ٻڏيلن جو ڪو به سهارو ناهي – هي لفظ جلال ماڇي خمزده آواز ۾ چيا جڏهن هو پنهنجا گهر ڏيکاري رهيو هو. هن آهستي آواز ۾ چيو ته گهر ٺاهڻ ۾ عمر ٿي لڳي پر برساتن ۽ ٻوڏن هر گهر کي لوڙهي ڇڏيو. اهو صرف هڪ جلال جو ته گهر ناهي سنڌ، بلوچستان، خيبرپختواه يا سائوٿ پنجاب جا گهر لڙهي ويا آهن.
۽ ان حقيقت کان ڪير به انڪاري ناهي ته سنڌ ۽ بلوچستان وڌيڪ متاثر ٿيا، ٿي رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ به ٻوڏ جو ڇڏيل نقصان جو بار به انهن جي ڪلهن تي اچي ڪرندو، پاڻي لهي وڃڻ کان پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان کي ڪير ياد ڪندو؟ ان جي خبر ته ايندڙ وقت ئي پوندي پر هن وقت قدرت ۽ رياست جي نااهلي جيڪو ڌڪ ٻنهي صوبن کي ڏنو آهي اهو صاف نظر اچي رهيو آهي.
اما جنال ملاح موڏانهن جلدي ۾ آئي ۽ ان پنهنجي درد ڪٿا شروع ڪئي ته ڪيئن ڪجهه ڏينهن کان انهن سان رويو رکيو پيو وڃي. اما جو چوڻ ته انهن سان جانورن جهڙو رويو رکيو ويو آهي ”مان فوجي ۽ ايس ايڇ او کي هٿ ٻڌي گذارش ڪئي ته اسان کي کائڻ لاءِ ڪجهه ڏيو اسان جا ٻچا مري رهيا آهن پر ڪنهن به هڪ نه ٻڌي. بس چوندا رهيا ته اما اچون ٿا بس امان اچون ٿا.“ درحقيقت اما جنال رياست کي هٿ ٻڌي رهي هئي ان رياست کي جنهن کي سنڌ کاري رهي آهي ۽ انهن سنڌي حڪمران نه پر وفاق جي حڪمرانن کي جيڪي سنڌ ۾ حڪمراني ڪري رهيا آهن. انهن تائين هڪ ماءُ جي درد نه پهچندو هينئر هر ماءُ جو درد جنهن جو گهر مٽي سان ملي مٽي ٿي ويا آهي جنهن جي چلهه پهرين ٻچن لاءِ ٽئي وقت ماني پچائيندي هئي اها چلهه دريا بادشاهه ٻوڏ ۽ آسمان جي ديوتا برستان سان لڙهي ڇڏي.
پر زمين تي موجود حڪمرانن جي مدد ڪٿي آهي. ڪنهن به متاثرين مون کي اهو نه چيو ته اهي ڪا وڏي گهُر ڪري رهيا آهن انهن کي اندازو آ ته آفت کي منهن ڏيڻ آسان ناهي پر جيڪي حڪمرانن جي وس ۾ آهي اهي ڪري سگهن ٿا اهو انهن جي هٿ ۾ آ پر ان جي باوجود به اهي ناهن ڪري رهيا ”ڇا اسان انسان ناهيون.“ ليلا ملاح هنج ۾ ٻار کنيو پنهنجي رلي سان ٺاهيل تنبو ڀرسان بيٺي هئي ان پنهنجي چهري تي ڦڪي مسڪراهٽ آڻيندي چيو ته اسان سان ائين پيا رويو رکن ڄڻ اسان انسان ئي ناهيون. ”منهنجو پهرين گهر هو جيڪو هاڻي پاڻي ۾ آهي ۽ هن وقت هي رلي سان جڙيل پنهنجو گهر آهي“ حڪومت اسان کي هڪ تنبو به ناهي ڏئي سگهي ڇا حڪومت وٽ ايترو نه هوندو جو اسان کي ڪجهه ڏئي ته ٻارن کي اس کان بچائي سگهون.
ٻئي پاسي حميده ملاح جيڪا نئين زندگي کي جنم ڏيڻ واري آهي ان جو چوڻ ته گذريل رات هڪ عورت گذاري وئي اها ڳورهاري هئي نه عورت بچي نه ٻار بچيو. حميده پنهنجي حالت بابت سخت پريشان هئي هوءَ ڇهن ٻارن جي ماءُ ۽ ستي زندگي کي جنم ڏيڻ واري آهي ان کي کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي اهڙي حالت ۾ هوءَ مسلسل اهو ئي سوچي رهي هئي ته ڪٿي هن سان به اهو ئي ڪجهه نه ٿئي جيڪو ڪجهه گذريل رات ڳورهاري مائي سان ٿيو.
هڪ طرف بيرحم حالتون مٿان وري ٻارن سان گڏ ايندڙ نئين زندگي جي پريشان حميده وقت ڪيئن گذاري رهي هوندي اهو صرف حميده ئي محسوس ڪري سگهي ٿي شايد مان به هن وقت ان جي پيڙاهه کي لفظن ۾ به بيان نه ٿي ڪري سگهان ڇو جو هر درد جي پيڙاهه صرف ان جو اندر ئي سمجهي سگهي ٿو، جيڪڏهن رياست جي ڪنن تائين حميده جو آواز ناهي پهچي سگهيو ته پوءِ رياست ايترو ته ڪري سگهي ٿي جو هو عالمي اداري جي انگ اکرن کي ڏسي جيڪي چئي رهيا آهن ته ٻوڏ سبب ڳورهاري عورتون متاثر ٿينديون.
هڪ پاسي ماني جو ڳڀو ناهي ۽ وري جيڪي پاڻي جي بوتل يا بسڪوٽ ڏئي رهيا آهن انهن جي رويي تي اما جنال چيو ته ”اسان کي کائڻ جون شيون گاڏي مان اڇلائي هليا وڃن ٿا ڄڻ اسان ڪتا هجون. مان پنهنجن ٻارن کي چيو ته ابا گاڏي پٺيان نه وڃو ان کان بهتر آ جو اسان کي موت اچي وڃي.“ هوءَ حڪومت تي تنقيد ڪندي ايترو به چئي ڏنو ته جيڪڏهن حڪومت ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي ۽ اسان کي عزت سان ماني ڳڀو نه ٿي ڏئي ته پوءِ ايترو ڪري، پنهنجون گاڏيون اسان جي ٻچن مٿان هلائي ته جيئن اهي نه رهن ۽ اسان درد کان آزاد ٿي وڃون.
جتي اما جنال اهو چئي رهي هئي اتي ٻارن جي ذهنن تي هنن حالتن ڪيترو نه اثر ڇڏيو هوندو ان جو اسان مان ڪنهن انداز به لڳايو آهي. مون کي ٺٽي جي صحافي ٻڌايو ته هڪ ٻارڙي ان وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي ته منهنجي تصوير ڪڍو ته جيئن مون کي کائڻ لاءِ ڪجهه ملي سگهي ڇاڪاڻ جو تصوير ڪڍڻ سان ئي کائڻ لاءِ ڪجهه ملي رهيو آهي. غربت جي نيلامي ائين به ٿيندي آهي پر هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو ٻوڏ يا آفت ئي هجي ان کان اڳ به درد جهليا آهن. ها! پر ان قسم جا ٻول هن وقت ٻڌڻ لاءِ ملي رهيا آهن نه ته تاريخ جا ورق ٻڌائن ٿا ته ڪراچي ۾ جڏهن بيماريءَ منهن ڪڍيو ته ان وقت جي سنڌي هندو پنهنجا در کولي ڇڏيا ۽ ايستائين اعلان ڪيو ته جيڪي ڏينهن جو اچي نه ٿا سگهن اهي رات جي اندهيري ۾ اچي وٺي وڃن. ڇاڪاڻ جو وباء هر هڪ کي وڪوڙي وئي هئي ۽ وري ڪجهه ماڻهو شرم کان هٿ ڦهلائي نه پئي سگهيا انهن لاءِ رات جو درَ کوليا ويا. اها به اسان جي تاريخ آهي.
اڄ آفتن جي گهيري ۾ آيل ماڻهن کي هڪ جوس يا پاڻي جي بوتل لاءِ به قيمت ادا ڪرڻ کان پوءِ ملي ٿي ۽ اها قيمت آهي تصوير! ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته جن دلين تي دز چڙهيل هجي ۽ حڪومت کي ننڊ مان جاڳائڻ لاءِ ڪڏهن خاموش تصويرون گهڻو ڪجهه بيان ڪري ڇڏينديون آهن پر ان جي به هڪ حد مقرر هجي ائين نه ته هڪ ٻارڙي ڪيمرا ڏسي ڊوڙي اچي چئي ته مونکي ماني ڳڀو ڏيو پوءِ ڀل تصوير ڪڍو. ٿورو! انسانيت جي احساس کي زنده رکو.
اسان پنهنجو صرف جاري رکندي ڳوٺ تائين وياسين جتي ٻوڏ جو پاڻي منهن ڪڍي رهيو هو. ڳوٺ جي حالت بدترين هئي جتي اسڪول موجود هو پر هاڻي کنڊر ۾ بدلجي چڪو هو. اها هئي بهترين حڪومت جي ڪارڪردگ؟ ٻوڏ کان پوءِ ڳوٺ جو حال ڇا ٿيندو؟ گهر پاڻي ۾ ٻڏي رهيا هئا ڪيترن عورتن پنهنجا سامان ٻڌي ڇڏيا ته ڪنهن مهل ۾ ڪکاءُ گهر ڇڏڻو پوندو.
پر اتي موجود گل حسين ملاح پنهنجي ٻيڙي لاءِ پريشان هو ڇو جو ان جي زندگي جو گذر سفر ان جي ٻيڙي تي آهي ۽ هڪ ٻيڙي کي ٺاهڻ ۾ تقريبن هڪ لک کان وٺي ڏيڍ لک جي کپت آهي جيڪڏهن هو ٻيڙي ڇڏي هليو ويندو ته پوءِ ٻيڙي يا ته گم ٿي ويندي يا وري ٽٽي پوندي. گل حسين جو چوڻ ته ”هو ٻيڙي کي نه ٿو ڇڏي سگهي.“ اهو ئي انجو سهارو آهي پر اهو ان ڳالهه کان به انڪاري ناهي ته ٻوڏ اچڻ کان پوءِ هو مجبور هوندو ته ٻيڙي کي ڇڏي وڃي.
گل حسين جتي ٻيڙي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي اتي اياز ماڇي پنهنجي ڳوٺ ۽ ان جي آسپاس ٻڏيل ڳوٺن ۾ ٻوڏ سبب ڦاٿل جانورن کي بچائي ٿو. اياز جي خبر توهان ۽ اسان کي پاڪستان جي اردو ميڊيا تي ڏسڻ ۾ نه ايندي ڇو جو اياز ان جي فهرست ۾ فيٽ نه ٿو اچي. اسان کي اياز جي خبر ان وقت پئي جڏهن جلال اسان کي چيو ته هو پنهنجي ٻيڙي جي ذريعي ٻڏيل گهر ڏيکاريندو اسان جيئن ئي ٿورو اڳتي وڌياسين ته وڻ ۾ ٻيلي ڦاٿل هئي، پهرين جلال ڪوشش ڪئي ته ٻيلي کي هيٺ لاهي سگهي پر ٻيلي خوف ۾ هئي ان گهيري پاڻي ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو ۽ جلدي ۾ وڃي ٻڏل گهر جي هڪ ننڍڙي ڀت تي ويهي رهي.
ايتري ۾ هڪ ٻئي ملاح ڪنهن کي آوز ڏنو … جلال، اسان ڏانهن ڏسندي چيو ته اياز ئي ٻيلي کي بچائي سگهي ٿو ۽ هن ٻيلي کي بچائي ٻيڙي ۾ رکيو. اهڙي حالتن ۾ به ڪجهه ننڍڙا ٻارڙا گهيري پاڻي ۾ تري رهيا هئا جنهن پاڻي ۾ هو تري پيا اتي ئي هڪ ڪتي جو موئل لاش پاڻي ۾ تري رهيو هو.
جلال پنهنجي ٻيڙي کي اڳتي ڪندي آسپاس ڳوٺ به ڏيکاريا جيڪي پاڻي ۾ گم ٿي ويا هئا. جلال جو چوڻ ته هو پاڻي لهي وڃڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي ته جيئن ٻيهري گهر جوڙي سگهي. جلال پاڻ هڪ ملاح آهي ۽ مڇي جي موسم صرف ٻه مهينا ٿيندي آ جنهن ۾ ان کي وري پئيسه جمع ڪري ٻيهري گهر جوڙڻو پوندو.
حڪومت جي مدد ڪرڻ واري سوال تي جلال چيو ته جيڪا حڪومت هڪ تنبو نه ٿي ٿئي سگهي اها اسان کي گهر ڪيئن ٺهرائي ڏيندي ان غمزده آواز ۾ چو ته ٻڏيل جو ڪو به سهارو نه هوندو آهي.
- بحريا ٽائون سنڌ جي زمين کان وٺي تاريخي ورثي کي قتل ڪندڙ - 11.25.2023
- شهيد افضل لنڊ! ايندس مان واپس ايندس ضرور - 09.12.2023
- زين شاهه: گهر گهر ۾ گوليون فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳولهيون - 09.07.2023
- فاطمه: تنهنجو قاتل ڪير؟ - 08.24.2023
- ديا ڀيل ڪيس: ها هوءَ سنڌي هندو هئي - 03.29.2023
- ٻڏيلن جو ڪو به سهارو ناهي - 09.05.2022
- ڇا حق گهرڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي آهي؟ - 06.16.2022
- ڪريما بلوچ: تون مرڻي ناھي - 12.23.2020
- ڇا سنڌ ۽ بلوچستان وفاق جون ڪالونيز آھن؟ - 10.15.2020
- !دنيا جنت ٿيڻي ناهي - 03.28.2020