اهڙو ئي انصاف جو تشدد ڀريو روپ 14 جون جي ڏينهن تي بلوچ عورتن، ٻارڙين، نارين ۽ مردن جي جهول ۾ پيو. هونءَ ته اِهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو رياست پنهنجي تشدد ڀريو روپ عام شهرين مٿان عيان نه ڪيو هجي۔
جڏهن به ڪنهن انصاف جي ڳالهه ڪئي ان جي آواز کي دٻايو ويو آهي ۽ اهڙي ئي قسم جي رويي کان بلوچ، سنڌي ۽ پشتون چڱي ريت واقف آهن (درحقيقت بنگالي (موجوده بنگلاديش) به واقف رهي چڪا آهن) هر وقت عوام جي روح تي ناحق جا وار ٿيندا رهن ٿا. رياست جو تشدد ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي ان جي ابتڙ هر ڏينهن مضبوط ۽ سگهارو ٿي مظلومن مٿان ڪڙڪي پيو۔
اهڙو ئي ڪجهه بلوچ عورتن ۽ مردن سان ٿيو. ڇا اهو پهريون ڀيرو هو؟ يقينن هرگز به نه۔
اهڙو هڪ ڏينهن خالي ناهي جو بلوچ احتجاج ڪندي نظر نه اچن هر روز ساڳي درد جو ڪيئنرو کڻي احتجاج ڪن ٿا انهن جي اکين ۾ اداسي ۽ آواز ۾ پيڙاهه ڪنهن کان ڳجهي ناهي ها! پر جيڪي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ نه چاهين ته انهن تي اهي منظر به بي اثر هوندا جيڪي سنڌ جي دل ڪراچي جي روڊن تي بلوچن سان ٿيندي نظر آيا. سنڌ پوليس جو قهر بلوچ عورتن ۽ مردن تي سنڌو ماتا ڌرتي مٿان ڪڙڪيو. ظلم ڪندڙن کي رتي برابر به احساس نه ٿيو ته اهي ڇا ڪري رهي آهن؟ اهي ڪيترا نه اڻڄاڻ آهن ته تشدد سان حق کي دٻائڻ چاهين پيا پر هر ويل انهن کي ناڪامي ئي نصيب ٿيندي رهي آهي۔
آخر! اهڙو ڪهڙو گناه ڪبيرا ٿيو جو پوليس وحشياڻو تشدد ڪرڻ ۽ غيرمهذب لفظن ڏيڻ تي لهي آئي هيلينا جي مٿان ٻولن وانگر محسوس ٿي رهيو آ ته بلوچ مائرن، نارين ۽ مردن کي تشدد ڪري قيد خاني تائين گهليو ويو جيڪي اڳ ئي غم سان چور ٿيل آهن انهن مٿان تشدد ڪري ڪنهن کي فتح ڪرڻ چاهين پيا. بلوچ! ڇا گهري رهيا هئا؟ ايترو ئي نه ته ڪراچي يونيورسٽي جا ٻه کنڀيل شاگردن کي آزاد ڪيو وڃي۔
سنڌو ماتا جي سيني تي هڪ وڌيڪ گهاوَ جو اضافو ٿيو جو بلوچ نارين سان اهڙو غير اخلاقي ورتاءُ رکيو ويو ڄڻ آمريت جو راڄ هجي
جڏهن رياست بلوچن جي ٽن ڏينهن تائين ٿيندڙ احتجاج کي اڻٻڌو ڪندي ته پوءِ لازم آ حڪمرانن جي اوچين ديوارين تائين صدا پهچائڻ لاءِ انهن ڏانهن قدم کڻڻا پوندا ۽ ٻڌائڻو پوندو ته هاڻي ظلم جي هر حد پار ٿي چڪي آهي۔
بلوچن پنهنجو هر احتجاج پرامن ئي رکيو آهي ۽ هِن ڀيري به پُرامن ئي هئا بلوچن جو احتجاج انهن مذهبي گروپن يا عمران خان جي احتجاج جيان نه هو جيڪي رياست کي يرغمال بڻائي رکندا آهن ۽ ان کانپوءِ پوليس ته پري ڳالهه آ رياست هڪ اکر ٻاهر ناهي ڪڍي سگهندي باقي بلوچن جي پرامن احتجاج تي رياست پنهنجو پورو تشدد ڪندي نظر اچي ٿي۔
سنڌو ماتا جي سيني تي هڪ وڌيڪ گهاوَ جو اضافو ٿيو جو بلوچ نارين سان اهڙو غير اخلاقي ورتاءُ رکيو ويو ڄڻ آمريت جو راڄ هجي۔
سمي بلوچ جيڪا احتجاج جي اڳواڻي ڪري رهي هئي ان جو چوڻ ته اسان (بلوچ عورتن) جي مٿي تان چادر هٽائي وئي، تشدد ڪيو ويو ايترو ئي نه پر اسان جي پيرن مان جتيون به لاٿيون ويون ويو ائين لڳو ڄڻ اسان جي پيرن هيٺيان زمين ئي کسڪجي وئي هجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته احتجاج جون ويڊيوز ۽ تصويرون آمريت دور جون عڪاسي ڪري رهيو آهن۔
پر سمي کي ڪير وڃي ٻڌائي ته بلوچن تي تشدد پهريون ڀيرو ناهي ٿيو اهڙا خوفناڪ بادل هر دفعي آيا جن بلوچن کي ڪمزور ڪرڻ چاهيو پر اهي ڪمزور نه ٿيا درحقيقت ڏٺو وڃي ته ان ڏينهن جمهوريت جي مٿي تان چادر ڇڪي وئي ان ڏينهن ڪراچي جي روڊن تي جمهوريت مٿان تشدد ٿي رهيو هو. ان ڏينهن پيپلز پارٽي جي جمهوريت جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي وئي. ان ڏينهن سنڌ حڪومت جي جمهوريت جي پت واکي ٿي ڪاش! پيپلز پارٽي پنهنجي جمهوريت جي مٿان ٿيندڙ ظلم تي ماتم ڪري. اهي هڪ ڏينهن ماتم ڪندا هن وقت اقتدار جي جهولي ۾ مست پيپلز پارٽي کي احساس ئي ناهي ته اسٽبلشمينٽ انهن جي اقتدار ۾ بلوچن سان جيڪو قهر ڪيو ان جي وضاحت سنڌ حڪومت ڪهڙن لفظن ۾ بيان ڪندي سنڌ حڪومت جي وزيرن جو چوڻ ته انهن کي ڪا خبر ئي نه هئي۔
ڪاش! شهيد محترمه بينظير ڀٽو زنده هجي ها ته هو بلوچ مائرن ۽ نارين سان ملڻ ضرور وڃي ها ۽ انهن کي ٻڌائي ها ته حق گهرڻ ۽ ناحق خلاف وڙهڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي ناهي پر جمهوريت جي آڪسيجن آهن
ايترا معصوم هوندا ايتري خبر نه هئي چوندا آهن ته ايتري معصوميت ڏ يکاريو جو لڳي ته معصوم آهيو نه ڪي بيوقوف لڳڻ لڳو۔
پوليس جو وحشياڻو تشدد وڏي واڪي ٻڌائي ٿو ته هتي جيڪو به حق جي ڳالهه ڪندو ان تي تشدد ڪيو ويندو ۽ جيڪي حق لاءِ آواز اُٿارڻ لاءِ نٽهڻ اُس هيٺان بيهي احتجاج ڪندا انهن کي بيغيرت ۽ بي شرم چيو ويندو۔
آمنه بلوچ جيڪا پڻ احتجاج جي اڳواڻي ڪري رهي هئي ان کي پوليس آفيسر سجاد چيو ته: ”يه ڪيا بيغيرتي اور بي شرمي لگا رکي هي.“ هاڻي هِن رياست ۾ ظلم خلاف آواز اُٿارڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي ۾ شمار ٿيندا۔
ڪاش! شهيد محترمه بينظير ڀٽو زنده هجي ها ته هو بلوچ مائرن ۽ نارين سان ملڻ ضرور وڃي ها ۽ انهن کي ٻڌائي ها ته حق گهرڻ ۽ ناحق خلاف وڙهڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي ناهي پر جمهوريت جي آڪسيجن آهن. پر سنڌ حڪومت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جو انهن جي ڪنهن هڪ وزير بلوچ نياڻين سان ملڻ جي پرواهه به نه ڪئي ملڻ ته پري جي ڳالهه آ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بلاول ڀٽي ٻه اکر لکي ڪري افسوس جو اظهار به نه ڪيو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي جمهوريت جي مٿان ٿيندڙ تشدد تي ٻه اکر لکي ها يا وري ان جو اندازو ئي ناهي۔
خير! ائين نه ناهي ته سنڌ حڪومت احتجاج ڪندڙن سان ملڻ ناهي ويندي اهي ويندا آهن جن مٿان هلڪي ڦلڪي لٺ لڳي وڃي ته وزيراعليٰ کان وٺي وزيرن تائين انهن جي گهرن ڏانهن هلي ويندا ۽ اهڙي جمهوري مهرباني صرف ايم ڪيو ايم (پاڪستان) تي هميشه رهندي آهي۔
هاڻي اتي سمي، آمنه يا بلوچ ناريون پرامن احتجاج ڪندڙ آهن تشدد ڀريو هڪ بيان ته ڏيڻ پري جي ڳالهه آهي اهي سوچ به نه ٿيو سگهن. سنڌ حڪومت انهن ڏانهن ڇو ويندي ۽ هاڻي اسان وٽ حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ وارن لاءِ نئين تشريع آئي آهي ته حق گهرڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي آ پوءِ اهو بلڪل نه وسارڻ گهرجي ته جيڪي اڄ اقتدار ۾ آهن سڀاڻي نه هوندا ۽ جي اهي حقن جي ڳالهه ڪندا …. مطلب اهڙي ڪا بي غيرتي يا بي شرمي ڪندا۔
بلوچ جن جا روح ناانصافي سهندي زخمي ٿيل آهن جن جي اکين ۾ سواءِ درد ۽ اداسي جي هاڻي ڪجهه به ناهي غير مهذب لفظن گهاون ۾ اضافو ڪيو آهي جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي وساري نه ٿو سگهجي پر هر زخم جي اندر سگهه لڪل هوندي آ ۽ بلوچ وري زخمن ۽ گهاون مان اُڀري ٻيهر احتجاج ڪندا انهن لاءِ جيڪي هن وقت به لاپتا آهن جيتوڻيڪ جن ٻن شاگردن لاءِ احتجاج ڪيو ويو هو انهن کي آزاد ڪيو ويو آهي پر هتي ڪير پڇڻ واري ناهي ته آخر ماڻهن کي کنڀيو ڇو پيو وڃي۔
هن وقت تائين اعليٰ عدليه بلوچن تي ٿيندڙ تشدد جو نوٽس ناهي ورتو باقي بحريا جي خلاف سنڌين جي احتجاج تي ان وقت جي اعليٰ عدليه جي جج کي درد ٿيو هو ته سنڌين بحريا خلاف احتجاج ڇو ڪيو جتي عدليه هلڪڙو نوٽس به نه ورتو هجي۔
اتي سنڌ حڪومت به روايت کي قائم رکندي پوليس جي وحشياڻي تشدد تي ڪميٽي جوڙي آهي ٿيڻ ائين گهربو هو ته پوليس آفيسرن تي معطل ڪيو وڃي ها. ائين ٿيو ڇاڪاڻ جو تشدد ڪنهن وزير يا امير تي نه ٿيو هو. هي تشدد بلوچن تي ٿيو ان ڪري بس تنقيد کي ٿڌو ڪرڻ ڪميٽي جوڙي ڇڏي ڪميٽي تي وڌيڪ ڇا چئجي بس ايترو ئي چوندس ته ميرا قاتل هي ميرا منصف هي ڪيا ميري حق مين فيصلا دين گا۔
Support The Rise News click here to donate
- بحريا ٽائون سنڌ جي زمين کان وٺي تاريخي ورثي کي قتل ڪندڙ - 11.25.2023
- شهيد افضل لنڊ! ايندس مان واپس ايندس ضرور - 09.12.2023
- زين شاهه: گهر گهر ۾ گوليون فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳولهيون - 09.07.2023
- فاطمه: تنهنجو قاتل ڪير؟ - 08.24.2023
- ديا ڀيل ڪيس: ها هوءَ سنڌي هندو هئي - 03.29.2023
- ٻڏيلن جو ڪو به سهارو ناهي - 09.05.2022
- ڇا حق گهرڻ بي غيرتي ۽ بي شرمي آهي؟ - 06.16.2022
- ڪريما بلوچ: تون مرڻي ناھي - 12.23.2020
- ڇا سنڌ ۽ بلوچستان وفاق جون ڪالونيز آھن؟ - 10.15.2020
- !دنيا جنت ٿيڻي ناهي - 03.28.2020