سکر ۾ تازوئي گذريل ٻوڏ ۽ برساتن کانپوء گيسٽرو ۽ مليريا جو مرض بي قابو ٿي ويو ٻن هفتن اندر 13 ٻارڙن سميت 16 ڄڻا گيسٽرو۽ مليريا وگهي پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا صحت کاتو اگهور ننڊ ستل ڪيترا ئي مريض اسپتال ڀيڙا سول اسپتال جا وارڊ ڀرجي ويا بسترن جي کوٽ سبب ٻارڙا پٽ تي پيل ان سلسلي ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن جيان سکر ۾ به تازو پيل برساتن ۽ ٻوڏ کانپوء شھري توڙي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ گندو پاڻي بىهڻ جي ڪري مڇرن جي آزار ۽ گندو پاڻي واپرائڻ سبب عورتون ، مرد ۽ ٻارڙا مليريا ۽ گيسٽرو جا هاڃا جاري آھن سکر، روهڙي، ڪنڌرا، صالح پٽ ۽ پنوعاقل ۾ مرض پکڙيل جڏهن ته صالح پٽ جي ڳوٺ شھباز ڏنو کورکاڻي ۽ ڳوٺ وريو ڀنڀرو ۾ گذريل ٻن هفتن دوران 6 ورهين جي راڌا، 16 ورهين جي روزينه، 45 ورهين جو قادل ، 50 ورهين جي سنگهار خاتون سميت 13ٻارڙن سميت 16 ڄڻا پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آھن.
اهڙي ڳنڀير صورتحال ٿي وڃڻ ڀاوجود صحت کاتي اک ناهي پٽي شھر توڙي ٻھراڙي وارن ڪيٿرن ئي علائقن ۾ مڇر مار اسپري به ناهي ٿي سگهيو جڏهن ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي لاپرواهي جيڪري پيئڻ جو صاف پاڻي به شھرين کي مهيا ناهي ٿي سگهيو سکرجي مختلف علائقن جون سرڪاري توڙي نجي اسپتالون پڻ گيسٽرو جي مريضڻن سان سٿيل آھن سول اسپتال ۾ مريضن جو انگ وڌي وڃڻ جي ڪري اسپتال جي هڪ هڪ بيڊ تي ٻه ٻه مريض داخل آھن جڏهن ته ڪجهه مرض ٻارڙا پٽ تي به پيل آھن.
Read about The Rise News