سکر: سنڌ صوبي جي ٽنھي بئراجن جي ڪئنالن ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪندي پئي وڃي. کوٽ 61سيڪڙوتي پھتل آھي سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 51سيڪڙو ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 69سيڪڙو تي پھتل آھي گڊو بئراج جا بيگاري سنڌ فيڊر، ڊيزرٽ پٽ فيڊر ،۽ گھوٽڪي فيڊر ۾ سئو سيڪڙو کوٽ سبب ڪئنال نه کلي سگهيا، سکر بئراج جي کاٻي پاسي مان نڪرندڙن نارا ڪئنال ۾ 12800 ڪيوسڪ بجاء 8800ڪيوسڪ جتي کوٽ 31.25 سيڪڙو،روھڙي ڪئنال ۾ 13366ڪيوسڪ بجاء 8000ڪيوسڪ جتي 40.1سيڪڙو کوٽ رڪارڊ،خيرپور فيڊر ايسٽ ۾ 2275ڪيوسڪ بجاء 1050ڪيوسڪ جتي 53.4سيڪڙو کوٽ رڪارڊ،خيرپور فيڊر ويسٽ 1975 ڪيوسڪ بجاء 1050ڪيوسڪ جتي46.8سيڪڙو کوٽ رڪارڊ،اھڙي طرح ڪوٽڙي بئراج جي ڪيئنالن ڪلري بگهاڙ فيڊر ۾ 1820ڪيوسڪ بجاء 1320ڪيوسڪ جتي 27.5سيڪڙو کوٽ رڪارڊ اڪرم واھ ۾ 3410ڪيوسڪ بجاء 760ڪيوسڪ جتي 77.7سيڪڙو کوٽ رڪارڊ،اولڊ ڦليلي ڪئنال3650ڪيوسڪ بجاء 1130ڪيوسڪ جتي 69سيڪڙو کوٽ رڪارڊ،نيو ڦليلي ڪئنال ۾ 6820ڪيوسڪ بجاء 1595ڪيوسڪ جتي 76.6سيڪڙو کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آھي ھوڏانھن تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 99ھزار600سو ڪيوسڪ اخراج 85000ھزار ڪيوسڪ آھي ڊيم 14فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيڻ بعد ڊيم جي ليول11 14 فوٽن تي پھچي وئي آھي
ڪابل ندي جا وھڪرا 37100ھزار ڪيوسڪ تي پھتل ڪالا باغ بئراج تي پاڻي جو مٿاھو وھڪرو 83083ھزار ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 76583ھزار ڪيوسڪ ٿل ڪئنال 6500ڪيوسڪ پاڻي کنيو پيو وڃي.چشما بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھو وھڪرو 101978ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 91ھزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته تڪراري چشما جھلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسان پنجند لنڪ ڪئنالن ۾ 4ھزار400سو ڪيوسڪ پاڻي زبردستي کنيو پيو وڃي.تونسا بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھو وھڪرو 73ھزار77ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 64ھزار674ڪيوسڪ آھي
جڏھن ته تونسان بئراج وٽان سنڌ جي لاء ڇڏيل ۽ غائب ٿي ويل 13ھزار ڪيوسڪ پاڻي ست ڏينھن گذرڻ جي باوجود گڊو بئراج وٽ ناھي پھتو.ٻئي طرف تونسان بئراج وٽان مظفر ڳڙھ ڪئنال ۾ 3000ھزارڪيوسڪ ڊيرا غازي ڪئنال ۾ 3000ھزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ ڪري ھن وقت پنجاب صوبي جي ڪئنالن کي 85سيڪڙو پاڻي ملي رھيو آھي
سنڌ جي ٽنھي بئراجن تي پاڻي جي کوٽ 61سيڪڙو تي پھتل آھي.سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھو 31010ھزارڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 11150ھزار ڪيوسڪ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھو وھڪرو 5145ڪيوسڪ جڏھن ته ڊائون ۾ صرف 100ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آھي
Support The Independent Journalism: click here to donate