اسان سڄي رات ان خوف ۾ ماٺ ٿي رهجي وياسين صبح ٿيڻ تي مقامي چڱن کي دانهون ڏنيوسين جن ٿاڻي تي وڃڻ کان روڪي چيو ته توهان جون ٻانهون موٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪريون ٿا. نتيجي ۾ جن خود ناري ۽ نينگر کي کنڀي کڻي ويندڙن کي مذهبي ملان ڏانهن موڪلي اسان جي ناري کي ڪورٽ موڪلي جبرن نڪاح مٿان نڪاح ڪرائي مون غريب بيوس ماءُ مٿان وڏو ظلم ڪيو آھي. منهنجو پٽ مهيش جنهن جو ڪو به پتو نٿو پوي ته هوءَ زنده به آهي يا ناهي مون غريب سان هيڏو قهر ٿيو آھي جنهن جو آخر ڪير انصاف ڪندو. نياڻي ۽ نينگر لاءِ اهڙو ڪو آھي ماءَ جو دودو جودو پٽ جيڪو نياڻي ۽ پٽ موٽائي ڏي?!
هڪ ماءُ جي اهڙي روئي داد کان پوءِ قانون 22 ڏينهن گذرڻ جي باوجود ناري طوطيءَ ۽ نينگر مهيش بگهڙن کان آزاد ڪرائي نه سگهيا آھن.امڙ مومل سان ڪربلائي قهر ٿيو آھي ان ٿيندڙ ناجائيز قهر تي سڄو تر ماٺ آھي جوابدار قانون کان ڏاڍا پيا نظر اچن انهن کي حوس پرست بااثر ڀوتارن جي طاقت حاصل آھي ڪورٽ سڳو ري به انصاف ڏيارڻ بجائي بگهڙن جي ساٿاري بڻيل نظر اچي ٿي ڌي ۽ پٽ لاءِ اکين مان هر پل آب هاريندڙ جيجل ماءُجا سک چين ڦٽي ويا آھن انصاف نه ٿيو آھي انصاف جو سڄ زميني خدائن جي حڪم سواءِ اُڀرڻ لاءِ تياري ناهي.
اولاد لاءِ هر پَل درن ۾ ڌيڌون. رکندڙ مومل کي انتظار ۾ اڄ 23 سڄ ۽ راتيون لهي اُڀري ويا آھن 23 پهر به مومل جي سر مٿان ڪڙڪيل آھن ڌي ۽ پٽ اڃان به بگهڙن وٽ قيد ڪڙول ٿيل آھن قانوني اخلاقي سماجي سطح تي هن غريب بيوس عورت مومل جي ڪو به مدد ڪرڻ لاءِ افسوس تيار نه آھي هن مهل تائين غريب بيوس عورت مومل جي هڙان وڙان مدد ڪرڻ لاءِ وڪيل شنڪر داس هر تتي ٿڌي ۾ بنا ڪنهن رنگ نسل ذات پات جي ڪنهن سان به ظلم هجي ان لاءِ ميدان تي نظر ايندڙ گيان چند مهيشوري ڪامريڊ استاد وشنومل، ڄيٺو مل ۽ ٻيا ڏاڍ ڏھڪاءَ کي للڪاريندڙ ڪي ٿورا ماڻھوءُ مون کي نظر اچن ٿا.
جڏھن ته شھيد فاضل راهو ءَ جي ديس ۾ ٻيا به انيڪ سلجهل ڪردارن جا به ماڻھوءُ رهن ٿا اُھي خبر ناهي ڪهڙي مجبوري جي ڪري خاموش نظر اچن ٿا. ڪيترائي وري بازارن ۾ هوائي توائي خبرون ڪندا وتن اُھي شوڌا وحشي بگهڙن جا ساٿاري بڻيل نظر اچن ٿا. هن سڄي معاملي تي ڀر پور وڌيڪ لکبو پوليس خود به هن گينگ گروپ جو ٽارگيٽ ٿي چڪي آھي. شهيد فاضل راھو جيڪو ڏُکويل سُڏڪويل بيوس غريب ماڻھن جو سرواڻ هو ان شهيد جي امن ڀري ننگري کي زميني خدائن ڏوهارين جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي.
دي رائيز نيوز بابت پڙهو
ناز مٺو ڪڙيو گهنور ۾ رپورٽر آهي