14 مارچ جي رات جو ڪويتا جي خاندان مٿان ڪجھ ماڻھن فائيرنگ ۽ باھ ڏئي ڌمڪايو ويو
ڪويتا جي والد تخت دي رائيز نيوز سان ڳالھائيندي چيو تہ ڌيءَ اسان جي اغواہ ڪري ان جو زوريءَ مذھب تبديل ڪرايو ويو ۽ مٿان وري اسان جي مٿان ئي حملا ڪيا پيا وڃن تہ اسان ڪيس داخل نہ ڪرايون.
ڪالھ ڪويتا ڪماري جي والد تخت احتجاج ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ جيڪڏھن ڪويتا کي بازياب نہ ڪرايو ويو تہ ھو پاڻ کي باھ ڏيندي. ان جي احتجاج کانپوءِ ڪجھ ماڻھن ڪويتا جي خاندان کي ڌمڪايو تہ ھو ڪيس بہ داخل نہ ڪن ۽ خاموش رھن.
تخت واضح ڪندي چيو تہ اسان پنھنجي ڌيءَ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪنداسين ۽ مان ڪيس داخل ضرور ڪندس. جڏھن تہ ھن وقت تائين سنڌ حڪومت طرفان ڪنھن بہ رابطو ناھي ڪيو جنھن حوالي سان تخت افسوس جو اظھار بہ ڪيو.
بخشاپور ۾ هنڌو نياڻين جو جبري مذهب تبديل ڪرائڻ ۽ ذيادتين خلاف ميگهواڙ برادري پاران راما پير مندر مان پلي ڪارڊ هٿن ۾ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي ميگهواڙ برادري جي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ هنڌو برادري جي نياڻين جو جبرن مذهب تبديل ڪرائڻ ۽ ذياتيون ڪرڻ بند ڪيو وڃي تنگواني واسڻ تيرهن ورهين جي ڪويتا ڪماري اوڏ ڏهرڪي واسڻ آرتي ڪماري ميگهواڙ کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ بعد جبرن مذهب تبديل ڪرايو ويو آهي جيڪو سراسر غلط عمل آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا هنن چيو ته ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرائڻ جي قانون اجازت ئي ڪون ڏئي پيو هنن چيو اهڙن واقعن سبب اسان غير محفوظ سمجهيون پيا پنهنجن نياڻين کي تعليم جي ذيور کان محروم رکڻ تي مجبور بڻجي ويا آهيون.
دي رائيز نيوز جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو