ديا ڀيل قتل ڪيس : جانچ آفيسر جون گرفتار جوابدارن جا ڊي اين اي ميچ ٿيڻ واريون داعوائون کوکليون نڪتون ، گرفتار چئني جوابدارن جا ڊي اين اي سيمپل ديا ڀيل جي ڪپڙن ، وارن ، نهن سميت هٿ آيل اوزان سان ميچ نه ٿيا ، ديا ڀيل قتل ڪيس بابت پوليس جي سموري جانچ سواليه نشان بڻجي وئي
سنجهورو: ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ طرفان جوڙيل اسپيشل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم ديا ڀيل جي بيرحماڻي قتل کانپوء نامزد 4 جوابدارن سميت ديا ڀيل جي ويڙھي ۾ موجود مائٽن توڙي ٻين رشتيدارن جا 50 کان مٿي جڏنهن ته 12 کان وڌيڪ مقامي مسلمان ڳوٺاڻن جي رت جا نمونا ورتا ويا هئا ،ديا ڀيل جي ڊي اين اي ميڊيڪل رپورٽ مطابق ٽوٽل 67 ڄڻن جي رت جي جزن جي ڊي اين ايز کي ديا ڀيل جي لهنگي ، چولي ۽ پوتي تي لڳل رت جي داڳن سان ميچ ڪرايو ويو.
ان کان علاوه ڊي اين اي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته پوليس طرفان موڪليل موقعي واردات تان هٿ آيل ديا ڀيل جي کوپڙي ، نهن ، وارن ، رت هاڻي مٽي ان ۾ چنبڙيل وارن ، ديا ڀيل جي هٿ آيل ٻنهي جوتن جا پڻ سواب وٺي ڪيميڪل جانچ ڪئي وئي ،ان سان گڏ ڊي اين اي رپورٽ ۾ ديا ڀيل جي پٽ سومر چند ۽ سندس ڀائيٽي ساجن ڀيل جي قميص ۽ شلوار تي لڳل رت هاڻن داڳن جا پڻ نمونا ورتا ويا هئا جن جي پڻ ڪيميڪل جانچ ڪئي وئي ديا ڀيل قتل ڪيس جي جي آئي ٽي طرفان گرفتار ڪيل جوابدارن تي ڏيکاريل مبينا قتل ۾ استعمال ٿيل مختلف اوزارن جنهن ۾ ڀوپي روپي ڀيل تي ڏيکاريل چاقو : چاقو جي بليڊ ۽ ان جي هٿيي، ڀوپي لوڻيي ڀيل تي ڏيکاريل ڪهاڙي ان جي بليڊ ۽ هٿيي ۽ ساجن ڀيل تي ڏيکاريل ڏانٽي ان جي بليڊ ۽ ان جي هٿيي ۽ ان ۾ لڳل وارن سميت برآمد ڏيکاريل بليڊ جا پڻ سواب وٺي ڪيميڪل جانچ ڪئي وئي، ديا ڀيل جي قتل ڪيس جي جي آئي ٽي طرفان رت هاڻي ترپال هٿ اچڻ واري دعواي ڪئي وئي هئي جنهن کي پوليس ڪيس جي جانچ جي حوالي سان وڏي اڳڀرائي قرار پئي ڏنو ان ترپال ( پلاسٽڪ شيٽ ) تي لڳل مبينا رت جي داڳن جي پڻ ڪيميڪل جانچ ڪئي وئي ، اهڙي طرح ديا ڀيل جي قتل ۾ مبينا استعمال ٿيل اوزان ، ديا ڀيل جي کوپڙي ، نهن ،ڪپڙن ، جوتن ، موقعي واردات تان هٿ آيل مٽيء ان سان چنبڙيل وار ، ديا ڀيل جي پٽ سميت ڀائيٽي جي ڪپڙن جا 55 کان مٿي نمونا وٺي جانچ ڪئي وئي ۽ انهن کي ڪيس ۾ گرفتار 4 نامزد جوابدارن سميت ٽوٽل 67 ڄڻن جي ورتل رت جي جزن جي ڊي اين ايز کي ميچ ڪرائڻ لاء ڪيميڪل جانچ ڪئي وئي پر گرفتار ٿيل 4 جوابدارن سميت ڪنهن جو به ڊي اين اي ميچ نه ٿيو ، ديا ڀيل جي قتل ڪيس جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ کانپوء ديا ڀيل قتل ڪيس لاء مقرر ڪيل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جي سموري جانچ مشڪوڪ بڻجي وئي آھي ۽ ڊي اين اي رپورٽ پوليس جي جانچ جي حوالي سان ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آھن ته پوليس ديا ڀيل قتل ڪيس جي صحيح رخ ۾ جانچ ناهي ڪئي.
