ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ٿيندي ئي جن ٻن مسئلن ھڪدم منھن ڪڍيو، انھن ۾ ھڪڙو پناھگيرن جي لڏپلاڻ وارو مسئلو ھو ۽ ٻيو ھو پاڻي جو مسئلو
بنان ڪنھن رک رکاءَ ۽ بنان ڪنھن ٿلھ ٻڌڻ جي، جيڪڏھن صاف سڌي ڳالھ ڪجي تہ اھا ھيءَ آھي تہ پاڻي جي سوال کي حل ڪرڻ ۾ پاڪستان جون سموريون حڪومتون ناڪام رھيون آھن. جنھن جو ھڪڙو تمام وڏو ۽ اھم سبب پنجاب جي بالادستي آھي. جيڪا حڪومت اچي ٿي، اھا پنجاب جي مفادن کي مقدم رکي ٿي. فوجي حڪومتون ھجن يا جمھوري، اھي سڀ ھن مامري تي ھڪجھڙيون پاليسيون رکن ٿيون. ڀلي کڻي اھي پاڻيءَ معاملي ۾ انصاف کان ڪم وٺڻ جون دعوائون ڇو نہ ڪنديون ھجن، پر ناانصافي ۽ رياڪاريءَ جون مرتڪب ٿين ٿيون.
پاڪستان سرڪار جي اولين دؤر کان وٺي پاڻي جي مسئلي ڏانھن جيڪا غيرذميداراڻي ۽ رياڪاريءَ واري روش پيدا ٿي آھي، اھا اڄ پڻ جيئن جو تيئن جاري ساري آھي.
ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ٿيندي ئي جن ٻن مسئلن ھڪدم منھن ڪڍيو، انھن ۾ ھڪڙو پناھگيرن جي لڏپلاڻ وارو مسئلو ھو ۽ ٻيو ھو پاڻي جو مسئلو. پنجابي مسلمان ڪاموراشاھي پنھنجن پنجابي سِک ڀائرن کي سُکيو رکڻ واري سَڌ لاءِ ڏاڍيون حرفتون، ترڪتاليون ۽ سازشون ڪيون. تان جو اڀرندا ٽي درياھ راويءَ، بياس ۽ ستلج پنھنجن ھمقوم ڀائرن کي لکي پڙھي ڏنائون ۽ دادلن درياھن جا سؤدا ڪري پوءِ ئي دم پٽيائون.
ورھاڱي وقت ستلج نديءَ تي ٺھيل فيروزپور ۽ مڌوپور ھيڊ ورڪس انڊيا جي حدن ۾ اچي ويا، جن مان پنجاب جي ٻن واھن ديپالپور ۽ سينٽرل باري دو آب کي پاڻي ملندو ھو. جنھن مامري کي حل ڪرڻ لاءِ انگريزن بي ڪميٽيءَ جوڙي ھئي. جيڪڏھن بي ڪميٽيءَ جي حل کان ڪا ڌر مطمئن نہ ٿئي، تہ اھا ان نبيري خلاف ثالثي ٽربيونل ۾ وڃي پئي سگهي. پاڪستان جي آبپاشي سيڪريٽري ايس آءِ محبوب بي ڪميٽيءَ ۾ درخواست داخل ڪئي. جنھن ويل ان درخواست جي ٻڌڻيءَ جو وقت ٿيو، تہ اوچتو کيس بدلي ڪري پنجابي انجنير شيخ عبدالمجيد کي مقرر ڪيو ويو. عالي جناب شيخ عبدالمجيد اتي ڪيس وڙھڻ جي ضرورت ئي محسوس ڪانہ ڪئي، ۽ ماڳھين بي ڪميٽيءَ ۾ داخل ڪيل درخواست ئي واپس وٺي ڇڏيائين ھيڏي وڏي معاملي تي ايڏي غيرذميداراڻي روش ڪو اتفاق ڪونہ ھو، پر ھڪ سوچيل سمجهيل سازش ھئي. پاڻي واري مسئلي جي تاريخ جي ھن مرحلي جي باري ۾ انگن اکرن، دليلن ۽ تاريخي حقيقتن جي روشني ۾ ڪافي لکيو ويو آھي. جنھن ڪري عام طور تي ماڻھو ان کان گهڻا واقف آھن. سو پاڻ ھن ذڪر کي صفا سرسري ڏسندي اڳتي ٿا ھلون. پر جي ڪنھن مھربان کي ھن سلسلي ۾ تفصيلي جائزي جي ضرورت آھي تہ شير محمد بلوچ جو ڪتاب ”پاڻيءَ منجھ پساھ“ ۽ رسول بخش پليجي جو ”سنڌ پاڻي ڪيس“ نظر مان ڪڍي.
گهوڙا گهوڙا ھئي ٻن واھن جو پاڻي روڪڻ تي؛ اھي تہ ڪونہ مليا، پر الٽو ٽي درياھ ويا پنجابي مسلمانن جي سک پنجابي ڀائرن ڏانھن. ھاڻي سڄو مارو ھو سنڌو نديءَ تي. ڪھڙو فرق پوندو جي سنڌي تباھ ٿي ويا يا مري ويا!؟ ڪوبہ نہ؛ پر ڳالھ اڃا اڳتي ٿي ھلي.
سنڌي ڀائرن تي مھرباني ٿا ڪريون منگلا ڊيم جي. اھو ڊيم تہ ھوندو ئي سنڌ لاءِ! ۽ پورت ڪندو اڀرندين ٽن ندين جيِ کٽل پاڻي جي!“ ڊيم ٺھيو، پر ان جو سمورو پاڻي صرف پنجاب جي واھپي ھيٺ آھي. ھاڻي جھلم ۽ چناب مان سنڌوءَ ۾ پاڻي جو ڦڙو بہ ڪونہ ٿو اچي.
سنڌين تي ٻيو ٿورو ڪيو ويو آھي چشما جھلم لنڪ ڪئنال جو. چيائون: ”چشما جھلم لنڪ ڪئنال ٿا ٺاھيون، جيئن سنڌي ڀائرن جو ٻوڏن دوران ٻڏي مرڻ کان بچاءَ ٿي سگهي.“ جڏھن منگلا ديم ٺھي ويو، چشما جھلم ڳانڍُو ڪئنال ٺھي ويو، تڏھن نئين سج نوان ماڻا ڏسڻ ۾ ٿا اچن.
چشما جھلم لنڪ ڪئنال جڙي راس ٿيو ذوالفقار علي ڀٽي جي دؤر ۾. ھيءَ ڪئنال صرف اٿل ۽ ٻوڏن جي ڏينھن ۾ سنڌ جي رضامندي سان ٿورن ڏينھن لاءِ عارضي بنيادن تي وھائڻو ھو. پر 16 آڪٽوبر 1973ع تي پنجاب جي گورنر طرفان سنڌ سرڪار کي لکت ۾ آگاھي ڏني وئي تہ اھو ڪئنال ٻارھوئي وھايو ويندو. البت 1975ع تائين ان کي کولڻ لاءِ سنڌ کان مڙيئي رسمي اجازتڙي پيا وٺندا ھئا. بعد ۾ جنرل ضياءَ جي دؤر ۾ 1985ع ڌاري پنجاب جي فوجي گورنر جنرل غلام جيلاني ۽ واپڊا جي چيئرمين صفدر بٽ سمورا لنڪ ڪئنال زوريءَ کولائي ڇڏيا. ھاڻي اھي يڪو پيا وھن ۽ سنڌو درياھ جو پاڻي کڻي وڃي پيا پنجاب جي درياھن ۾ وجهن. چشما جھلم لنڪ ڪئنال ذريعي سنڌو نديءَ جو پاڻي جھلم ۾ ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ذريعي سنڌوءَ جو پاڻي چناب ۾ وڌو ٿو وڃي. اسان جي گهڻن ماڻھن کي اھا خبر ئي ڪانھي تہ انھن ڳانڍُو ڪئنالن ذريعي سنڌوءَ جو پاڻي کڻي وڃي پنجاب جي درياھن ۾ ٿَميو ٿو وڃي. خود سنڌوءَ جي پنهنجي پيٽ جو پاڻي انهن درياهن ۾ هجڻ جي باوجود پنجند کان هيٺ سنڌو درياه ۾ پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه ٿو ڇڏيو وڃي. اڳي جتي هر سال پنجند وٽان 2 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ٿيندو هو، اتي هڪ وڏي عرصي کان هيٺيون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ ٿو رهي.
جنرل ضياءَ جي دؤر ۾ حالتن جو وھڪرو ٻين رخن ۾ ھجڻ ڪري پاڻي جي رٿائن تي گهٽ ڌيان ڏنو ويو. ان ھوندي بہ ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ جو اعلان ٿيو. سال 1988ع ۾ جمھوريت بحال ٿي تہ وزيراعظم بينظير ڀٽو ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ لاءِ بجيٽ ۾ پئسا رکيا. نواز شريف وري نئين طمطراق سان ڪالاباغ ڊيم کي ائٽم بم جھڙو اھم چاڻائيندي ان تي ڪم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
جيتوڻيڪ بعد ۾ بينظير ڀٽو اوٻاوڙي ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻو ھنيو. پر حقيقت ھيءَ آھي تہ پيپلز پارٽي جون سموريون حڪومتون پاڻي جي سوال تي سنڌ سان انصاف ڪرڻ ۾ ناڪام رھيون آھن. ذوالفقار علي ڀٽي جي پھرين حڪومت کان وٺي موجودا دؤر تائين انھن جو ڪوبہ فيصلو پاڻي واري حق لاءِ سنڌين جي طرفداري ڪري نہ سگهيو آھي. ان سلسلي ۾ شھيد فاضل راھي جو فرزند ۽ پ پ پ جي ھاڻوڪي سنڌ حڪومت جو وزير پنھنجي جيل ڊائريءَ ۾ لکي ٿو:
ڀٽو جي پ پ حڪومت ملڪ کي صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي منصفانا تقسيم جو ڪوبہ فارمولا نہ ڏيئي سگھي. بلڪِ الٽو پنجاب مان مليل اڪثريتي ووٽ ۽ حڪمراني جو احسان سنڌو درياھ جي پاڻي تي چشما جھلم لنڪ ڪئنال جي اڏاوت جي صورت ۾ لاٿو ويو. ڀٽي صاحب پنجاب کي وڌيڪ پاڻي ڏيئي حڪومت تہ ڪئي، پر ملڪ کي ھڪ اھڙو مسئلو ڏيئي ويو، جيڪو اڄ بہ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي مامري تي ڪالاباغ ڊيم کان پوءِ سڀ کان زيادا تڪراري اشو بڻيل آھي. 1988ع ۾ جمھوريت بحال ٿي ۽ محترما بينظير وزيراعظم ٿي. سنڌ جي ماڻھن سمجهيو ٿي ۽ انھن جون اميدون ھيون تہ پاڻي جيڪو ھنن لاءِ جيئڻ مرڻ جو مسئلو آھي، ان تي ھاڻي ساڻن ضرور حق ۽ انصاف ڪيو ويندو. پر بينظير ڀٽو جي حڪومت بہ ان مسئلي تي ڪو فيصلائتو ۽ ٺوس قدم کڻي نہ سگهي مسئلي کي درگذر ڪندي فقط وقت گذاريءَ کان ڪم وٺندي رھي. پ پ حڪومت نہ رڳو 1991ع جي پاڻي معاھدي کان سنڌ جي حق ۾ ڪو بھتر فارمولو يا ايگريمينٽ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي، پر کيس ان آئيني ۽ قانوني دستاويز تي بہ عمل جي توفيق نہ ٿي. 1994ع ۾ وفاق جي رضامنديءَ سان ھڪ وزارتي سطح جي گڏجاڻي ۾ پ پ جي سنڌ حڪومت ھڪ اھڙي فارمولي کي نہ رڳو قبول ڪيو، پر ان تي عمل بہ ڪيو، جنھن ۾ سنڌ جي پاڻي جو حصو 1991ع جي معاھدي کان بہ گهٽايو ويو.“ (محمد اسماعيل راھو، ”جيل جا ڏينھن، جيل جون راتيون“، جلد ٻيو، ص 184، 185
اھا ھڪڙي تلخ تاريخي حقيقت آھي تہ ڀٽي جي دؤر ۾ چشما جھلم ڳانڍُو ڪئنال جو ڳٽ سنڌين جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويو، تہ وري ھن دؤر ۾ پ پ حڪومت ديامير ڀاشا ڊيم جو ڳٽ سنڌين جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ گهري ٿي. مراد علي شاھ جي حڪومت وقت بوقت ديامير ڀاشا ڊيم سميت سڀني ڊيمن تي راضپي جا مٺا مٺا ڳيچ ڳائي رھي آھي. حقيقت ھيءَ آھي تہ نہ سنڌي قوم جا دائمي مفاد پيپلز پارٽي ۽ ان جي حڪومتن جي اوليت تي آھن ۽ نڪي وري منجهس پاڻيءَ مسئلو حل ڪرڻ جي اھليت ئي آھي.
پرويز مشرف تہ ھن سلسلي ۾ سڀني کان بدتر نڪتو. ھن جو ڊيمن ۽ پاڻي جي ٻين رٿائن ٺاھڻ تي ايڏو گهڻو زور رھيو، جو ان کي بنان ھٻڪ جي فطرت دشمن حڪمران چئي سگهجي ٿو. ڏسجي تہ ھيءَ مملڪت ئي پنھنجي جوھر ۾ درياھ دشمن ۽ فطرت دشمن آھي، جنھن جي پرويز مشرف صرف نمائندگي ٿي ڪئي. ھاڻي رڳي ڪالاباغ ڊيم ئي نہ پر ڀاشا ڊيم، اکوڙي ڊيم، مھمند ڊيم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي پاڻي رٿائون آھن، جن تي زور ڏنو پيو وڃي. اھي سڀ رٿائون، جيڪي واپڊا جي ويزن 2025ع ۾ شامل ھيون، ھوريان ڏاڍيان اڳتي وڌايون پيون وڃن. عمران خان بہ انھن رٿائن لاءِ بجيٽ ۾ ڏوڪڙ ٿي رکيا، تہ شھباز شريف ۽ بلاول ڀٽي زرداري جي موجودا گڏيل حڪومت بہ ڀاشا ڊيم سميت ٻين پاڻي رٿائن جي تعمير لاءِ پئسا رکيا آھن. ھتي ھر حڪومت ۾ ڊيمن جو ڪارو ديوَ دريا بوءِ دريا بوءِ ڪندو وتي.
جڏھن درياھن ۽ پاڻيءَ مامرن جو اختيار واپڊا حوالي ھو، تڏھن بہ پاڻي جي ورھاست ۾ سنڌ سان ناانصافيون ٿينديون ھيون، ۽ ھاڻي جڏھن اختيار ارسا وٽ آھن تڏھن بہ ”ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھ“ واري ڪار آھي. ھتي سڀ حاڪم رڍون ٻوٿ ڪاريون، دل ڪاريون ۽ سڄي ڪايا ڪاريون آھن. ھٻڇ، قبضي ۽ اندر جي اھا ڪاراڻ سنڌو نديءَ مٿان راوڻ جھڙي رات مڙھي رھي آھي. جنھن خلاف تاريخي جدوجھد جي ضرورت آھي، تہ جيئن سنڌو نديءَ جون سونيون، روپيون ۽ لعلن جھڙيون لھريون هميشہ ڇلنديون رھن ۽ سندس کٿوريان وِترو وَھڪرو سدائين وھندو رھي.
Support The Independent Journalism: click here to donate