سنڌي سماج پڻ تبديلي چاھي ٿو، پنھنجي بطن مان ڪنھن نئين انقلاب کي جنم ڏيڻ گهري ٿو. سنڌي قوم ڪنھن نواڻ جي گهوري آھي، ڪنھن انقلاب، ڪنھن تبديلي جي ڳولائو آھي. پر ھيءَ بہ سچ آھي تہ ان کي انقلاب، آزادي يا تبديلي آڻڻ واريون رھنما قوتون نہ ٿيون لڀن
سياست ھڪ علم طور ڀل تہ سائنس ڇو نہ ھجي، پر عمل ۾ ھڪ اھڙو آرٽ آھي، جنھن کان ڪامياب ڪم وٺڻ لاءِ ھڪڙي مصور جھڙي ڪاريگري، باريڪ بينيءَ ۽ تصورن سان ڀريل دل و دماغ گهرجي ٿو. جھڙي ريت ھڪڙو مصور پنھنجي شاھ ڪاريگري سان ڪائي شاھڪار تصوير جوڙي راس ڪري ٿو، اھڙي نموني ھڪ سياستدان پنھنجي قوم جي آئيندي جا نقش و نگار ٺاھي ٿو.
البت ھڪڙي سياستدان کي صرف ڪنھن مصور وانگر نہ ھجڻ گهرجي، منجهس ڪنھن سنگتراش جھڙيون خوبيون پڻ ھجڻ گهرجن. جيئن سنگتراش ڇيڻيءَ سان پٿر کي ٽُڪي ٿو، گهڙي ٿو، ڇِلي ٿو ۽ ان جا اضافي چِٿڙ لاھي ان مان ھڪڙو دل آويز مجسمو نروار ڪري ٿو، ايئن ئي ھڪ مدبر سياستدان کي پنھنجي قوم ۽ ان جي آئيندي سان سلھاڙيل سياست مٿان مڙھيل جبري حالتن، مدي خارج روايتن، سياسي عقيدتن ۽ جمود جا پٿر ٽُڪي امڪانن جون نيون مورتيون، مجسما ۽ لقاءَ گهڙڻا پون ٿا.
سنڌ جي قومپرست سياست جيئن تہ ھڪڙي محڪوم ۽ مظلوم قوم جي نمائندگي ٿي ڪري، تنھن سببان اھا ھڪ پاسي جتي شديد خارجي دٻائن جو شڪار آھي، اتي ٻئي پاسي وري زبردست داخلي ھيجانن جي ور پڻ چڙھيل آھي. انھيءَ تناظر ۾ قومپرست سياست کي ھڪڙي وڏي للڪار بالادست قوتن پاران ان جي ٿيندڙ رستي روڪ آھي، تہ ٻئي پاسي ان جو ھڪڙو وڏو الميو ھيءَ آھي تہ اھا ڳپل وقت کان عقيدي پرست روين ۽ جمود جي ور چڙھي وئي آھي.
ان ۾ ڪو شڪ ناھي تہ سنڌ فڪر يا نظريي جي لحاظ کان تہ شاھوڪار ۽ اڳتي وڌيل آھي، پر ان فڪر کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ گهربل حڪمت عملي کان وانجهيل آھي. جنھن جي نتيجي ۾ سنڌي عوام ويڳاڻپ جي ور چڙھي وئي آھي ۽ جاگيردار سياسي طور مٿس غالب پئجي ويا آھن. جن ھڪ پاسي سنڌ جي سياسي حقن ۽ پيداواري وسيلن کي ٻاھرين بالادست قوتن سان گڏجي تين وال ڪيو آھي، تہ ٻئي پاسي سنڌ جي معاشي ۽ سماجي واڌويجھ ھٿرادو طور روڪي ڇڏي آھي. ھاڻي سنڌي سماج ان سُورائتي ڳورھاريءَ عورت جيان بيڪار پيڙون کائي رھيو آھي، جنھن جو ڏينھنِ ڀرجڻ باوجود ڪنھن طبي اٽڪاءَ سبب وياءَ نہ ٿي رھيو ھوندو آھي۽ سندس جند سورن مان آجي ٿي نہ ٿيندي آھي. سنڌي سماج پڻ تبديلي چاھي ٿو، پنھنجي بطن مان ڪنھن نئين انقلاب کي جنم ڏيڻ گهري ٿو. سنڌي قوم ڪنھن نواڻ جي گهوري آھي، ڪنھن انقلاب، ڪنھن تبديلي جي ڳولائو آھي. پر ھيءَ بہ سچ آھي تہ ان کي انقلاب، آزادي يا تبديلي آڻڻ واريون رھنما قوتون نہ ٿيون لڀن.
جاگيردار سياست سنڌ جي پارلياماني محاذ جي حقيقي ۽ سچي پچي مالڪياڻي نہ آھي. اليڪشنون کٽي اچڻ الڳ ڳالھ آھي ۽ عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ الڳ ڳالھ
نوي واري ڏھاڪي جي شروعاتي ڏينھنَ ۾ ڪجھ دانشورن جو تجزيو ھو تہ ”پ پ پنھنجي روايتي موقعي پرستي ۽ اقتدار جي ھٻڇ سبب سنڌين جي قومي مفادن جو پورائو ڪرڻ جي اھل ناھي. جنھن ڪري اھا پنھنجي سياسي زوال ڏانھن وڌي رھي آھي. نواز ليگ پس و پيش پنجاب جي نمائندا آھي، انھيءَ ڪري ان کي سنڌ ۾ سياسي مڃتا نہ ملندي. پ پ جي پٺتي ھٽڻ سان اڳتي ھلي ھڪڙو سياسي خال پيدا ٿيندو، جيڪو قومپرستن کي ڀرڻو آھي.“ ڳالھ ٺيڪ ھئي، پر ان ۾ جنھن پاسي کي وساريو ويو ھو، اُھو ھيءَ ھو تہ پيپلز پارٽي پارلياماني محاذ تي والار ڪريو ويٺي ھئي ۽ اُن کي اِنھيءَ محاذ تان ئي پٺتي ھٽڻو ھو. جنھن بعد قومپرستن کي ان ميدان تي اڳتي وڌي اھو خال ڀرڻو ھو، جيڪا اڳڀرائي ھو نہ ڪري سگهيا.
حقيقت ھيءَ آھي تہ جاگيردار سياست سنڌ جي پارلياماني محاذ جي حقيقي ۽ سچي پچي مالڪياڻي نہ آھي. اليڪشنون کٽي اچڻ الڳ ڳالھ آھي ۽ عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ الڳ ڳالھ. سياست ۾ جنھن شئي کي اصول، محبت ۽ مقبوليت چئبو آھي، ان جو سج روايتي جاگيردارن تان لھي چڪو آھي. البت واري وٽي سان اليڪشنون کٽڻ ۽ اقتدار جي عنقا پکيءَ جو سندن سِر تي اچي لھڻ ھڪ اھڙو منڊ آھي، جنھن جي پويان ھڪ پاسي مدي خارج جاگيرداراڻن پيداواري رشتن جي مضبوط جڪڙ ۽ ٻئي پاسي بيٺڪي نظام ۽ ”اصل اقتدار ڌڻين“ جون نوازشون آھن، تہ ٽئين پاسي قومپرستن جي پارلياماني محاذ تي عدم موجودگي آھي.
اصل اقتدار ڌڻي جاگيرداريءَ جي جڪڙ کي سنڌ ۾ ان ڪري مضبوط رکڻ گهرن ٿا، جو ان سان اھي ھڪ طرف سنڌ جي سياسي خود اراديءَ ۽ عوامي ووٽ کي پنھنجي قبضي ۾ رکن ٿا ۽ ٻئي پاسي جاگيردار سندن اھڙو سئولو ۽ سستو اتحادي آھي، جيڪو سنڌي عوام جا سمورا وسيلا ۽ ڌرتيءَ بنان چُون چُران جي قابض ڌرين جي حوالي ڪري رھيو آھي. جنھن صورتحال کي قومپرست ئي بدلائي سگهن ٿا.