ديا ڀيل جي بيرحماڻي قتل وارو واقعو 27 ڊسمبر 2022 ۾ پيش آيو ۽ سندس لاش جي پوسٽ مارٽم سميت موقعي واردات تان هٿ آيل 67 ڄڻن جي رت جا جزا 01 جنوري 2023 تي ڪيميڪل ليبارٽري سکر موڪليا ويا هئا جنهن جي ميڊيڪل رپورٽ تقريبن ڏيڍ مهيني کانپوء 13فيبروري 2023 تي جاري ڪئي وئي ۽ ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوء 22 فيبروري 2023 تي ديا ڀيل قتل ڪيس جو حتمي چالان پيش ڪيو ويو ، ديا ڀيل قتل ڪيس جي ڊي اين اي رپورٽ کي ميڊيا کان مڪمل طور ڳجهو رکيو ويو ته جيئن معاملي جي حقيقت جي خبر نه پئي الٽو ديا ڀيل قتل ڪيس جانچ آفيسر اسحاق سنگراسي کان ميڊيا طرفان رپورٽ بابت پڇا تي هن دعواي ڪئي هئي ته ڊي اين اي رپورٽ ۾ جوابدارن جا جزا ميچ ڪري ويا آھن جيڪا دعويٰ رپورٽ سامهون اچڻ تي کوکلي ۽ ڪوڙي ثابت ٿي چڪي آھي.
دي رائيز نيوز ڊي اين اي رپورٽ کي شايع ڪيو جنهن ۾ پوليس جي موقف ته ڊي اين اي سمپل مليا آهن کي غلط ثابت ڪيو. ذريعن موجب ته جج ۽ پوليس جو پوري ڪوشش هئي ته ڪيس ۾ ديا ڀيل جي ڀاتين کي گرفتار ڪيو وڃي ڇو جو ڪيس عالمي سطح تائين رپورٽ ٿي چڪو آهي پر ڊي اين اي رپورٽ شايع ٿيڻ کانپوءِ جوابدارن کي گرفتار رکڻ ممڪن نه هو.
ديا ڀيل جي قتل جي 15 ڏينهن بعد روپي ڀيل جي گرفتاري کانپوء ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ پنهنجي گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ديا ڀيل جي قتل ڪيس کي حل ڪرڻ جي دعواي ڪئي هئي ۽ ان پريس ڪانفرنس ۾ روپي ڀيل کان ديا ڀيل کي قتل ڪرڻ وارو اعترافي ويڊيو بيان به ڏياريو ويو هو ، ان پريس ڪانفرنس ۾ ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ ميڊيا کي ٻڌايو هو ته ٻن ڀوپن روپي ڀيل ۽ لوڻيي ڀيل ديا ڀيل کي ذاتي عداوت ۽ ڪاري جادو لاء گهربل عضون جي لاء قتل ڪيو جنهن ۾ ديا ڀيل جي ڏير شنڪر جو پٽ ساجن ڀيل به شامل ھو ۽ ديا ڀيل جي ڀاء ڏيارام سندن قتل ۾ ترپال ۽ ٻئي سامان جي فراهمي ڪئي ، وري جڏنهن نوابشاھ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جو عبوري چالان پيش ڪيو ويو ته ان ۾ پوليس موقف اختيار ڪيو ته ڀوپي روپي ڀيل جا ديا ڀيل ۽ ڀوپي لوڻيي ڀيل جا ديا جي ڀيڻ دافو سان ناجائز لاڳاپا هيا ۽ روپي ڀيل ديا ڀيل جي پيار ۾ بيوفائي تي کيس قتل ڪيو جنهن تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج پوليس کي چيو ته پيار ۾ بيوفائي تي قتل تي ته دهشتگردي جا قلم ثابت ڪون ٿا ٿين پوليس طرفان دهشتگردي جا قلم ته شامل ڪيا ويا هئا پر ڪورٽ ۾ واقعي جي حوالي سان دهشتگردي جو مضبوط ڪيس پيش نه ڪرڻ سبب دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڪيس واپس سول ڪورٽ اماڻي ڇڏيو جنهن سان ديا ڀيل جي قتل جي جانچ جي حوالي سان سنجيدگي واضح هئي.
اضافي رپورٽنگ دي رائيز نيوز رپورٽر
دي رائيز نيوز بابت پڙهو