اجي لالواڻي جي والد دليپ ڪمار جو چيو تہ ھن جو پٽ اجي لالواڻي بھادر صحافي ھو ۽ ھن ھر وقت بي آواز لاءِ آواز اُٿاريندو رھيو.
صالح پٽ ۾ اجي لالواڻي کي اڻڄاڻ ماڻھن قتل ڪيو. اجي کي ان وقت قتل ڪيو ويو جڏھن ھو حجام جي دڪان تي موجود ھو. جيتوڻيڪ پوليس کي اطلاع ڏني وئي تہ ڪجھ اڻڄاڻ ماڻھو موٽرسائيڪل ۽ ڪار ۾ گھمي رھيا آھن جڏھن تہ انھن جي موٽرسائيڪل ۽ ڪار تي نمبر پليٽ لڳل ناھي. پوليس ڏينل ا.طلاع تي ڌيان نہ ڏنو ۽ ڪجھ وقت کان پوءِ ساڳي ڪار ۽ موٽرسائيڪل تي موجود ماڻھن اجي لالواڻي کي قتل ڪري ڇڏيو
اجي لالواڻي کي ان جي والد سکر اسپتال پھچايو. دليپ ڪمار جو چوڻ ھو تہ اجي بھادر پٽ ھو جنھن کي ٽئي گوليون لڳڻ باوجود بہ ھِن فون ڪئي ۽ ھو ڪوشش ڪري ڳالھائي رھيو ھو. ھِن وڌيڪ چيو تہ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن اسان کي ٻڌايو تہ اجي لالواڻي ھاڻي خطري کان ٻاھر آھي. تعجب آ جو اسان کي پنجي بجي فون ڪري ٻڌايو ويو تہ اجي گذاري ويو.
اجي لالواڻي جي فيملي مقامي چينل تي ڳالھائيندي چيو تہ قاتل اجي کي اغواہ ڪن ھا پر ائين قتل نہ ڪن ھا.
صحافين ۽ صحافي ڪميونٽي ڪيس ۾ شفاف تفتيش جي گھر
صحافين صوبي ۾ احتجاج ڪيا ۽ حڪومت کان ڪيس ۾ شفاف تفتيش جي گھر ڪئي. جڏھن تہ صحافين جي تحفظ لاءِ ڪميٽي جي ايشيا پروگرام جي ڪورآڊينيٽر اسٽيون بٽلر بيان جاري ڪندي چيو تہ ڪيس جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ جلد از جلد قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.
اجي لالواڻي کي ڌمڪيون ڏيندڙ ڪير
دي رائيز نيوز اجي لالواڻي جي والد کان سوال ڪيو تہ جيڪڏھن انھن ڪا خبر ھجي تہ قتل جا پيرا ڪيڏانھن ٿا وڃن جنھن تي دليپ ڪمار جو چوڻ ھو تہ اجي ڌمڪين بابت ٻڌايو ھو. اجي عرفان جتوئي ڪيس تي کُلي ڳالھائي رھيو ھو ۽ پوليس جي ڪارروائي ۾ قتل ڪرڻ تي سخت سوال اٿاريا ھئا جنھن کانپوءِ ھِن کي ڪجھ اڻڄاڻ نمبرن تان فون آئيون جو ھڪ ماڻھو پاڻ کي پوليس کاتي طرفان ظاھر ڪندي اجي لالواڻي کي چيو تہ تنھنجي ايتري ھمت جو تون اسان جي صاحب تي سوال اُٿاري رھيو آھين.
اجي لالواڻي بھارد صحافي ھو ۽ ان ڌمڪين ملڻ باوجود آواز اُٿاريندو رھيو. اسان جي حڪومت کان گھر آھي تہ اھي ڪيس جي جاچ ڪرائين. جيتوڻيڪ ھن وقت تائين سنڌ حڪومت طرفان ڪنھن بہ رابطو ناھي ڪيو ۽ نہ ئي پوليس تعاون ڪري پئي. پوليس ايف آءِ آر بہ درج ان وقت ڪئي جڏھن صحافين آواز اُٿاريو.
دليپ ڪمار ڪيس جي حوالي سان چيو تہ انھن پنھنجو پٽ وڃايو آھي. اھي ڪيس تان ھٿ نہ کڻندا ۽ اصل قاتل تائين ضرور پھچندا.