ڏيپلو: ٿر ڪول بلاڪ ون ۾ انتظاميا جي لاپرواهي سبب ٿرواسي سيفٽي آفيسر تڙپي تڙپي فوت، ٿرواسين ۾ ڏۡک ۽ ڪاوڙ جي لهر، واقعي جي جاچ ڪرائي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو، خبر موجب هريش کوکر پٽ ڪرشن کوکر چين جي نارٿ ايسٽ نارمل يونيورسٽي شنگهائي مان ماحولياتي سائنس ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ڪجهه ڏينهن اڳ ٿر ڪول بلاڪ ون ۾ سيفٽي آفيسر طور ڀرتي ٿيو هو.
چيو وڃي ٿو ته سيفٽي آفيسر هريش دل ۾ تڪليف سبب فوت ٿيو آهي، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پهرين اسلام ڪوٽ ۽ پوءِ مٺي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هُن دم ڏيئي ڇڏيو، نوجوان آفيسر جو مڙهه هن وقت سندس ڳوٺ ويڙهيجهپ نيو ويو آهي جتي آخري رسمن بعد سندس مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته فوتي نوجوان جو مڙھ کڄڻ وقت هر اک آلي ٿي پئي.
فوتي جي وارثن موجب ٿرڪول انتظاميا جاب ڏيڻ بعد هريش کي ڪورنٽائن ڪري ڇڏيو هو، جتي هو ڊاڪٽر جي لاپرواهي ۽ وقت سر علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿيو آهي، هريش جي ڀيڻويي انجنيئر ڪبير جو چوڻ آهي ته، منهنجي ڀيڻويي تڪليف وڌي وڃڻ جون دانهون ڪيون پئي، پر دانهڻ باوجود انتظاميا ڌيان ئي نه ڏنو، هريش اهي به شڪايتون ڪيون ته، سيفٽي آفيسرن سان سيفٽي انچارج جو رويو درست نه آهي، هو ڪورنٽائن جو مدو مڪمل ٿيڻ باوجود سيفٽي آفيسرن کي موڪل نه ٿو ڏي.
ان کانسواءِ هو ملازمن کي ٿر ڪول انتظاميا پاران غير معياري کاڌو فراهم ڪرڻ جون به شڪايتون ڪندو هو، هنن جو چوڻ آهي ته هريش ٿر ڪول انتظاميا جي لاپرواهي ۽ وقت سر علاج نه ٿيڻ ڪري فوت ٿيو آهي، معاملي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
دي رائيز نيوز جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو