فشرفوڪ تنظيم طرفان صوبائي سطح تي ھڪ ڏھاڙي ڊيلٽا ۽ سنڌ درياءَ لاءِ انسانذات وارو حق تي سيمينار ڪرايو. ڊيلٽا ۽ سنڌو درياءَ سان پيش ايندڙ مسئلن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. فشرفوڪ پنھنجي فورم تان سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ اھي سنڌو درياءَ کي انسانذات وارو حق ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ايڪٽ پاس ڪرائين.
جيتوڻيڪ اھو ڏٺو ويو آھي تہ پاڪستان ۾ موجودہ حڪومت کان وٺي ھر حڪومت ڊيمن ٺاھڻ تي زور ڏينديون رھيو آھن پر ان جي مخالفت سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواہ ڪندا رھيا آھن ۽ ھن وقت سنڌ جي گھُر رھي آھي تہ اھي سنڌو تي ڪو بہ ڊيم قبول نہ ڪندا.
ڊاڪٽر حسن عباس انٽيگريٽڊ واٽر ريسورس مينجمنٽ جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جو چوڻ ھو تہ اسان وٽ درياءَ جي جڳھ تي پاڻي کي اھميت ڏني وئي آھي جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو اسان گروپن ۾ ورھائجي ويا آھن ۽ اسان اھو ڏسي ئي نہ ٿا سگھو تہ سنڌ درياءَ کي ڪيترو نہ نقصان پھچي رھيو آھي. سنڌو درياءَ اسان سڀني سان جوڙيل آھي جيڪو ھينئر ڏينھن ڏينھن تباھ ٿئي پيو.
ڊاڪٽر عباس رياست جي حڪمرانن تي تنقيد ڪئي تہ اھي سنڌو درياءَ جي تباھي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناھن جيڪڏھن توھان انھن سان ڳالھائيندوء تہ اھي توھان جي اڳيان سنڌ طاس معاھدو کڻي اڳيان رکندا جيڪو معاھدو ان وقت جي آمر ايوب خان ٻن ٽڪن جي عيوض ڪيو ھو. ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ ھڪ پاسي دنيا ڊيم ختم ڪري رھي آھي تہ ٻئي پاسي پاڪستان ۾ ڊيمن ٺاھڻ لاءِ زور ڏنو پيو وڃي ڇاڪاڻ جو ان ۾ وڏيون ڪمپنيون ۽ ڪميشن شامل آھن.
نثار پنھور ماحوليات ۽ ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر چيو تہ پاڻي جي کوٽ ھجڻ ڪري سماج ۾ خاص طورتي ٽئي پاسا جن ۾ صنعتي، زراعت ۽ گھريلو ڪم ڪندڙگھڻا متاثر ٿيندا. سنڌ پاڻي جي کوٽ کي گھڻو منھن ڏئي رھي آھي جنھن سان گڏوگڏ ڊيلٽا بہ تباھ پئي ٿئي.
نثار پنھور 1991 جي ٺاھ تي نتقيد ڪندي چيو تہ ان جي مطابق ڊيلٽا ئي پاڻي ڏنو ويندو جيڪو ھن وقت تائين ناھي ڏنو ويو پر افسوس جو پاڻي ڏيڻ جي بجاءِ الٽو سنڌ کي چيو ويندو آھي تہ سنڌ پنھنجي حصي مان ڊيلٽا کي پاڻي ڏي جڏھن تہ ڊيلٽا قومي سطح جو مسئلو آھي جنھن جو حل ۾ قومي سطح تي ٿيڻ گھرجي ان لاءِ ضروري آ تہ 1991 جي ٺاھ تي ٻيھر نظر ثاني ڪئي وڃي.
گرانٽ ولسن ڊائرڪٽر ارٽ لاء سينٽر آن لائن ذريعي سيمينار ۾ شامل ٿيو جنھن دريائن لاءِ انسانذات وارا حق تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ھن جو چوڻ تہ سنڌو درياءَ پاڪ درياءَ آھي ان ئي پنھنجي فطري انداز سان وھڻ ڏنو وڃي. درياءَ ڪنھن جي ذاتي ملڪيت ناھن. انھن جو تحفظ ڪرڻ انتھائي ضروري آھي.
گرانٽ ولسن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ ھن وقت تائين ڪيترن ملڪن پنھنجي آئين ذريعي دريائن کي ان جا حق ڏنا آھن مثال طور: بنگلاديش پنھنجي آئين ۾ پنھنجي ملڪن جي سڀني دريائن کي آئين حق ڏئي ڇڏيا ان جو مطلب رياست ڪو بہ ڪم دريائن جي خلاف نہ ڪندي دريائن کي بہ فطري حق حاصل آھن.
