جيئن آمريڪا ٻين مھاڀاري جنگ دوران جمهوريت جو مرڪز هيو، ساڳي ريت ھاڻي وائرس خلاف هلندڙ جنگ ۾ به آمريڪا دنيا لاءِ ويڪسين جي دستيابي جو پهريون وسيلو بڻيل آهي
صدر بائيڊن جو نظريو پهرئين ڏينهن کان ئي چِٽو رهيو آهي ته ڪووڊ-19 کي شڪست ڏيڻ ۽ آمريڪا جي شهرين ۽ معيشت جي تحفظ جو هڪڙو ئي حل آهي ته پنهنجي سرزمين سميت سڄي دنيا مان ڪروناوائرس جو خاتمو ڪيو وڃي. ڪرونا خلاف اسان جي ان جنگ ۾ اسانجو سڀ کان طاقتور هٿيار، محفوظ ۽ اثرائتا ٽُڪا آهن.
ان ڏس ۾ ڪرونا خلاف ٽُڪا لڳائڻ لاءِ اسان آمريڪا جي شهرين ۽ دنيا جي ٻين ماڻهن وچ ۾ ڪنهن هڪ جي چونڊ نه پيا ڪيون ڇاڪاڻ ته سڀني ماڻهن کي ٽُڪا لڳائڻ لازمي آهي. ان ئي سبب ڪري اسان ٻئي ڪم هڪ ئي وقت ڪري رهيا آهيون.
هن وقت تائين آمريڪا بين الاقوامي سطح تي ڪروناوائرس جي خاتمي واري ويڪسين جون 63 ڪروڙ خوراڪون ڏيڻ جو عزم ڪيو آهي. ان منجهان 16 ڪروڙ خوراڪون ته اڳ ۾ ئي پيرو کان پاڪستان، سريلنڪا کان سوڊان، ايل سلواڊور کان ايٿوپيا، ميڪسيڪو کان مراڪش ۽ ڪيمرون کان ڪمبوڊيا سميت هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن ۾ پهچايون ويون آهن. گڏيل آمريڪي رياستن هن وقت تائين دنيا جي ڪنهن به ٻئي ملڪ جي ڀيٽ ۾ مجموعي طور سڀ کان وڌيڪ ٽُڪا فراهم ڪيا آهن جڏهن ته روزانو جي بنياد تي وڌيڪ ٽُڪا موڪلڻ جو سلسلو به جاري آهي.
صدر بائيڊن تازو ئي اعلان ڪيو آهي ته سندس انتظاميا ان سلسلي ۾ اڃا به وڌيڪ اُپاءُ وٺندي. بين الاقوامي سطح تي عطيو ڪرڻ جي غرض سان جُون مهيني ۾ خريد ڪيل فائزر بايونٽيڪ ڪرونا ويڪسين جي پنجاهه ڪروڙ خوراڪن کانپوءِ اسان ويڪسين جي امداد ٻيڻي ڪرڻ جو عزم ڪيون ٿا ۽ فائزر جا اضافي پنجاهه ڪروڙ ٽُڪا خريد ڪري دنيا جي گهٽ آمدني وارن ملڪن کي عطيو ڪيا ويندا.
اهو آمريڪي رياست جو تاريخي عزم آهي جنهن کانپوءِ سڄي دنيا ۾ آمريڪا پاران عطيو ڪيل ويڪسين جو انگ هڪ ارب ڏهه ڪروڙ ٿي ويندو. ڀيٽ ڪبي ته ڪنهن به آمريڪي شهري کي لڳايل هڪ ٽُڪي عيوض عالمي سطح تي ٽن ماڻهن کي ٽُڪا فراهم ڪيا پيا وڃن. اهو به واضح رهي ته اهي ٽُڪا وڪڻيا نه پر عطيو ڪيا پيا وڃن ۽ ان عيوض انهن ملڪن آڏو نه ته ڪا پيشگي شرط رکي پئي وڃي ۽ نه ئي وري ڪي جبري واعدا ورتا پيا وڃن.
بين الاقوامي سطح تي آمريڪي قيادت پاران ويڪسين موڪلڻ جون ڪوششون بائيڊن انتظاميا پاران ملڪ جون واڳون سنڀالڻ کانپوءِ ئي ڪيل محتاط منصوبابندي جو نتيجو آهن. شروعات ۾ اسان آمريڪي شهرين لاءِ جهجهي مقدار ۾ ٽُڪا خريد ڪيا ۽ ممڪنه طور تي وڌيڪ ٽُڪا لڳائڻ جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي اضافي ويڪسينون به حاصل ڪيوسين. ياد رهي ته صدر بائيڊن آمريڪي عوام سان اهو واعدو ڪيو هيو ته اسان کي مستقبل ۾ ڪڏهن به اهڙي صورتحال پيش نه ايندي جنهن ۾ اسان کي غيرمتوقع وائرس سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ويڪسين جي گهٽتائي جو منهن ڏسڻو پوي. ان سان گڏ ئي اسان دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ويڪسين پهچائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي، پنهنجي ملڪ ۾ دواساز ڪمپنين جي جلد کان جلد ويڪسين ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ٻين ملڪن جي امداد خاطر ڪروڙين ٽُڪا خريد به ڪيا. هاڻي جڏهن اسان پنهنجي ملڪ ۾ آمريڪي شهرين کي ويڪسينيشن جو سلسلو جاري رکيون پيا اچون ۽ ويجهڙ ۾ ئي وڌيڪ خوراڪون فراهم ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون ته صدر امدادي ويڪسين جو انگ ٻيڻو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
اهو به واضح رهي ته اهي ٽُڪا وڪڻيا نه پر عطيو ڪيا پيا وڃن ۽ ان عيوض انهن ملڪن آڏو نه ته ڪا پيشگي شرط رکي پئي وڃي ۽ نه ئي وري ڪي جبري واعدا ورتا پيا وڃن
جيئن آمريڪا ٻين مھاڀاري جنگ دوران جمهوريت جو مرڪز هيو، ساڳي ريت ھاڻي وائرس خلاف هلندڙ جنگ ۾ به آمريڪا دنيا لاءِ ويڪسين جي دستيابي جو پهريون وسيلو بڻيل آهي.
پر اسان ڪو به قدم اڪيلي سِر نه پيا کڻون. ڪرونا هڪ عالمي وبا آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ پڻ بين الاقوامي سطح جي ردعمل جي ضرورت آهي. ان سببان اسان پنهنجن اتحادين ۽ بين الاقوامي تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون جن ۾ گروپ آف سيوَن ۽ ڪواڊ به شامل آهن ته جيئن اسان سڀني لاءِ خواهش ۽ ضرورت واري فرق کي ھڪ ئي دفعي ۾ ختم ڪري ڇڏيون.
صدر بائيڊن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ عالمي رهنمائن ۽ خانگي شعبي جي نمائندن سان رابطو ڪري پنهنجي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اسان کي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن وقت تائين ٻاهرين ملڪن ڏانهن اُماڻيل 16 ڪروڙ ٽُڪن سميت ڪروناوائرس وارا اهي سڀئي ٽُڪا قيمتي انساني جانيون بچائڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن. هن وقت ان جي تمام گهڻي ضرورت به آهي ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا ۾ ان وائرس جي ڪري پنجاهه لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن.
اسان کي ڀلي ڀت خبر آهي ته اڃا به گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سڀني کي گڏجي ان ڏس ۾ اڃا پڻ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. اهو ئي سبب آهي ته صدر بائيڊن اسان کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ اندر توڙي ملڪ کان ٻاهر ويڪسين جي تياري ۾ تيزي آندي وڃي، ويڪسين اُماڻڻ لاءِ هڪ مضبوط حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ۽ عالمي سطح تي ان وبا ۽ مستقبل ۾ اهڙين ٻين وبائن خلاف ويڪسين تيار ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو وڃي. اسان سڄي دنيا ۾ وڌ کان وڌ ماڻهن کي ڪرونا خلاف ٽُڪا لڳائڻ لاءِ سامان جي ترسيل، برابري جي بنياد تي رسائي ۽ گهربل مقدار ۾ ٽُڪن جي دستيابي کي يقيني بنائڻ وارين ڪوششن ۾ رُڌل آهيون. آمريڪا ڪووڊ-19 کي شڪست ڏيڻ لاءِ پُر عزم آهي. ان مقصد جي حاصلات تائين اسان دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون ۽ ان ڪم جي تڪميل تائين سُک سان نه ويھنداسين.(آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن ۽ وائٽ هائوس جي ڪروناوائرس ريسپانس ڪوآرڊينيٽر جيفري زينٽس پاران گڏيل طور لکيو ويو.)
آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن ۽ وائٽ هائوس جي ڪروناوائرس ريسپانس ڪوآرڊينيٽر جيفري زينٽس پاران گڏيل طور لکيو ويو
ڪراچي آمريڪي سفارتخاني جي ٿورن سان
Support The Independent Journalism: click here to donate