اڄ ديا ڀيل ڪيس کي ٽن مهينن کان مٿي وقت اچڻ تي ٿيو آهي شايد توهان مان ڪنهن کي ديا ڀيل ياد به نه هجي ۽ جيڪڏهن ڪير هي ٻه اکر پڙهي رهيو آهي ته ان جي ذهن تي ديا ڪيس تري آيو هجي. پر اسان توهان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ديا ڀيل جي بابت ياد ڪرائيندا هلون ڇو جو رياست جتي اقتداري سياست ۽ ان جا همدرد ان ئي ڊوڙ ۾ هجن ته ڪير بهترين جمهوريت پرست آهي جيتوڻيڪ انهن جي پوري جمهوري فهرست ۾ هندو يا عيسائي ناري فيٽ ئي نه ٿيون ٿين ۽ نه ئي ديا ڀيل.
ديا ڀيل 42 سالن جي هڪ بيواه جيڪا سانگهڙ جي هڪ ڳوٺ سنجهوري ۾ رهي پئي ۽ پنهنجي ٻارن کي پالي رهي هئي ائين چئجي ته هڪ سنگل مدر، جنهن پوري زندگي جو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو درحقيقت اسان وٽ الاءِ ڪيتريون ئي سنگل مدر هونديون جيڪي زندگي جي ڏکي سفر کي پار ڪري رهيون آهن.
ديا ڀيل ڊسمبر 27 گذريل سال بيدردي سان قتل ڪئي وئي هن جي جهاتي ۽ ڌڙ ڪٽي، جسم جا عضوا ڪٽي ۽ کل لاي وئي. ديا ڀيل جو قتل دردناڪ هو، هن وقت تائين مان اهو ئي سوچي رهي آهيان ته آخر ڪير ايترو بيرحم ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو ڪنهن کي ائين قتل ڪري ڇڏي، ٿيڻ ائين گهربو هو ته هن ديا ڀيل ڪيس کي ملڪ جو وزيراعظم ۽ سنڌ جو وزيراعليٰ پنهنجي نگراني ۾ ڏسن ها ۽ ڪيس ۾ انصاف ٿيڻ گهربو پر ديا ڀيل ڪيس ۾ رياست، سياسي پارٽين، ۽ انساني حقن جي تنظيم جي روين کان وٺي ميڊيا جي رويي تي ٿوري نظر ڊوڙائبي ته خبر پوندي انهن جا رويا ڪيترا جمهوريت پرست ۽ انسانيت پرست وارا هئا.
ديا ڀيل ڪيس سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت کي به هوش آيو ته هڪ ٻه بيان جاري ڪجي ۽ پنهنجو فرض ادا ڪرڻ لازم سمجهيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن ديا ڀيل تي پنهنجي قيميتي وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي هڪ بيان جاري ڪيو. خير! ايڪڙ ٻيڪڙ انساني حقن جي تنظيم به سمجهيو ته هڪ سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪجي. هاڻي اچون ٿا پاڪستاني ميڊيا تي ديا ڀيل ڪيس کي هڪ ننڍڙي باڪس جيتري خبر ڏيڻ به لازم نه سمجهيو جنهن ميڊيا ۾ سياسي پارٽين جا تماشا باربار هلن جنهن ميڊيا تي سنڌين ۽ بلوچن جي توهين ڪرڻ لاءِ پروگرام هليا وڃن اتي ديا ڀيل انهن لاءِ ڪا اهميت ئي نه پئي رکي.
ها! سنڌي ميڊيا ديا ڀيل ڪيس کي ڪوريج ڏني ڇو جو جيڪا قتل ڪئي وئي ان جي رت سنڌو ماتا جي سيني تي ڪريو ۽ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو سنڌي ميڊيا ان تي خاموش رهي ۽ رهي ڳالهه اسان جي دردن تي رياست جي خاموشي ڪا پهريون دفعو ناهي اسان هر وقت ائين کي خاموشي ۾ ماريا ويا آهيون انڪري پاڪستان ميڊيا جي ڪن تي جوءَ به نه چري ڄڻ ديا ڀيل جو ڪو وجود ئي نه هو صرف ديا ڀيل ئي نه پر هر سنڌي جي درد تي پاڪستاني ميڊيا جو رويو سرد رهيو آهي هڪ پاسي ميڊيا جو اهڙو رويو هو، اتي اچون ٿا سياسي پارٽين تي وفاق جي پارٽين کي هڪ پاسي رکو انهن لاءِ سنڌ اهميت نه ٿي رکي – ڀلا! غلام قوم به اهميت رکندي آ!
شايد انهن کي اهو به خبر نه هجي ته سنجهوري ڪٿي آهي پر سنڌ جي سياسي پارٽين جو ڇا ٿيو؟ انهن کي ته خبر هئي سنجهوري ڪٿي آهي ۽ ديا ڀيل سان ڇا ٿيو؟ انهن خاموشي اختيار ڇو ڪئي؟ هاڻي ڪير مونکي اهو نه ٻڌائي ته ميڊم! اسان جي هن اڳواڻ هي بيان جاري ڪيو – ديا ڀيل ڪيس کي توهان جي هڪ بيان جي ضرورت ناهي انتي هڪ ڀرپور آواز اُٿارڻ گهربو هو پر ائين نه ٿيو. ديا ڀيل تي جتي اجتمائي رويو سرد هو ته اتي سنڌي هندو جيڪي پارليامينٽ يا هندو تنظيم هلائين پيا انهن جو به رويو ڪو خاص ڏسڻ ۾ نه آيو جنهن ڌرتي تي اصل وارثن سان اهڙا رويا اختيار ڪيل هجن اتي انصاف جي لاءِ سوچي به نه ٿو سگهجي جتي لاهور ريپ ڪيس تي ميڊيا کي رياست جي ڌيءَ ياد اچي وئي جتي ايليٽ ڪلاس کي انسانيت جي فلاسفي ڳالهائڻي پئي انهن سڀني وٽ غريب ديا ڀيل جي اهميت ڪا به ناهي جيڪا تتل اُس هيٺان مزدوري ڪري پنهنجن ٻارن کي پالي رهي هئي. ڀلا! اها ڪڏهن انهن جي لاءِ اهم هوندي!
هن وقت به ڪنهن کي شايد ئي خبر هجي ته ديا ڀيل ڪيس سان ڇا ٿيو ڇو جو درد اسان جو آهي لاش به اسان جي جهولي ماتا تي ڪريو ان ڪري ان جي دانهن به اسان ئي ٻڌائينداسين جڏهن ته اسان جي آواز کي رياست اهميت نه ڏيندي.
ديا ڀيل ڪيس: ديا جي ڪيس سان پهرين ڏينهن کان وٺي اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته ديا کي قتل ڪندڙ ڀوپا ۽ ڪاري علم جي عالمن جو ڪم هوندو ايستائين جو هڪ سنڌي اخبار پنهنجو ايڊيٽوريل ۾ ڪاري علم جي حوالي سان موقف ڏئي ڇڏيو. پوليس پنهنجي جاچ جو دائرو فيملي تائين رکيو جنهن ۾ انهن ديا رام، ساجن ڀيل، روپو ۽ لوڻيو کي گرفتار ڪيو.
هاڻي اچون ٿا پوليس جي موقف تي جنهن پهرين چيو ته هي پورو عمل ڪاري علم جو آهي جڏهن ڏٺو ته ڪيس ڪجهه فيٽ نه ٿو ٿئي ته پيار جي بي وفائي جي ڪهاڻي جوڙي وئي جيستائين هي پوري جوڙ توڙ ڪئي وڃي. ان کان اڳ پوليس هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي نظر آئي ۽ چيو ته ڪيس کي عالمي ميڊيا تائين کنيو ويو آهي ۽ اهو موقف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ته ديا ڀيل کي مارڻ ۾ ڪو مسلم شامل ناهي پر ڏسو ان ۾ هن جا پنهنجا ڀيل برادري جا ماڻهو شامل آهن.
ان پريس ڪانفرنس کان پوءِ شايد سنڌ حڪومت محسوس ڪيو هجي ته هندو محفوظ آهن ۽ جمهوريت بهترين ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته حقيقت ان کان به وڌيڪ ڪڙوي آ! اسان اڄ صرف ديا ڪيس تي ڳالهائينداسين باقي هندن سان ٿيندڙ ويڌن جي داستان ڏکائيندڙ آ جيڪا وري ٻئي ڪنهن دفعي بيان ڪبي.
پوليس پوري تفتيش ٿيڻ کان اڳ ڪيئن موقف اختيار ڪيو ته ديا جو خاندان ان ۾ ملوث آهي جڏهن ڪا ڊي اين اي جي رپورٽ نه آئي ۽ نه ئي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو پر پوليس پريس ڪانفرنس ۾ چئي ڇڏيو ته هندو محفوظ آهن ۽ ديا ڀيل جا قاتل پنهنجا ڀيل آهن.
اسان ديا ڀيل ڪيس جي پهرين ڏينهن کان رپورٽ ڪندا پيا اچون جنهن ۾ پوليس جي تشدد جون خبرون اڳيان آيون ايستائين جو هڪ مائينر نينگر کي به ٽارچر ڪيو ويو ته هو ڏوهه قبول ڪري. پوليس جن کي گرفتار ڪيو انهن تي تشدد ڪيو ۽ زور ڀريو ته ڏوهه قبول ڪن جيڪو پوليس موقف اختيار ڪيو ان کي رنگ ڏيڻ ۾ ڪامياب نظر آئي ڇو جو سماج جي ذهن تان ديا ڀيل هڪ غريب هندو ناري جو قتل ڪيستائين ياد رهندو ۽ مقامي صحافين کي چيو ويو ته هٿ ٿڌو رکو. پوليس هڪ مقامي صحافي کي ائين ڇو چيو ته ڪيس عالمي سطح تي رپورٽ ٿيو آ ان ڪري هٿ ٿڌو رکو.
جيڪڏهن پوليس پنهنجي جاچ ايمانداري سان ڪئي آهي ته پوءِ هٿ ٿڌو رکڻ مان مراد ڇا آهي آخر پوليس ڪيس جون ڪهڙيون ڪڙيون لڪائڻ چاهي ٿي?
پوليس جاچ آفيسر ڊي اين اي رپورٽ تي بيان ڏيندي چيو ته ڊي اين اي رپورٽ ۾ ديا قتل ۾ گرفتار جوابدارن جي رت جا جازا ميچ ٿيا آهن.
هاڻي اچون ٿا ڊي اين اي رپورٽ تي، جيڪا پوليس صحافين سان شيئر ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هڪ اهڙو ڪيس جيڪو عالمي ميڊيا تائين رپورٽ ٿيو هجي ان جي ڊي اين اي رپورٽ ٽن مهينن کان پوءِ اچي ٿي ۽ پوليس ان کي شيئر ڪرڻ کان به انڪاري نظر اچي ٿي جهٽ گهڙي لاءِ پوليس جي موقف کي مڃي وٺون ته اهي جيڪو چون ٿا درست آهي پوءِ ڊي اين اي رپورٽ کي جاري ڇو نه ڪيو ويو؟ هن ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ تقريبن 42 ماڻهن جا جزا ورتا ويا پر پوليس تڪ جي وڏيري جي ڪمندار جا جزا نه ورتا – ڇو?
جنهن جي زمين تي ديا مزدوري ڪندي هئي ان کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ گهربو هو پر ان کي شامل نه ڪيو ويو.
اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته اهو ڪمندار ڪيس جي شروعاتي ڏينهن ۾ پوليس جي پوري خدمت ڪندو رهيو ايستائين جو ان ئي پوليس کي ٻڌايو ته ڪنهن کي گرفتار ڪرڻو آ ۽ ڪنهن کي گرفتار ڪرڻو ناهي. جيڪڏهن ائين ناهي ته پوليس اهو واضح ڪري ته ان ڪمندار جا جزا ڇو نه ورتا ويا?
اچو ڊي اين اي رپورٽ تي جيڪا اسان (دي رائيز نيوز) هٿ ڪئي جڏهن اسان ڊي اين اي رپورٽ کي پڙهيو اها پوليس جي ابتڙ موقف اختيار ڪري پئي ته ڪنهن جا به جزا ميچ نه ٿيا آهن ۽ ڪٿي منجهيل ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي پر ڊي اين اي رپورٽ صاف واضح چئي پئي ته ڪنهن جا به جزا ميچ ناهن ٿيا هاڻي اسان کي اهو ٻڌايو وڃي ته آخر پوليس ڪهڙي عينڪ هڙي ڪري ڊي اين اي رپورٽ پڙهي موقف اختيار ڪيو ته جزا ميچ ٿيا آهن ۽ جتي رپورٽ ۾ منجهيل ٻولي استعمال ٿيل آ اتي انهن چئن گرفتار ٿيل فردن کي ڪٿي شامل ڪيو آهي?
جيڪڏهن اسان کي ڊي اين اي رپورٽ نه ملي ها ته پوليس ديا ڪيس ۾ ڀيل برادري کي ئي شامل ڪري ڇڏي ها. جڏهن ته هن وقت تائين ڊي اين اي رپورٽ بابت هن ئي نيوز ادائري رپورٽ شايع ڪئي جنهن کان پوءِ ڪنهن جو ڪو به موقف اڳيان ناهي آيو ۽ نه ئي سنڌ حڪومت جو ته اهي هن ڪيس جي ايمانداري سان جاچ ڪرائيندا ۽ ڏوهارين کي سزا ڏني ويندي.
اهڙو ڪجهه به نه ٿيو ڊي اين اي رپورٽ يا ٻيا ڪي ثبوت اڳيان اچن هتي جيڪا قتل ٿي آ ان جو رياست جي ترازو ۾ ڪا به قيمت ناهي ۽ نه ئي جمهوريت جي تشريع ۾ ديا ڀيل ڪا اهميت رکي ٿي اهو ئي ته رويو رياست جو هتان جي غير مسلمن کي غير محفوظ ڪري رهيو آهي.
ديا ڀيل کي انصاف ڇو ملي؟ هن جو وڏو قصور اهو هو ته هوءَ سنڌي هندو هئي جنهن جي زندگي هميشه لاءِ خاموش ڪئي وئي ۽ انصاف يا جمهوريت جي رکوالن تائين ديا ڀيل جي دانهن نه پهچي سگهندي.
اسان ٽي آر اين بابت پڙهو
- بحريا ٽائون سنڌ جي زمين کان وٺي تاريخي ورثي کي قتل ڪندڙ - 11.25.2023
- شهيد افضل لنڊ! ايندس مان واپس ايندس ضرور - 09.12.2023
- زين شاهه: گهر گهر ۾ گوليون فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳولهيون - 09.07.2023
- فاطمه: تنهنجو قاتل ڪير؟ - 08.24.2023
- ديا ڀيل ڪيس: ها هوءَ سنڌي هندو هئي - 03.29.2023
- ٻڏيلن جو ڪو به سهارو ناهي - 09.05.2022
- ڇا حق گهرڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي آهي؟ - 06.16.2022
- ڪريما بلوچ: تون مرڻي ناھي - 12.23.2020
- ڇا سنڌ ۽ بلوچستان وفاق جون ڪالونيز آھن؟ - 10.15.2020
- !دنيا جنت ٿيڻي ناهي - 03.28.2020