ان لاءِ ضروري آھي تہ پاڪستان ۾ سنڌو درياءَ کي بچائڻ لاءِ ھڪ تحريڪ ھلائي وڃي جيئن فشرفوڪ تنظيم ڪم ڪري رھي آھي ۽ پڻ عام ماڻھن کي سجاڳي ڏئي پئي.
خالق جوڻيجو قومپرست اڳواڻ جو چوڻ ھو تہ پھرين اھو طئي ڪيو تہ توھان کي حق رياست کان ڪھڙا گھرجن؟ انھن وٽ اسان لاءِ اھي حق آھن تہ اسان جي ماڻھن کي اغواہ ڪن ۽ پوءِ قتل ڪري ڇڏين. اسان جي سنڌو درياءَ کي قتل ڪرڻ جو مطلب سنڌو تھذيب کي قتل ڪرڻ آھي. ھن پنجاب جي ماڻھن تي حيرت جو اظھار ڪيو تہ پنجاب جا ماڻھو سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن کي استعمال ڪن ٿا جيڪڏھن توھان انھن کان پڇندوء تہ توھان بہ سنڌ سان پنھنجو پاڻي شيئر ڪريو تہ پوءِ اھي چوندا، ھو پنھنجا جو پاڻي آھي باقي سنڌ ۽ بلوچستان جا وسيلا انھن تي آساني سان پنھنجو حق رکن ٿا.
پاڪستان ۾ ٻن قسمن جون قوتون آھن ھڪ قوت سنڌو درياءَ مٿان ڊيم ٺاھڻ چاھي ٿي تہ ٻئي سنڌو درياءَ کي بچائڻ چاھي پئي.
ڪرامت علي پائلر جي صدر جو چوڻ ھو تہ آزاد ٿيڻ کان وٺي اسان سنڌو درياءَ کي بيدردي سان استعمال ڪيو آھي. پاڪستان ۾ ھارين کي زمين نہ ٿي ملي باقي جاگيردارن کي آساني سان زمين ڏني پئي وڃي. ڪرامت علي خدا جو شڪر ادا ڪيو تہ چيف جسٽس ثاقب نثار ريٽائرڊ ٿي وڃي جيڪو ڊيم ٺاھڻ چاھي پيو. ججن جي ڳالھ تي خالق جوڻيجو تبصرو ڪيو ويو تہ توھان ھتي ججن کي ڊيمن جي نقصانن بابت ڪيئن آگاھ ڪندوء جنھن ملڪ ۾ جج ڌر ٿي ڊيم جي لاءِ مھم ھلائن اتي انصاف ڪيئن ملي سگھندو.
سيمينار ۾ شريڪ ٿيندڙن پنھنجي تشويش جو اظھار
محمد علي ٿھيم جو چوڻ ھو تہ ھن جو ڳوٺ ۽ گھر سمنڊ جو پاڻي ڳڙڪائي ويو حڪومت پناھگيرن ۽ پنجاب جي ماڻھن کي اسان جي ضلعن ۾ وسائي رھي آھي تہ پوءِ اسان جيڪي ڊيلٽا ۾ پاڻي نہ ھجڻ ڪري متاثر ٿيا آھيو انھن کي بہ پنجاب ۾ جڳھ ڏني وڃي.
ٺٽي کان آيل فيمل سوال اٿاريو تہ رياست جي پاليسين سبب اسان جا شھر متاثر ٿيا آھن. ان ڪري رياست تي ڪيس داخل ٿيڻ گھرجي.
محمد علي شاھ فشر فوڪ جو ايگزيڪٽو جو چوڻ ھو تہ سنڌ حڪومت سنڌو درياءَ جي تحفظ لاءِ انڊس ريور ايڪٽ پاس ڪرڻ گھرجي. ھن پنھنجي طرفان تيار ڪيل ايڪٽ پيش ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي. اسان وٽ ڊيمن ٺاھڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو، جڏھن تہ اڳوڻي آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما سلمن مڇي کي بچائڻ لاءِ ٽن ڊيمن کي ختم ڪيو ۽ ھتي پلوء ختم ٿي رھيو آھي ۽ ڊيم ٺاھيون پيون وڃن. ھن پڻ اھو چيو تہ دنيا ۾ 30 کان 40 کان ڊيمن مان زمين کي پاڻي ڏنو وڃي پيو.
ڊيم مسئلي جو حل نہ پر پاڻ خود ڊيم وڏو مسئلو آھي. ھن ڊيلٽا جي مسئلي تي ڳالھائيندي چيو تہ سمنڊ ۽ درياءَ ھڪ ٻئي جا محبوب آھن جيڪڏھن ھڪ تي بند ٻڌا ويندا تہ ٻئي طرف سمنڊ جو اڳتي وڌي رھيو آھي اھو پنھنجي محبوب (درياءَ) ڏانھن وڌي رھيو آھي.
Support The Rise News click here to donate