پوجا ڪماري جي والد جو چوڻ آهي ته هو جڏهن به وڪيلن ڏي ڪيس جي ٻڌڻي جي حوالي سان فون ڪري ٿو ته ڪير به فون نه ٿو کڻي ۽ اسان جي ڪيس ملتوي ٿي وڃي ٿو. هن وڌيڪ دي رائيز نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته هن کي ڪيس تي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ ڏين پيا پر هو پنهنجي ناري جي قتل تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندو.
هن چيو ته هن ۽ هن جي گهرڀاتين کي زندگي جو خطرو هجڻ ڪري هو سکر ڇڏي، هاڻي چڪ ۾ اچي رهي پيو.
پوجا ڪماري ارڙهين ورهين جي ناري جو 21 مارچ 2022 تي سکر ۾ قتل ڪيو ويو. واحد بخش لاشاري پنهنجن ٻن ساٿين سان گڏ پوجا کي مذهب تبديل ڪري شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو هو جنهن تي ناري مڃڻ کان انڪار ڪيو.
پوجا ڪماري قتل ڪيس سوشل ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ ان وقت جي مخالف ڌر (۽ هن وقت اقتدار ۾ آهن) آواز اُٿاري انصاف جي گهر ڪئي جيتوڻيڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ به ڪيس تي نوٽس ورتو هو پر مارچ کان وٺي ڪيس ملتوي ٿيندو رهي ٿو.
ناري جي والد جو چوڻ ته هو ڌيءَ جي قتل ڪيس ۾ ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪندو پر سنڌ حڪومت کان گذارش آهي ته اهي ڪيس جي حوالي سان مدد ڪن.
Support The Independent Journalism: click here to donate