ڪويتا جو والد تقريبن ٻن سالن کان ڌيءَ جي راهه ڏسي رهيو آهي. 22 جون تي ڪيس جي ٻڌڻي رکيل آهي ان ڏينهن فيصلو ڪيو ويندو ته ڪويتا والدين ڏانهن يا جن ڪويتا کي اغواهه ڪيو انهن ڏانهن موڪلي ويندي.
والد جو چوڻ ته هِن جو جج تي ڀرسو ناهي ڇاڪاڻ جو جج جو جهڪاءُ ان ڌر ڏانهن آ جن منهنجي ڌيءَ کي اغواهه ڪري مذهب تبديل ڪرايو.
ڪويتا مارچ 7، 2021 اغواه ڪرڻ کانپوءِ مذهب تبديل ڪرايو ويو. والدين جي احتجاج کانپوءِ ڪيس درج ٿيو ۽ ناري جي عمر جي حوالي سان هڪ ميڊيڪل ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ ثابت ٿيو ته ڪويتا نابالغ آهي. والد ڪويتا جي عمر جي حوالي سان ٻڌايو ته ناري جي عمر 14 سال آهي ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪاغذ به موجود آهن ان جي باوجود به ميڊيڪل رپورٽ ۾ ناري جي عمر 17 سال ڏيکاري وئي ان وقت ناري اهو بيان به ڏنو ته هوءَ والدين ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي پر عدالت ڪويتا کي شلٽر هائوس اُماڻي ڇڏيو.
ڪويتا والدين سان رهڻ چاهي ٿي
والد ڪويتا جي حوالي سان وضاحت ڪندي ٻڌايو ته هوءَ پهرين ڏينهن کان اسان (والدين) سان رهڻ چاهي ٿي پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي. هن هڪ ڪاغذ ڏيکاريو جنهن ۾ ڪويتا جو اقرار آهي ته هوءَ والدين ڏي وڃڻ چاهي ٿي.
بيان ۾ ڪويتا کان شلٽر هائوس جي سنڀاليندڙ مسلم نالو لکاريو اهو چئي ته هاڻي هوءَ مسلمان ٿي چڪي آهي.
سنڌ حڪومت هر دفعي دعوا ڪندي رهندي آ ته هو زوريءَ مذهب جي تبديلي جي بل تي سنجيده آهن.
هڪ پاسي حڪومت جون دعوائون ته ٻئي پاسي جنوري کان وٺي هن وقت تائين (جڏهن ته ڪيترائي ئي ڪيس ميڊيا تي رپورٽ به نه ٿيا آهن) 11 ننڍي ڄمار واريون ناريون زوري مذهب تبديل کان پوءِ شادي ڪرائي وئي ۽ سنڌ حڪومت ڪنهن هڪ ڪيس تي به نوٽس نه ورتو ڪويتا جي والد جو چوڻ ته هو پنهنجي ڌيءَ جي حوالي سان شديد پريشان آهي ۽ ان جي هن وقت ڪير به مدد ڪرڻ واري ناهي. هن سنڌ حڪومت کان گذارش ڪئي ته ڪويتا واپس ڪرائي ڏيو. جيتوڻيڪ ڪويتا لکت ۾ ڏئي چڪي آهي ته هوءَ والدين سان رهڻ چاهي ٿي.
Support The Rise News click here to donate