ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لوڪل گورنمينٽ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته محمودآباد ۽ ٻين نالن لاءِ اختيار ڪيل بحالي واري ماڊل جيان ڪي ايم سي جي 41 ۽ ڊي ايم سي جي 514 سوڌو باقي 555 نالن جي صفائي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. هن چيو ته محمود آباد ۽ گجر نالن جي ماڊل صفائي هڪ مڪمل پيڪيج هو جنهن تحت نه رڳو نالن تان حددخلين کي هٽايو ويو پر متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي معاوضو پڻ ڏنو ويو ۽ هاڻي پشتن سان گڏ روڊ به تعمير ڪيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح ماڊل کي سڀني ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي نالن جي صفائي سٿرائي لاءِ تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اربن فلڊ جو مسئلو هميشه لاءِ حل ٿي سگهي.
اهڙو اظهار هن جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽيشن ڪميٽي (پي سي آءِ سي) جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن سعيد غني، ناصر شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، جي او سي ڪراچي محمد عقيل، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، وي سي اين آءِ ڊي ڊاڪٽر سروش لوڌهي، ايڊيشنل سيڪريٽري فيڊرل پلاننگ ڪميشن عزيز عقيلي، ڪمشنر ڪراچي نويد شيخ، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي لئيق احمد، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ شارق، سيڪريٽري آبپاشي سليم کهڙو ۽ چيئرمين اين ڊي ايم اي ويڊيو لنڪ ذريعي اسلام آباد مان اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته محمود آباد نالي سان گڏ حدخلين واري مهم 4 جنوري 2021 تي شروع ڪئي وئي ۽ نالن جي ٻنهي پاسن تي 7.5 ڪلوميٽر صاف ٿي چڪو آهي جڏهن ته معاوضي جي 56 چيڪن مان 49 چيڪ ورهايا ويا آهن. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڪمشنر ڪراچي نويد شيخ چيو ته ڪي ايم سي جي وڏن نالن کان علاوه شهر ۾ 514 نالا آهن جن مان 298 نالن جي صفائي سٿرائي وارو ڪم شروع ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته صفائي جي ڪم تي تقريبن 430 ملين رپيا خرچ ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته ڊي ايم سي پنهنجن وسيلن مان 119 ملين رپيا خرچ ڪندو ۽ باقي 316 ملين رپيا گهربل آهن. سنڌ جي وڏي وزير مڪاني کاتي واري وزير ناصر شاهه کي گهربل رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن فنڊز منظوري کانپوءِ جاري ڪري سگهجن. وائيس چانسلر اين اي ڊي ڊاڪٽر سروش لوڌهي اجلاس کي ٻڌايو ته 39 نالن جي نيڪال جو مڪمل نيٽ ورڪ 229.12 ڪلوميٽر تي پکڙيل آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن منظور ڪالوني نالي، گجر نالي، اورنگي نالي، گجر نالي جي ڊسٽريبيوٽرز ۽ منظور ڪالوني جي ڊسٽريبيوٽرز جي تفصيلي سروي رپورٽ جمع ڪرائي باقي 25 نالن جي سروي رپورٽ تيار ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته حب نالي ۾ 37 رڪاوٽون آهن تنهنڪري هن امڪاني وهڪري لاءِ 10 کان 25 فٽ تائين وڌائڻ جي تجويز ڏني ساڳي ريت عيسيٰ نگري نالي ۾ 68 رڪاوٽون آهن تنهن ڪري انکي وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي. مديني ڪالوني نالي ۾ 103 رڪاوٽون آهن تنهنڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته نالي کي وڌائڻ ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو. مواڇ ڳوٺ نالي ۾ 76 انٽرسيپيٽنگ اسٽرڪچر آهن، هارون آباد ۾ 26 ۽ پچر نالي ۾ 30 رڪاوٽون آهن ۽ وائيس چانسلر انهن کي لائين ٺاهڻ ۽ انهن جا مسئلا هائڊرولڪ بنيادن تي حل ڪرڻ جي تجويز ڏني. سعدي ٽائون: وي سي اين اي ڊي ٻڌايو ته سعدي ٽائون گذريل تيز برساتن ۾ ٻڏي ويو هو جڏهن برسات جو پاڻي سپر هاءِ تان هتي داخل ٿيڻ لڳو. هن لياري ندي ۾ پاڻي ڇڏڻ لاءِ سعدي ٽائون کان هڪ الڳ نالو تعمير ڪرڻ جي تجويز ڏني. وڏي وزير لوڪل گورنمينٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته اين اي ڊي يونيورسٽي پاران تجويز ڪيل نالن جي ٻيهر ترتيب لاءِ تفصيلي پلان تيار ڪيو وڃي. گجر نالو: سروي موجب گجر نالي سان گڏ 3957 اڏاوتن کي ختم ڪرڻ آهي. گجر نالي جي ڊيگهه 12.6 ڪلوميٽر آهي. ڪجهه حددخلين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم 8 فيبروري کان 18 فيبروري 2021 تائين مڪمل ڪيو ويو ۽ 19 فيبروري کان وٺي مڪمل ريت حددخلين کي ختم ڪيو پيو وڃي.
وزيراعليٰ سنڌ کي ٻڌايو ويو ته 3957 معاوضي جي چيڪن مان 3587 متاثر ٿيل ماڻهن ۾ ورهائيا ويا آهن ۽ باقي چيڪن کي حوالي ڪرڻ جو عمل جاري آهي. اورنگي نالو: اورنگي نالو ضلع اولهه ۾ 6 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ان جي پشتن سان گڏ 1013 اڏاوتن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ انهن سڀني جي تفصيل ڏني وئي آهي. حددخلين کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ مارچ 2021 کان مڪمل ريت حدخلين کي هٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اورنگي نالو ضلع ڪيماري ۾ 1.6 ڪلوميٽر ڊگهو آهي جتي 193 اڏاوتن کي هٽايو ويو آهي. ري سيٽلمنٽ تحت متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۾ معاوضي جا چيڪ ورهايا پيا وڃن.
دي رائيز نيوز جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو