لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ خانگي اسپتال جي آپريشن ٿئيٽر ۾ ڄنڳهه جي آپريشن دوران شادي شدہ عورت سان مبينا جنسي زيادتي وارو معاملو، مغيري برادري سميت مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن جو ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو، پوليس خانگي اسپتال کي سيل ڪري ڇڏيو، وارثن ضمانت تي آزاد ڊاڪٽر شعيب چانڊيو جي گرفتاري ۽ ٻيهر ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب لاڙڪاڻي شهر جي سچل ٿاڻي جي حد ۾ قائم نجي اسپتال ۾ 3 ڏينهن اڳ ڄنگهه جي آپريشن دوران ڊاڪٽر، ٽيڪنيش سميت ٻئي عملي پاران آپريشن دوران جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ خلاف وارثن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن احتجاج ڪندي گھُر ڪئي تہ انصاف ڪيو وڃي هنن چيو ته واقعي بعد ڊاڪٽر شعيب چانڊيو کي گرفتار ڪرڻ بعد کيس ڇڏي ڏين انصاف جو قتل آهي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته ڊاڪٽر شعيب چانڊيو کي گرفتار ڪري خانگي اسپتال کي سيل ڪرڻ سان گڏ وارثن جي مرضي موجب ايف آئي آر داخل ڪرائي وڃي ٻي صورت ڌرڻو جاري رهندو.
هوڏانهن چانڊڪا اسپتال جي پوليس سرجن آفيس مان عورت جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪئي وئي جنهن ۾ عورت جي جسم جي ڪنهن به حصي تي تشدد ٿيل ناهي جڏهن ته عورت جا سيمپلز ڊي اين اي لاءِ لمس موڪليا ويا آهن. ٻئي پاسي لاڙڪاڻو پوليس شهر جي چانڊڪا پل وٽ قائم خانگي اسپتال کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.
مبينا جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل عورت جي وارثن جو موقف آھي تہ ڊاڪٽر بيھوش ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ انھن ڪيس جي جاچ تي عدم اعتبار جو اظھار ڪيو.
دي رائيز نيوز جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو