عمرڪوٽ:گلاب ڀيل 28 ورهين جو پورهيت شادي شده نوجوان غربت کان تنگ ٿي زندگي جو ڏيو اجهائي ڇڏيو. گلاب جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته اسان جي گهر ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان کائڻ لاء ڪجھ ڪونھي اسين لنگھن ڪاٽڻ تي مجبور آھيون منهنجو ڀاء مزدوري جو چئي نڪتو هو جنهن غربت کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي آھي.
اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش تعويل ۾ وٺي ڇور جي سول اسپتال آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. عمر ڪوٽ ۾ هي پهريون خودڪشي جو واقعو ناهي ان کان اڳ به ڪيترائي ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.
Support The Independent Journalism: click here to donate