قومپرستن جو ھڪڙو الميو تہ اھو آھي تہ اھي ڇڙوڇڙ آھن. پر ان کان بہ وڏو مامرو ھيءَ آھي تہ پارلياماني پاسي ڏانھن انھن جي روش ئي غيرحقيقي ۽ غيرسياسي آھي. مثالطور ”جيئي سنڌ ھلچل“ آھي، تہ ان جون ڪي پارٽيون پنھنجي موقف ۾، ايئن لڳندو آھي تہ، ڄڻ آسماني پارٽيون آھن، جن جو زميني مسئلن، عوام جي حالتن ۽ حقيقتن سان پري جو بہ واسطو ناھي. ھنن لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺڻ شجرِ ممنوع مثل آھي کين ڪير سمجهائي تہ انقلاب آسمان مان نہ ڦُٽندا آھن، آزاديون آڪاس جي ڏاڪڻ تان نہ لھنديون آھن، پر اھي عوامي حمايت ۽ جدوجھد جي چِيڪِي مٽيءَ منجهان ڦُٽي نڪرنديون آھن.
ھيءَ بہ حقيقت آھي تہ خود سائين جي ايم سيد ھڪ عظيم پارلياماني اڳواڻ ھو ۽ آخر تائين ھن جي ووٽن ڏانھن روش مثبت رھي. تنھن ڪري ئي 1988ع ۽ 1990ع وارين اليڪشنن ۾ سيد سنڌ قومي اتحاد جي پڌر تان نہ صرف اميدوار بيھاريا، پر بيماري ۽ ضعيفي جي حالت ۾ ھجڻ باوجود ھو پاڻ اليڪشن ورڪ تي پڻ ويو. ان ھوندي بہ جيئي سنڌ جا اڪثر اڳواڻ ۽ ورڪر اھو چئي چونڊن ۾ حصي وٺڻ کان انڪار ڪن ٿا تہ سيد منع ڪئي ھئي. اصل ۾ اھا ڳالھ اڌ سچ آھي ۽ سياسي عقيدي پرستيءَ جي شڪار ھجڻ ۽ حڪمت عملي جي فن کان ناواقفيت کي ظاھر ڪري ٿي. ٻئي طرف ڪجھ ھينئن بہ آھي تہ اليڪشنن جي انڪاري ڪارڪنن توڙي اڳواڻن جي ھڪ وڏي اڪثريت پنھنجي تر يا تڪ ۾ ڪنھن نہ ڪنھن وڏيري يا جاگيردار جي حمايتي ۽ ووٽر آھي ۽ اليڪشنن دوران انھن جي لاءِ ڪم ڪري ٿي نہ صرف ايترو پر پارلياماني پاسي کي رد ڪندڙ تنظيمن جا ڪيترائي ڪارڪن پ پ، جي ڊي اي ۽ ٻين پارٽين جي پليٽفارمن تان يا آزاد اميدوارن طور چونڊن ۾ حصو پڻ وٺن ٿا. انھيءَ روش جو نتيجو جيڪو نڪرڻو آھي، اھو تيزيءَ سان ظاھر ٿي رھيو آھي ۽ ان جا ويجهي مستقبل ۾ وڌيڪ اثر سامھون اچڻا آھن.
ٻئي پاسي ھيءَ بہ تلخ حقيقت آھي تہ قومپرستن جون جيڪي جماعتون چونڊن ۾ حصي وٺڻ جون حامي آھن، انھن وٽ گهربل وسيلن، تجربي، سنجيدگيءَ ۽ تياري جي سخت کوٽ آھي. انھن جي ڀيٽ ۾ سنڌي جاگيردار وٽ ھڪ صديءَ جو، پشتھاپشت جو اليڪشني تجربو آھي ۽ وٽن بدعنوانين، موقعي پرستين ۽ ڦُري ماريءَ وسيلي ڪمايل حرام جي دولت جا انبار آھن. جڏھن تہ قومپرستن وٽ سنڌ جي سمورن تڪن تي بيھارڻ لاءِ گهربل اميدوار ئي ڪونھن. قومپرستن جون وڏي ۾ وڏيون تنظيمون ھجڻ جي دعويداري ڪندڙ پارٽيون بہ پارلياماني پاسي کان ھڪ يا وڏو ڇيھ تہ ٻن تڪن جون جماعتون آھن انھيءَ صورتحال ۾ قومپرستن جو اتحاد ئي ھڪڙو امڪاني حل ٿي سگهي ٿو. پر اتحاد جي لاءِ جن شين جي سڀ کان اولين ضرورت ھجي ٿي، اھي آھن اعتماد، وسيع القلبيءَ، سھپ ۽ جمھوري انداز. جن جي سنڌ جي سياسي جھان ۾ سڀ کان گهڻي اڻھوند آھي. جنھن ڪري گهڻي ڀاڱي اتحاد رائيگان ٿا وڃن جيڪي اھڙن ڪارڻن جي ڪري ئي تازو قومپرستن جي ھڪڙي نئين جمھوري اتحاد جي ڪوشش پڻ ناڪام ٿي چڪي آھي. اڳي ٽانگا پارٽيون ٻڌبيون ھيون، ھاڻي تہ سنڌ ۾ ڪاغذي پارٽيون بہ پيدا ٿي پيون آھن. جيڪڏھن ڪنھن اتحاد لاءِ اڌ کان مٿي ڪاغذي پارٽيون گڏ ڪبيون ۽ وڏين جماعتن جي اڳواڻن ۾ مٿي ڄاڻايل کوٽون ۽ ڪمزوريون جيئن جو تيئن موجود ھونديون، تہ اتحاد جُڙڻ کان اڳ ۾ ئي دم نہ ٽوڙيندا تہ ٻيو ڇا ٿيندو!
سچ اھو آھي تہ تاريخ جي ھن مخصوص ڏاڪي تي سنڌ زبردست سياسي انتشار جو شڪار آھي. اڳي جتي جديد مڊل ڪلاس نہ ھجڻ ڪري سنڌين جي قومپرست جمھوري جدوجھد اسري نہ سگهي ھئي، اتي ھاڻي ھڪ نئون وچيون طبقو پيدا ٿي رھيو آھي. جيتوڻيڪ ان نئين مڊل ڪلاس اڃا پنھنجن معاشي مفادن کي اجتماعي سياسي مفادن سان نہ سلھاڙيو آھي ۽ تاريخي طور تي اھو ڪلي طرح معاشي اؤسر جي درست ارتقائي مرحلن منجهان گذرڻ بجاءِ ڪنھن حد تائين شارٽڪٽن، جهڳاڙن، ڪرپشن ۽ ھٿڙين جي پڻ پيداوار آھي. تنھن ڪري منجهس جاگيردارن سان مھاڏو اٽڪائڻ بدران سندن پڇ لٽڪائو ٿيڻ جون سڀئي ”خصوصيتون“ موجود آھن
پر رڳو ئي رڳو ايئن بہ ڪونھي. ڇاڪاڻ جو ساڳئي وقت ان جي ٺھڻ پٺيان لاڳيتي محنت، صلاحيت، ايمانداري، معاشي اخلاص، تعليم، شھرڪاريءَ، نون نجي شعبن، انڌي منڊي صنعت، ڪم جي پيدا ٿيل گهڻ طرفن موقعن، ڪاروبار، جائز نموني پيدا ڪيل دولت جي رِيل پِيل ۽ جديد پيداواري ذريعن جو پڻ تمام وڏو عمل دخل آھي. نئين جڙندڙ مڊل ڪلاس جو ھيءَ حصو سياسي شعور رکندڙ آھي، البت اھو شعور اڃا پنھنجي سياسي پختائي جي بلند ڏاڪي تي نہ رسيو آھي. تنھن ھوندي بہ ان ۾ ھڪ محدود قسم جو تحرڪ ۽ سياسي لوڇ پوڇ موجود آھي. ھاڻوڪين مڪاني چونڊن ۾ نوجوانن جي ھڪ وڏي انگ جو جاگيردارن جي سامھون اچڻ ان جو ھڪ عڪس آھي. پر اھو ڇڙوڇڙ نمونو آھي، جيڪو ڪنھن بہ طور گهڻو لاڀائتو ثابت نہ ٿيندو ۽ عام ماڻھن جون جاگيردارن جي مخالفت ۾ ڏنل اھي حمايتون زيان ٿي وينديون
رڳي ھڪ ڪميٽيڊ، وطن دوست ۽ سنڌين جي نمائندا قومپرست جماعت ئي عوام جي جدوجھد کي رائيگان ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿي. اھڙي ڪنھن جماعت جي عدم موجودگيءَ ۾ قومپرستن جو مستقل جمھوري اتحاد ئي ان قسم جو تاريخي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
اسان جو مادر وطن جن مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آھي، اھي ڏاڍيون ڳنڀير آھن ۽ عوام دشمن قوتون بنھ متحد ۽ مضبوط آھن. جن کي منھن ڏيڻ ۽ غلامانا استحصالي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ اسان کي سياسي عقيدي پرستين، تنظيمي شاونزم، تنگ نظريءَ، تعصبن، سوڙھ دليءَ، ڪٽرپڻي، ڪيني پروريءَ ۽ بي اعتماديءَ منجھان نڪرڻو پوندو.
اسان کي اھو چڱي ريت سمجهڻ گهرجي تہ نہ رڳي ڪائنات جي اندر، پر سماجن ۾ بہ شيون ھڪٻئي سان ڳنڍيل ھونديون آھن. ڪابہ شئي اڪيلي سر وجودِ مطلق ڪانہ ھوندي آھي. شين ۽ لقائن جا سَنڌا سيڙھا پيا ھڪٻئي سان ملندا جُلندا ۽ ھڪٻئي تي اثر وجهندا آھن. اھڙي نموني ڪنھن بالادست سيڪيورٽي اسٽيٽ يا جاگيردار آمرانا رياستن يا گهڻ قومي مملڪتن اندر جمھوري ۽ طبقاتي سوال اڻٽٽ طور قومي سوال جو حصو ھوندا آھن.
قومي سوال کي کڻڻ بنان جمھوري ۽ طبقاتي سوال ڏانھن اڳڀرائي نہ ڪري سگهبي. اھڙي ئي نموني جمھوري ۽ طبقاتي سوال تي اڳڀرائي کان سواءِ قومي سوال جي حل ڏانھن نہ وڌي سگهبو. اھو حڪمت عمليءَ جو اھڙو باريڪ مامرو آھي، جنھن تي دانشمندي سان گڏيل وک وڌائڻ جي ضرورت آھي. جيڪڏھن قومپرست وقت جي تقاضائن کي سمجهندي تاريخ جي ھن مخصوص ڏاڪي تي تنظيمي شاونزم، نظرياتي اختلافن، موقعي پرستي، پسند ناپسند، تنگ نظري، شخصي روين ۽ ٻين ڪوتاھين کان بلند ٿي وقت سر مستقل ۽ وسيع قومي جمھوري اتحاد جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا تہ پڪ سان سنڌ تاريخ ساز مرحلا اڪرڻ ڏانھن معياري قدم وڌائڻ شروع ڪندي.
Support The Independent Journalism: click here to donate