پنوعاقل شهر ۾ بدفعلي بعد قتل ڪيل معصوم نينگر آفاق واگهو جي ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نينگر جي موت جو ڪارڻ ڳچي ۾ رسو ٻڌي ماريو ويو آهي ۽ رپورٽ ۾ نينگر سان جنسي زيادتي جي تصديق پڻ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته قتل ٿي ويل نينگر کي اک ۾ ڌڪ سڄي ڳٻي پاسي ٻنهين هٿن تي پيرن تي به تشدد جا نشان موجود آهن.
ميڊيڪيوليگل ڊاڪٽر آصف شيخ ٻڌايو ته نينگر آفاق واگهو جا جزا روهڙي ڪيميڪل ليبارٽري گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ اسٽوپيٿالاجي ۽ حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڊي اين اي جا جزا موڪليا ويا آهن واضح رهي ته 6 ڏينهن اڳ پنوعاقل جي مهراڻ ڪالوني ۾ مسجد جي ڇت تان معصوم نينگر آفاق واگهو جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو هو، جنهن بعد پوليس ڪاروائي ڪندي شڪ جي بنياد تي 25 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو جنهن مان هڪ جوابدار شفيق جتوئي نينگر آفاق واگهو کي جنسي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو، جنهن بعد پوليس جوابدار شفيق جتوئي کي عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت جوابدار کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
Support The Rise News click here to donate