ناري پوجا اوڏ، 18 ورهين جي بي رحماڻي قتل خلاف وارثن جو قومي شاهراھ تي لاش رکي ڌرڻو اعلي اختيارين کان نوٽس وٺي انصاف جي اپيل ان سلسلي ۾ روھڙي جي علائقي پٽڻي ٿاڻي جي حد ٽنڊو ٻوراھو واري علائقي ۾ ڏينھن ڏٺي جو گھر ۾ گھڙي گوليون ھڻي نوجوان ناري پوجا جي قتل خلاف مقتولا ناري جي وارثن انصاف جي حاصلات لاءِ قومي شاهراھ تي لاش رکي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.
ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻن جو چوڻ ھيو ته لاشاري برادري جي ماڻھن پاران گھر ۾ گھڙي نوجوان ناري کي گوليون ھڻي بي ڏوھ قتل ڪيو آھي ھنن چيو آھي تہ اسيڻ مسڪين آھيون ڪنھن سان ڪا دشمني ناھي خبر ناھي تہ پوجا کي ڇو قتل ڪيو ويو آھي ھوڏانھن قومي شاهراھ تي لڳل ڌرڻي سبب سنڌ . پنجاب ۽ بلوچستان طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رھي پوليس ڏوهاري محمد علي لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٻه ڄڻا اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.
Support The Independent Journalism: click here to donate