پير ڳوٺ: مونيڪا لاڙڪ ڪيس ۾ عبدالله لاڙڪ ڏوھ قبول ڪري ڇڏيو جيتوڻيڪ پوليس ڪيس ۾ اھم اڳڀرائي پوليس راشدي خاندان مان ٻن ڄڻن سيد عابد مصطفيٰ شاھ ۽ سيد علي حيدر شاھ کي گرفتار ڪيو آھي. مک جوابدار عبدالله لاڙڪ جي ڊي اين اي ٽيسٽ ميچ ٿي وئي.ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ تہ اصل قاتل جلد واکو ڪيو ويندو
مونيڪا جي چاچي ضمير لاڙڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته نينگري پيرڳوٺ جي راشدي پيرن جي گھر ۾ ڪم ڪندي ھئي ليمن جا وڻ صرف راشدي پيرن جي گھرن ۾ لڳل آھن ۽ نينگري جي ڳلي ۾ ليمن جي لامرو لڳل ھيون نينگري کي حويلي ۾ مارڻ بعد سندس لاش ڪيلن جي باغ ۾ اڇليو ويو ھيو ھن چيو ته اسانکي شڪ آھي ته سندس قتل ۾ راشدي پير ملوث آھن ھوڏانھن خيرپور پوليس حيدرآباد لڳ پيرڳوٺ جي 2 راشدي پيرن کي مونيڪا جي قتل جي مبينا الزام ھيٺ گرفتار ڪري ورتو آھي
سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر زيادتي بعد قتل ٿي ويل معصوم نينگري مونيڪا جي تڏي تي پھتو وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ انتظاميا کان مطالبو ڪيو تہ قاتلن کي جلد از جلد گرفتار ڪيو وڃي.
Support The Rise News click here to donate